رئوف نظاماڻي عورت جي غلامي جا ڪارڻ بنيادي طور تي سماجي آهن، جن کي حياتياتي فرق جي لحاظ کان پيش ڪيو ويندو آهي. هونئن ته حياتياتي لحاظ کان انسان هئڻ جي حيثيت ۾ عورت مرد ۾ ڪو بنيادي فرق ناهي پر جيڪڏهين کڻي ان ڳالهه کي مڃجي به ته اهڙو ڪو فرق وجود رکي ٿو ته اُن لحاظ کان به عورت کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن جي ڪري مرد تي مٿڀرائپ حاصل آهي. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ مادري نظام ۾ خاندان جي سڃاڻپ ۽ سلسلو عورت جي حوالي سان ئي هلندو هو ۽ اهو چيو ٿو وڃي ته قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب وقت به ماڻهن کي سندن مائرن جي نالي سان سڏيو ويندو. اها ڳالهه پنهنجي ليکي آهي، ته عورت کي مرد جي ٺاهيل سماج، نسل، وڌائڻ جي ذريعي طور، پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي استعمال ڪيو آهي، پر جيڪڏهن ٿورو غور سان ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه چٽي ٿي آڏو ايندي ته اِهو دراصل عورت جو ڊپ آهي، جنهن مرد کي مٿس پابندين وجهڻ ۽ ان لاءِ مختلف قانون ۽ جواز ٺاهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. گهڻا راهب ۽ مختلف مذهبن جا پوئلڳ ته ايستائين جو عورت کي شيطان جو ٻيو روپ قرار ڏيندا آهن، جيڪا سندن پارسائي ۽ عبادت ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي. اهڙو وقت به هو جڏهن عيسائي راهب ۽ پادري ان خيال کان مهينن جا مهينا نه وهنجندا ۽ نه ئي ڪپڙا بدلائيندا هئا ته جيئن ڪا عورت سندن ويجهو نه اچي. وچولي دور ۾ جڏهن يورپ ۾ چرچ جي مخالفن سان گڏ، گهڻين اهڙين عورتن کي به ڏائڻ قرار ڏيئي ايذايو ۽ جيئرو ساڙيو ويندو هو، جن جي ذهانت ۽ سونهن کي چرچ جا اڳواڻ پنهنجي لاءِ خطرو سمجهندا هئا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ عورت جي آزاديءَ جو عمل الڳ ٿلڳ ۽ سماج کان ڪٽيل نه رهيو آهي، پر اهو سماج ۾ ايندڙ تبديلين ۽ واقعن سان گڏئي هلندو رهيوآهي. عورت جي غلاميءَ جي ڊگهي تاريخ آهي، ان جو حل رڳو هڪ وڏي واقعي ۽ انقلاب وسيلي ممڪن نه رهيو آهي، يورپ جي سماج ۾ انگلش ۽ فرينچ انقلاب جهڙا ڌرتي ۽ آڪاش کي ڌوڏيندڙ زلزلا رونما ٿيا پر اهي فوري طور تي عورت جي ڪردار ۾ ڪنهن بنيادي تبديلي جو ڪارڻ نه بڻيا ۽ ٻڏتر جو شڪار ٿي رهيا، 1789ع جي فرانس جي انقلاب ۾ عورت جو اهم ڪردار هو ۽ انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ عورتن کي ملڪيت رکڻ، وراثت ۾ حصيداري، طلاق حاصل ڪرڻ ۽ سياسي سماجي معاملن ۾ شرڪت جا حق ڏنا ويا، پر اهي گهڻو عرصو برقرار نه رهي سگهيا ۽ سماج ۾ عورتن جي وڌندڙ سرگرمين انقلابين کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ کين محسوس ٿيو ته اُنهن عورتن کي حق ڏيئي وڏي غلطي ڪئي هئي، جيڪو ٻين تي مشتمل پارليامينٽ به ڪنهن ريت عورتن جي موقف کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هُئي. انقلاب جو ابو رُوسو ان ڳالهه کي ته مڃيو ٿي ته عورتن کي حق ملڻ گهرجن پر سندس خيال هو ته انهن کي مردن جي سرگرمين سان گڏ نه ٿيڻ گهرجي ۽ ٻنهي جي سرگرمين جو دائرو ڌارڌار هجي. عورتن کي تعليم ملڻ گهرجي پر رڳو اهڙي جيڪا کيس گهرجي معاملن کي هلائڻ ۽ ٻارن کي سنڀالڻ ۾ مدد ڏئي ۽ اها تعليم به ٻاهر نه پر گهراندر ئي ماءُ پاران ملڻ گهرجي. اها ساڳي ڳالهه آمريڪا جي انقلاب ۽ گهرو ويڙهه جي وقت به نظر اچي ٿي جتي عورتن ملڪ جي آزادي ۽ غلامن جي ڇوٽڪاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر انهن مقصدن جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سندن