هجر ۽ وصال جا ڇهه سال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    اسان سمجھيو رسڻ، پرچڻ، نخرا، ناز انداز ۽ منٿون فقط محبت ۾ ئي هونديون آهن پر متحده جي سياست سچ ته اچرج ۾ وجھيو ڇڏي. متحده جي سياست، سياست کي ڪنهن هڪ وصف Definition تي ٽڪڻ ئي نٿي ڏئي. مون رات ”پوليٽڪس (سياست) ڇا آهي؟“ لکي Google ڪيو ته مون کي مليل سوين وصفن مان ڪنهن هڪ جي به وصف پاڻ وارن يارن جي سياست سان ٺهڪي نه پئي ۽ ڪوشش ناڪام وئي، پوءِ سمجهه ۾ آيم ته هي شايد ڪا ٻي شئي آهي. ظاهر آهي هنن ڀائرن جو اتحاد ”ٻه ته ٻارنهن“ يا ”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي“ جي بنياد تي نه پر اقتداري اتحاد آهي. سو اصول، خدمت، آدرش ۽ عوام - اهي سڀ شيون، جيڪي اسان پڙهون ۽ ٻڌون ٿا، اهي ڪتابي شيون آهن، جيڪي ڪنهن مضمون يا وري سياسي پارٽيءَ جو منشور ۽ پاليسي لکڻ ۾ ڪم اچي سگهن ٿيون. عام ماڻهوءَ لاءِ اها اچرج جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن همراهه اسيمبليءَ ۾ حڪومت کي ڪامياب بجيٽ تي مبارڪون ڏيندا هجن، ٻئي ڏينهن پريس ڪلب پهتل، ته ٽئين ڏينهن اسيمبليءَ جون بئنچون خالي!.... نيٺ خبر آئي ته پنهنجي ”اصولن“ تان نه هٽندي متحده ميمبرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون. گذريل ٽن سالن کان پيپلز پارٽي ۽ متحده وچ ۾ هجر ۽ وصال جا ڇهه دور ڏسي مون کي تنوير عباسيءَ جو شعر ٿو ياد اچي ته:

    رسي وري پرچڻ ۾ عجب لطف آهي اي همدم،

    دل ٿي چوي دلدار سان، نئون تڪرار ڪو پيدا ڪر.

    بهرحال ڇا به کڻي چئجي پر منٿن کانپوءِ مڃڻ ۾ به پنهنجو مزو آهي. هيل به شايد متحده ڪجهه ”ڏيڻ ۽ وٺڻ“ بعد راضي ٿي موٽي اچي ۽ ڪجهه ڏينهن جي گرميءَ بعد ڪل قصو تمام! ڇو ته پيپلز پارٽي به مفاهمت واري سبق تان هٽڻ لاءِ اصل تيار ناهي، تنهن هوندي به ڪجهه تجزيه نگارن جو اهو تجزيو رد نٿو ڪري سگهجي ته هن ڀيري همراهن جي رمز اصل انڪار واري آهي. متحده شايد چاهي ٿي ته هينئر سائيڊ ٿي ڪري هو ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا، پر هاڻ اهو سڀ ممڪن نه به هجي! باقي متحده اگر حڪومت ۾ هئي ته به سنڌي ماڻهن کي ڪهڙو فائدو، يا نه هوندي ته ڪهڙو نقصان. سو اهو آهي متحده جو معاملو، انهيءَ سان عام ماڻهوءَ جي صحت تي واقعي به ڪو اثر پوڻ وارو نه آهي. حقيقت اها آهي ته اهو سڀ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڄڻ هڪ اسڪرين پلي يا ڊرامو آهي، جنهن جو هر سين هنن تي اثر ضرور وجهي ٿو، پر ان ڪهاڻيءَ ۾ سندن مرضيءَ مطابق ڪجهه به نٿو ٿئي. حڪمرانن وٽ عوام جي مسئلن تي سوچڻ لاءِ وقت نه آهي، پوءِ مفاهمت لاءِ منٿن ۽ اقتدار لاءِ ڪوششن سان عوام کي ته ڪجهه به ناهي ملڻو. حاصل مطلب ڪجهه به نه ، اهو سڀ ائين ٿيندو رهندو، اچو ته متبادل ڳوليون يا وري نيرو جيان بانسري وڄائڻ سکون ته گهٽ ۾ گهٽ واندڪائيءَ ۾ موسيقيءَ مان محظوظ ٿي سگهون!

    مختيارجمالي-ڪراچي
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هجر ۽ وصال جا ڇهه سال

    بلڪل صحيح ادا۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هجر ۽ وصال جا ڇهه سال

    جي ادا بلڪل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو