سائين مان پنهنجي زندگيءَ جي ٻي شاعري پيش ڪري رهيو آهيان جيڪا ڪجهه ڀڳل ٽٽل آهي، بلڪل ادا علي علي جي ڀوري منهن وانگر....... ڪا غلطي هجي ته سڌاريندا. هيءَ شاعري مان ممبئي جي لوڪل ٽرين ۾ لکي آهي..... هڪ ڳالهه ٻڌ تون ڪن لائي...... مونکي توسان محبت آهي توکي ڀاڙو تنهنجو ملندو، ڏس مهينو کن دل ۾ رهائي. ڀلي وٺ آزمائش منهنجي، کارائيندس توکي ڇولا کپائي. چوان نه ٿو سهڻا ڪري به ڏيکاريندس، وٺ تون اسٽامپ پيپر تي لکائي. توکي ميڪ اپ آڻي ڏيندس، لوڪ سڄي جا پئسا چورائي ساحل ڪندس سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ، چوين ته ڏيان واعدو ورائي. يار ٻڌائجو ته توهان کي کل آئي يا نه اگر نه آئي ته پوءِ ٻڌو. بيوٽي پارلر ۾ ڇوڪرين جي حسن تي خرچو 6-5 هزار ايندو آهي مردن جي لئه ڏسو ٻي رپئي جي بليڊ ۾ خوبصورت ٿي ويندو آهي.
دوست رنجيت لکندو رهو ... اميد ته منهن اڇو ٿي ويندو ... باقي يار اسان وٽ منهن ڪاري ڪرائڻ جا ڪئي مطلب آهن ... واضح ڪندا ... باقي عشق ۾ سڀ جائز آهي asul matt hall chari shabash shal judy hujeen
سائين واه جي غلطي پڪتي اٿوَ، مونکي پاڻ اها سٽ ڪکي پئي.............. بس جيڪو ايندو ويو اهو لکندو ويس. يار لوڪل ۾ ويهڻ جي جاءِ ڪونه ملندي آهي بس مڙئي موبائل تي پيا ٽائيپ ڪندا آهيون....توهان سائين ان سٽ ۾ ترميم ڪري ڏيو
ادا نثار ابڙو ته آهي ڪهاڻيڪار، پر ڪڏهن ڪڏهن شاعري پر سُٺي شاعري ڪري ويهندو آهي۔ ادا رنجيت تو واري مزاحيه محبت واري شاعري ٺيڪ آهي پر شاعري جو مطلعو مطلب سنڌي ۾ ٿلهه هڪ ڳالهه چوڻي توکي آهي...... مونکي توسان محبت آهي ۾ ٽيڪنيڪي لحاظ سان هڪڙي معمولي غلطي آهي ڇو جو تُنهنجي شاعري جو ڪافيو آهي ، ناهي، ڪرائي، لکائي تو مطلعي جي پهرين سٽ ۾ به آهي وارو ڪافيو استعمال ڪيو آهي ته ٻي سٽ ۾ پڻ آهي جو ڪافيو استعمال ڪيو آهي ان ڪري جيڪڏهن ناراض نه ٿيو ته پنهنجو مطلعو هن ريت رکو هڪ ڳالهه ٻُڌ تون ڪن لائي مونکي توسان محبت آهي جڏهن ته جنهن مصرع جي نشانڌهي ادا نثار ابڙو ڪئي هُئي ۽ اها مصرع توهان کي ڪُکي پي ان کي هن ريت رکو۔ ميڪ اپ توکي آڻي ڏيندس راڄ سڄي جا مان پيسا چورائي يا بابا جا مان پيسا چورائيباقي سمورا سُک هونئن به سنڌي ٻوليءَ ۾ مزاحيه شاعريءَ تقريبن نه هُئڻ برابر آهي بهرحال سدائين جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان۔
بس سائين ايئن ئي سمجهو اهو ٻن روپين واري بليڊ نه پر روپئي واري بليڊ جو ڪمال آهي. هڪ ڏينهن آفيس مان موڪل هئي منهنجو به موڊ ٿي پيو سو پنهنجا وار لهرائي اچي فرينچ ڏاڙهي رکي پوءِ ته بس جيڪا گهر وارن مونسان تازي ڪئي اها مونکي خبر هوندي.