ادل سومرو غزل سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي ڇولين جي نغمگي بيچين هئـي رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾ ڪيتري هو نرتـڪي بيچين هـئي رات کي اُلڪا ورائــي هـا ويــــا جھوپڙي ۾ ڪـا بــتي بيچين هئي تنهنجي چپن تي اچي ها شعر ڪـو ڊائريءَ ۾ شاعـري بيچين هـئي شخص هر ڪو منتظر تـو لاءِ هـيو شهر جي هر چودڳي بيچين هـئي هــو اڃا طوفان گھــري ننـڊ ۾ ڇو ڏيئي جي روشني بيـچين هـئي سـانوري برسات جان آئينءَ نـ تـون منهنجي دل جي ڌرتتي بيچين هــئي
جواب: رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾ (ادل سومرو) سـانوري برسات جان آئينءَ نـ تـون منهنجي دل جي ڌرتتي بيچين هــئي عاشق آهي ته هلچل به آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادل سومري جو لازوال غزل ، تعريف لائق ۽ اوهان جا سهڻا رنگ ۔۔۔
جواب: رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾ (ادل سومرو) سائين توھان جو پيار آهي۔۔باقي ته اسان ڪجھ به نه آهيون۔۔۔مهرباني۔
جواب: رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾ (ادل سومرو) يار عاشق! خيال سان اهري غضب جي شاعري پڙهي وڌي نه وڃي اوهانجي به بي چيني ۔۔۔!!! شاعر پاڻ ته بيچين ٿين ٿا يا نه پر اسانکي بي چين ڪري ٿا ڇڏن ۔۔۔ سٺو ونڊ ۔۔۔ مٿان وري رنگ به سهڻا
جواب: رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾ (ادل سومرو) سائين اوهان جي مهرباني باقي شاعري پڙھي پڙھي پنهنجا ڪجھ حال ئي مختصر ٿي ويا آهن۔۔