جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    وڃان وڃان ڪندي، نيٺ موجوده حڪومت جي ”ناراض حمايتي“ ايم ڪيو ايم به اقتداري ٻيڙيءَ مان لهي ويئي. رحمان ملڪ به هاڻ لڳي ٿو ته ”واندو“ ٿي ويو. هن جي ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ واري دڪان کي به في الحال تالو لڳي ويو. ايم ڪيو ايم جي حڪومت مان ڌار ٿي وڃڻ تي ايترو نقصان ملڪ، سنڌ، جمهوريت، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو به نه ٿيو هوندو، جيترو رحمان ملڪ جو ٿيو آهي. آمرانا حڪومتن جي ناز نخرن تي پلجي وڏين ٿيل پارٽين لاءِ جمهوري حڪومتن ۾ اقتداري ڀائيواري ڪرڻ واقعي به لڳي ٿو ته وڏي گهاٽي وارو سودو آهي. هر روز انهن کي ڪنهن نه ڪنهن اشوءَ تي پنهنجي پارٽنرز کي مطالبن جي ڊگهي لسٽ مڃرائڻ لاءِ ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيڻي پئي ٿي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اقتداري ڀائيواري موجوده حڪومت ۾ جيترا ڏينهن به رهي، ان ۾ عوام کي خاص طور مفت ۾ ڪوئي ۽ ٻلي واري راند ڏسڻ جو موقعو به خوب مليو. اها راند آزاد ڪشمير وارين چونڊن ۾ ڌانڌلين جو جواز ڄاڻائي ايم ڪيو ايم وڌيڪ عرصي لاءِ کيڏڻ کان پيپلز پارٽيءَ کي کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ ايم ڪيو ايم قومي اسيمبليءَ، سينيٽ ۽ سنڌ اسميبليءَ ۾ مخالف ڌر جون سيٽون وسائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد به اٽڪل اٺن سالن تائين (ماڊريٽ ڊڪٽيٽر مشرف جي دور جي عرصي سميت) گورنريءَ جا مزا ماڻي پنهنجي دل تي ڳرو پٿر رکي استعيفا صدر آصف علي زرداريءَ ڏانهن موڪلي، پاڻ لنڊن روانو ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداريءَ، گورنر کي پنهنجي فيصلي تي نظرثانيءَ جو نياپو موڪليو آهي، پر ايم ڪيو ايم هن ڀيري نظرثانيءَ وارين ڳالهين ۾ ايندي ڪانه پئي لڳي. ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين کي مشرف دور جي سندن سياسي ساٿي چوڌري شجاعت حسين به حڪومت مان ڌار نه ٿيڻ جي ”ٽيليفونڪ اپيل“ ڪئي آهي، پر الطاف حسين وري کيس ايم ڪيو ايم سان گڏ اچي مخالف ڌر جي سيٽن تي ويهڻ جي دعوت ڏني آهي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جيڪڏهن هن ملڪ جي ماڻهن کي ياد هوندو ته جڏهن ”قابل ليگ“ اڃا ”قاتل ليگ“ واري الزام کان آجي نه ٿي هئي، تڏهن ان مخالف ڌر لاءِ پنهنجا حمايتي پئي ڳوليا ته ايم ڪيو ايم، حڪومت جي سيٽن تي ويٺل ۽ قائد ليگ لاءِ ”نو لفٽ“ هئي، پر هاڻ جڏهن قائد ليگ حڪومت ۾ آهي ته ايم ڪيو ايم وري اپوزيشن جي سيٽن تي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪير مڃي نه مڃي پر ايوان صدر واري آرٽسٽ جي سياسي آرٽ جو ئي اهو ڪمال آهي ته، پ پ کانسواءِ حڪومت ۾ ويٺلن کي پنهنجا حمايتي نٿا هٿ اچن ته مخالف ڌر وارن لاءِ وري مخالف ڌر جون سيٽون ڀرڻ لاءِ پنهنجا ڀرجهلا ڳولڻ ڏکيا ٿي پيا آهن. ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ رهڻ جو ته ضرور وسيع تجربو آهي، پر مخالف ڌر وارين بينچن تي سنگت مڙيئي ڪجهه گهٽ ئي وقت ڏنو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ وري پيپلز پارٽي مخالف ڌر جو وڏو تجربو رکندڙ هن ملڪ جي اڪيلي سياسي پارٽي آهي. ڏسجي ته ٻنهي مان وڌيڪ ڪنهن جو تجربو ٿو رنگ لائي، پر هي جيڪي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا (ڊگهي موڪل تي ويل سنڌ جو گهرو وزير) کي موڪل ختم ڪرائي اپ گريڊ ڪري سنڌ جي وڏي وزير بنائڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان ڪراچيءَ واري سنگت لاءِ لڳي ٿو ته ڪجهه مونجهارا پيدا ڪيا آهن. سنڌ جو پاپولر پبلڪ اوپينيئن بهرحال ذوالفقار مرزا جي ڪالهه به حق ۾ پئي لڳو، اهڙين خبرن اچڻ کانپوءِ به لڳي پيو. وڌيڪ ڏسجي ته رٺل پرچي ٿا پون، يا وري ”رٺائي رهن، پر هجن حياتي“ واري دعا وٺي ايندڙ اليڪشن جون تياريون ٿا ڪن.

    اشفاق لغاري/ٽنڊو الهيار
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو!

    جي سائين جي بلڪل ائين ئي آهي پر هي بي ضميرن جا ٽولا پنهنجي ذاتي اقتدار تي گڏ آحن ڪنهن وقت به مردار تي اچي گڏ ويهندا ۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو!

    اهي ته هميشه پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ئي گڏ ٿيا آهن ۽ جدا ٿيا آهن، انهن کي سنڌ ۽ سنڌ جا مفاد سنڌي ۽ سنڌين جا مفاد ڪيڏا عزيز آهن سڀ خبر آهي۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو!

    جي ادا بلڪل ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو