سنڌ سلامت جا دوستو حق موجود؛ جيئن ته رمضان جو مهينو آهي ۽ هت مڪي ۾ رمضان جو مهينو معني عبادت ۽ ڪمائيءَ جو مهينو، سو مونکي به پنهنجي نوڪريءِ سان گڏ هڪ ٻي ذميواري پڻ ملي آهي جا ضرور نڀائڻي آهي ... سو روزا، عبادتون، نمازون، نوڪري ۽ اضافي ذميواريءَ ڪري، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچڻ لئه ڪجه گهٽ وقت ملندو ... ان لئه دوستن کان اڳواٽ معذرت ٻي ڳالهه ته رمضان جي ختم ٿيڻ سان منهنجي سالانه موڪل شروع ٿي ويندي ۽ سڪ ۽ اميد سان اچي انشاء الله سنڌ رسبو ... هڪ موڪل ٻي سنڌ ڌرتي سو ان لئه به دوستن کان اڳواٽ موڪل وٺان ٿو ... باقي تڪڙا چڪر پيا هڻبا ۽ دوستن جون لکڻيون ممڪن حد تائين پڙهي وٺبيون، دوستو الله اسان سڀني دوستن جو ايمان سلامت رکي ... صحت ۽ مالي حالت بهتر رهي ... ان لئه پڻ هر وقت دعاڳو رهندس ... اوهانجي دعائن جو طلبگار نثار ابڙو مڪو پاڪ
سائين نثار ابڙو صاحب اڳواٽ موڪل لا۽ ٻڌائڻ لا۽ توهان جي مهرباني سائين سنڌ سلامت تي ڀيرو پيا هڻجو ڇو جو توهان کي اسان سنڌ سلامت تي دل سان محسوس ڪنداسين ۽ دل سان هميشهه پنهنجن کي ئي محسوس ڪبو آهي سائين هڪڙو ننڍڙو عرض به آهي ته ڦلپوٽي کي دعائن ۾ ياد ڪجو سدائين گڏ
سائين نثار ابڙو صاحب اڳواٽ موڪل لا۽ ٻڌائڻ لا۽ توهان جي وڏي مهرباني، سائين سڀني سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ مڪي پاڪ ۾ دعا ضرور گهرندا وڏي مهرباني. sadayeen gud
ادا فقير ۽ جانوري صاحب، دعائن جي حامي ته آءُ اڳ ئي ڀري چڪو آهيان ... ۽ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ته منهنجي پسنديده دعا آهي ... رب اسان سنڌين جي رهنمائي فرمائي ۽ رحمت خاص جي درجي ۾ رکي ... آمين sindhsalamatsaathsal
سان عبادت ۽ ڪمائي رمضان مهيني ۾ ! عبادت ته سمجھي ويا سين ڇوته عبادت جو مهينو آهي پر ڪمائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو وري ڪئين ٿورو وضاحت ڪندا