• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هشتگردي خلاف ايران ۾ ٿيل ڪانفرنس حيران ڪندڙ آهي:آمريڪا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
دهشتگردي خلاف ايران ۾ ٿيل ڪانفرنس حيران ڪندڙ آهي:آمريڪا

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ايران ۾ ٿيل ڪانفرنس حيران ڪندڙ آهي، واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڪٽوريا نوليڊ چيو ته اها ڳالهه هڪ مذاق لڳي ٿي ته دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ملڪ دهشتگردي خلاف ڪانفرنس ڪرائي آهي، هڪ خانگي ٽي وي چئنل مطابق وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي دهشتگرد گروپن کي ايران جي حمايت حاصل آهي، جيڪي خطي ۾ امن ۽ جمهوريت لاءِ خطرو آهن، خطي ۾ عالمي برادري سان ملي تعميري ڪردار ادا ڪرڻ بدران ايراني حڪومت ناڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
 
Back
Top