• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪوثر ٻرڙو
چوي ٿي ته مونکي تون سارڻ ڇڏي ڏي
صبح شام سڪ مان سنڀارڻ ڇڏي ڏي
نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون
۽ پنهنجو چئي تون پڪارڻ ڇڏي ڏي
چوي ٿي ته توڏي ڪڏهن ڪين اچبو
تون پلڪن سان رستا ٻهارڻ ڇڏي ڏي
چوي ٿي ته مون لاءِ نه ڪي روءُ رڙ تون
هجر ۾ هنجون روز هارڻ ڇڏي ڏي
چوي ٿي ته مون لاءِ سوچي ۽ ساري
تون ڳڻتين ۾ جند جان ڳارڻ ڇڏي ڏي


267397_195126400538968_100001248279284_546774_7272516_n.jpg
 
جواب: نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون

بهترين ڊزائين۔۔۔۔
جاري رهي۔۔
 
جواب: نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون

چوي ٿي ته مون لاءِ سوچي ۽ ساري
تون ڳڻتين ۾ جند جان ڳارڻ ڇڏي ڏي


يار عاشق چوي ته سچ ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪوثر ٻرڙو منهنجو پاڙيسري ۽ شاعريء سان گڏ ريڊيو جي دنيا جو وڏو نالو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس بهترين شاعري ۽ عاشق جا تمام سهڻا رنگ
 
جواب: نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون

لاجواب شاعري سان گڏ بهترين ڊزائين آهي

سائين جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون

آرزو، محترم سليمان وساڻ صاحب ۽ فقير۔۔۔اوھان جي مهرباني۔۔۔ٿورائتو
 
Back
Top