پنهنجي ڇوٽڪاري جو سوال ساڳيءَ طرح موجود رهيو ۽ انقلاب جي ابن مختلف طريقن سان کين گهر ڀيڙو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، انهن انقلابن بهرحال اهو ضرور ڪير هو ته اهي عورتن کي گهرن کان ٻاهر کڻي آيا هئا ۽ کين اهو احساس ڏياريو هو ته مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ ممڪن آهي ۽ اُهي ساڳيا ڪم ڪري سگهن ٿيون، جيڪي مرد ڪن ٿا. آزادي جي احساس کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ ان کي ختم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. عورتن جي حقن جون مختلف تحريڪون يورپ جي مختلف ملڪن ۽ آمريڪا ۾ ڪي پنهنجي ليکي ۽ ڪي مردن جي سهڪار سان هلنديون رهيون پر انهن ۾ خاصيتي ڇال 1914ع ۾ شروع ٿيل پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ان کان پوءِ آيو.مردن جي جنگ جي ميدان ڏانهن وڃڻ جي ڪري عورتن کي گهرن مان نڪري ملڪ جي معاملن کي سنڀالڻو پيو، رڳو برطانيا ۾ ويهه لک عورتن اُهي ڪم سنڀاليا جيڪي اڳ ۾ مرد سرانجام ڏيندا هئا، جرمني کان سواءِ اها صورتحال يورپ جي سڀني ملڪن سان هُئي. آمريڪا ۾ اهڙين عورتن جو تعداد ڏهه لک هو، جن گهرن مان نڪري ڪارخانن ۽ دفترن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ جيئن مردن محاذ تان موٽڻ شروع ڪيو، تيئن عورتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو پر ان دوران هڪ وڏي تبديلي آئي، جنهن عورت جي حقن جي جدوجهد کي هڪ نئون رخ ڏنو روس ۾ زار جي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ بالشويڪن اچي اقتدار سنڀاليو، نئين قائم ٿيل سوويت يونين ۾ عورتن کي قانوني لحاظ کان طلاق، ملڪيت، روزگار ۽ پنهنجي چونڊجا حق ڏيئي مردن جي برابر آندو ويو، انقلاب اڳ ۾ ئي پراڻي سماجي نظام ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا، عورتون گهرن کان نڪري آيون هيون ۽ مٿن مردن جو ضابطو گهڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪو هو، انهن قانوني اختيارن ڄڻ سندن لاءِ رنڊڪون به ختم ڪري ڇڏيون. زوري قائم ٿيل ۽ قائم رهندڙ ٻنڌڻ ٽٽڻ شروع ٿيا، ملڪ ۾ عورتن پاران طلاق ڏيڻ جي تناسب ۾ غير معمولي واڌارو آيو، اهڙيءَ ريت سوويت يونين ڄڻ ٻي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو. (هلندڙ) عورتن جي آزاديءَ جي تحريڪ جا ٻه مک لاڙا آهن، هڪ لاڙو اينگلو، آمريڪن ۽ منڪرن جو آهي، جن جو خيال آهي ته عورت به مرد جيان ساڳي ريت تخليق جي صلاحيت رکي ٿي ۽ سماج ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ٻيو مڪتبه فڪر فرانسيسي مفڪرن جو آهي، اهو لاڙو وڌيڪ شدت پسند ۽ انقلابي آهي، انهن جو چوڻ آهي ته لکڻ هڪ آزاد ذهني سرگرمي آهي ۽ مرد نقاد عورتن جي دنيا جي حقيقت کي نه ٿا سمجهي سگهن. سندن چوڻ آهي ته (Gymcriticism) يا عورتن جي تنقيد هڪ بلڪل ئي مختلف ۽ مڪمل طور تي آزاد ذهني سرگرمي آهي. عورتن جي حقن واري ان تحريڪ جي شروعات جيتوڻيڪ اولهه جي ملڪن ۾ ٿي پر هن وقت ان ڄڻ سڄي دنيا جي ثقافتي ۽ ادبي سوچ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. فرانسيسي فيمينسٽ ناول نگار ۽ مفڪر سائمن ڊي بوئر جي ڪتاب The Second Sex کي ان سلسلي جي پهرين وڏي ڪاميابي ڪري ليکيو وڃي ٿو، ان ۾ ان صورتحال کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عورت هڪ آزاد حيثيت نه ٿي ماڻي ۽ اهڙي ريت پنهنجي آزاداڻي نموني سوچڻ محسوس ڪرڻ ۽ اظهار ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي وڃي ٿي. اها فرانسيسي روايت ئي ڄڻ فيمنزم جو روح بڻجي ويئي آهي ۽ (Gymocriticism) اهڙو معيار بڻجي ويو آهي، جيڪو ادب ۾ عورت جي تصوراتي دنيا، سندس ٻولي ۽ سندس اظهار کي بيان ڪري ٿو. پاڪستان جي ٻولين جي ادب کي ڏسجي ٿو ته ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اردو ۾ ان سلسلي ۾ گهڻا نالا ۽ گهڻو مواد ملي ٿو. رڳو عورت هجڻ ياعورتن جي مسئلن تي لکڻ جو مطلب ئي فيمينسٽ هئڻ ناهي، اردو ۾ عورتن ليکڪائن جا نالا ته قدت العين حيدر ۽ عصمت چختائي کان وٺي فاطمه حسن تائين گهڻائي ملن ٿا. انهن ۾ شاعرائون به آهن ۽ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار به. قره العين حيدر ۽ عصمت چختاڻي جو ادب ۾ واقعي وڏو نالو آهي پر ڏٺو وڃي ته انهن عورت جي اندر جي اظهار کان وڌيڪ سماجي مسئلا ۽ جنسي ۽ سماجي اڻ برابري کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي، جيڪا ڳالهه ساڳي ريت ڪرشن چند، سعادت حسن منٽو ۽راجندر سنگهه بيدي وغيره ۾ به ملي ٿي. اردو جي عورت ليکڪائن ۾ فيمنزم جي حوالي سان سڀ کان ممتاز نالو فهميده رياض جو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ئي ان حوالي سان ٿي ۽ سندس شاعري جو مجموعو بدن دريده ڄڻ ان مڪتبه فڪر جي ليکڪ ۽ ليکڪائن لاءِ بائبل بڻجي ويو، فهميده جي پوءِ واري سياسي ۽ سماجي جدوجهد ان ڳالهه کي ثابت ڪيو ته هن عورت جي پنهنجي منفرد اظهار جي باوجود سندس حقن جي جدوجهد کي مجموعي سياسي ۽ سماجي جدوجهد کان ڌار نه ٿي سمجهيو، جنهن جو مقصد عورت ۽ مرد ٻنهي جو ڇوٽڪارو آهي. ٽين دنيا جي ملڪن جو پس منظر ۽ ترقي جي سطح اولهه جي ملڪن کان گهڻي مختلف آهي، پنهنجي نوآبادياتي پس منظر سان گڏوگڏ انهن ملڪن ۾ قبائلي ۽ جاگيرداراڻي نظام جون مضبوط باقيات موجود آهن، هتان جو سماج سائنسي ايجادن، آزاد فڪر، سياسي انقلابن ۽ جنگين جي انهن مرحلن مان نه گذريو آهي، جن اولهه جي عورت جي آزادي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پهرين ڳالهه ته عورت کي انهن ٻنڌڻن مان آزاد ڪرڻو هو ۽ پوءِ سندس پنهنجي اندر جي منفرد اظهار جو وارو اچي ٿو، ان ڪري فهميده جي بدن دريده کان پوءِ ساره شگفته وٽ اهڙو اظهار ملي ٿو پر ان ڳالهه کي ايستائين ته فهميده به پاڻ گهڻو اڳتي نه وڌائي سگهي. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ شاعري وغيره ۾ عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي. جيستائين عورتن جي مسئلن تي لکڻ جو تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ عورت ۽ مرد ليکڪن ۾ فرق ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي، ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏو مثال ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو آهي. جنهن جون سورميون ئي سندس شاعري جو مک ڪردار آهن ۽ مرد ڄڻ انهن جي ماتحت ۽ هڪ ثانوي ڪردار جا حامل آهن. ساڳي ريت ڪجهه نقاد سنڌي جديد ادب جي ابي مرزاقليج بيگ کي سندس ناول زينت ۽ ٻين لکڻين جي حوالي سان هڪ فيمينسٽ ليکڪ ڪري ليکين ٿا، سنڌي ۾ عورت ليکڪاڻن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، پر ڇا انهن سڀني کي فيمنسٽ ليکي سگهجي ٿو؟ ان ۾ به نهايت ئي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو. خيرالنساءَ جفعري کي ان لحاظ کان ان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ته هوءَ ڪردارن جي نفسياتي ڇيدوسيلي پڙهندڙ کي پنهنجن ڪردارن جي اندر جي احساسن کان واقف ڪرڻ ۽ جڏهن اهي خود ڪلامي جي انداز ۾ هجن ٿا ته اڃا پڙهندڙ ان شئي کي وڌيڪ محسوس ڪري ٿو، ڇا نورالهديٰ شاهه کي ان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟ نورالهديٰ شاهه جو ڪينواس وڌيڪ وسيع آهي، هوءَ پاڻ کي عورت هئڻ جي ناتي ٻئي درجي جو انسان نه ٿي سمجهي پر ان ڏاڍ ۽ جبر کي بيان ڪري ٿي، جنهن سان حويلين ۾ رهندڙ عورتن جو واسطو پئي ٿو ۽ کين پنهنجن انساني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ مختلف غيرفطري ۽ غير روايتي طريقا اختيار ڪرڻا پون ٿا، اهڙي طرح وٽس عورت تي ٿيندڙ ظلم، ڪا الڳ ٿلڳ ۽ مجرد قسم جي شي ناهي پر اهو ان سماج جي پيداوار آهي جنهن ۾ اُها عورت رهي ٿي. عطيه دائود جي ”شرافت جي پلصراط“ جي جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي شاعري ۽ ادب ۾ فيمينزم جي حوالي سان اهو مضبوط ۽ اوريجنل آواز آهي، جيتوڻيڪ عطيه عورت جي حساسيت کي بدن دريده جي سطح تائين نه ٿي کڻي وڃي پر سنڌي سماج جي بندشن کي نظر ۾ رکندي، اهو پنهنجي ليکي هڪ دليراڻو قدم آهي، پر عطيه پنهنجو پاڻ کي رڳو ايستائين محدود نه ٿي ڪري، هوءَ نه رڳو اهو ته مرد جي ساٿ کي مڪمل طور تي رد نه ٿي ڪري پر سماج جي مختلف مسئلن جي حوالي سان ان سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي پڻ ڳالهه ڪري ٿي. هن نظم کي ڏسو ”ان کان اڳ جو سگهه منهنجي اندر مان نفرت بڻجي ڦٽي، اچ ته اِهي سمورا ويڇا پاڙئون پٽي اڇلايون“ برابر جي بنياد تي نئين سماج جي چڪي پوکيون. ساڳي ريت بي رنگ تصوير ۾ چئي ٿي ته ”منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي، منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون نه ڪر، جيڪي دوست سان ڪندو آهين“ ان خوبصورت خيال کي نظم پيار جون سرحدون ۾ ڏسو هان! شعور جي وڻ مان سوچ جو ميوو تون به کاءُ اچ ته گل ۽ خوشبو وانگر پيار ڪريون ساڳيءَ طرح عطيه شريعت بل ۽ ٻين عورتن خلاف امتيازي قانونن متعلق پڻ آواز اٿاري ٿي. تازو ٿيل هڪ سروي جي نتيجن مطابق پاڪستان عورتن تي ظلم ڪرڻ وارن ملڪن ۾ افغانستان ۽ ڪانگو کان پوءِ ٽيون خطرناڪ ملڪ آهي، هتي عورت جي حيثيت هڪ غلام ۽ جانور کان به بدترين آهي، اهڙي ماحول ۾ برابريءَ جي سلوڪ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ ئي هڪ وڏو انقلابي قدم آهي، پاڪستان جي سطح تي ۽ سنڌ جي سطح تي پڻ اها هڪ مثبت ڳالهه آهي ته، عورتن نه رڳو پنهنجين ڌار ٺاهيل تنظيمن تحت جدوجهد ڪئي آهي پر مختلف سياسي جماعتن جي پليٽ فارمن تان، مردن سان گڏجي پڻ جمهوري، انساني ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عورتن لاءِ صورتحال اڳ به ڪا گهڻي چڱي نه هئي پر هڪ مثبت ڳالهه اها آهي ته هاڻي ان متعلق ماڻهن کي ڄاڻ ۽ شعور ملڻ شروع ٿيو آهي ۽ انهن ان خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو آهي. بحرحال جيترو ڪجهه هينئر ٿي رهيو آهي اهو ڪافي ناهي. اديبن، دانشورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي خاص طور تي ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ سياسي جماعتن کي دٻاءُ وڌائڻ پوندو ته اهي نه رڳو اهڙن قانونن کي ختم ڪن جيڪي عورتن سان امتيازي سلوڪ کي جائز قرار ڏين ٿا. پر اهڙو قانوني ڍانچو فراهم ڪن، جيڪو انساني حقن جي عالمي پڌرنامي مطابق هجي.
جواب: عورت جي آزادي سماجي تبديلي سان سلهاڙيل آ تمام سٺو ليک آهي۔ عورت جي هن معاشري ۾ برابري ۽ جائز عزت ۽ مقام ڏيڻ لاء اسان کي پنهنجي گهر کان شروعات ڪرڻي پوندي ۽ پوء ادارن کي مجبور ڪجي۔ عورت عظيم آهي جيڪا ڪڏهن ماء، ڪڏهن محبوبه ،ڪڏهن زال، ته وري ڪڏهن ڌيء جي ڪردار ۾ مرد لاء اهم آهي۔
سائين عطيا دائود جي زندگي باري ۾ ڪو مواد ڪنهن به دوست وٽ آهي ته مهرباني ڪري موڪليندا يان ان جي شاعري جو ڪتاب يان ان جي شاعري تي ڪو تبصرو وغيره