فرانس جي ڪرسٽائن ليگارڊ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    فرانس جي ڪرسٽائن ليگارڊ آءِ ايم ايف جي پهرين عورت سربراهه چونڊجي وئي

    واشنگٽن (اي ايف پي) فرانس جي ناڻي واري عورت وزير ڪرسٽائن ليگارڊ کي آءِ ايم ايف جي پهرين عورت سربراهه طور چونڊيو ويو آهي، اي ايف پي مطابق آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ ڪالهه ڪرسٽائن ليگارڊ کي عالمي مالياتي اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ميڊم چيئرمين آَف ايگزيڪيٽو بورڊ طور5 سالن لاءِ چونڊي ورتو، ڪرسٽائن ليگارڊ 5 جولاءِ 2011ع کان پنهنجو عهدو سنڀاليندي، 1944ع ۾ آءِ ايم ايف جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪرسٽائن اداري جي پهرين عورت سربراهه مقرر ٿي آهي، آءِ ايم ايف جي 24 رڪني بورڊ ڪرسٽائن ليگارڊ ۽ ان جو مقابلو ڪندڙ ميڪسيڪو سينٽرل بئنڪ جي اهم عهديدار آگسٽن ڪارسٽنس ٻنهي کي آءِ ايم ايف سربراهه جي عهدي لاءِ اهل اميدوار قرار ڏنو، جڏهن ته ايگزيڪيٽو بورڊ اتفاق راءِ سان ڪرسٽائن ليگارڊ کي آءِ ايم ايف جي نئين سربراهه طور چونڊيو، يورپ ۾ گذريل ٽن سالن کان هلندڙ معاشي بحران دوران ڪرسٽائن ليگارڊ جي فرانسيسي ناڻي واري وزير طور ان بحران کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن ڪري سندس قيادت وارين صلاحيتن کي ساراهيو ويو، ان کان اڳ فرانس سان ئي تعلق رکندڙ آءِ ايم ايف سربراهه ڊومنيڪ اسٽراس ڪاهن نيويارڪ جي هڪ هوٽل ملازمه کي جنسي حملي جي ڪوشش واري الزام ۾ گرفتاري بعد پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي، ياد رهي ته آمريڪا نئين آءِ ايم ايف سربراهه طور ڪرسٽائن جي حمايت ڪئي ٻئي طرف فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪرسٽائن جو نئين آءِ ايم ايف سربراهه طور چونڊجڻ فرانس جي ڪاميابي آهي، هوڏانهن ڪرسٽائن ليگارڊ سماجي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي (ايم ڊي) سربراهه طور چونڊجڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو