صدر آصف اڃا الطاف سان ملاقات جي خواهش جو اظهار نه ڪيو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
صدر آصف اڃا الطاف سان ملاقات جي خواهش جو اظهار نه ڪيو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي لنڊن ۾ موجودگي سبب سندس ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين سان ملاقات جو امڪان هو پر صدر آصف علي زرداري اڃا الطاف سان ملاقات جي خواهش جو اظهار نه ڪيو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب لنڊن ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جي ميمبر مصطفيٰ عزيز آبادي چيو ته صدر پاران اهڙي ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي جنهن ۾ ملاقات جي ڪا ڳالهه هجي، هن چيو ته پ پ يا صدر آصف پاران ملاقات جي ڪا ڪوشش ڪئي به وئي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪا اهڙي شيءَ نظر نه پئي اچي ته اها ملاقات لاءِ وقت ڏيندي.
 
Back
Top