[JUSTIFY] فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم تحرير : ظفر امام اسان فيس بڪ جنريشن آهيون. اسان جا خواب ۽ خواهشون هاڻ فيس بُڪ ۽ ٽُئٽر کان شروع ٿي اتي ئي ختم ٿين ٿا. پر اهو اظهار راءِ جو اهڙو پليٽ فارم آهي جتي توهان کي ڪنهن به اداري جي مخصوص ادارتي پاليسين ۽ سينسر جي عمل مان گذرڻو نه ٿو پوي. پر توهان جي گرد جيڪو دوستن جو حلقو آهي، جنهن کي توهان انٽرنيٽ جي ٻولي ۾ ”سوشل نيٽورڪ“ چئو ٿا، توهان جو سينسر بورڊ فقط اُهو ئي آهي. ۽ اهڙي دوستاڻي ماحول ۾ هاڻ توهان لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ايترو ته آسان ٿي چڪو آهي جو توهان کي نه ته ڪو حُسني مبارڪ روڪي سگهي ٿو، نه ڪو معمر قذافي، نه اوباما ۽ نه ئي وري ڪو ڪارزئي يا زرداري. ايتري تائين جو توهان پنهنجي راءِ جي اظهار ذريعي اڳ ”حساس“ سمجهي ويندڙ ادارن جي حساسيت ئي ختم ڪري ڇڏي آهي. ٽيڪنالاجي اسان تي مهربان ٿي آهي، ۽ مارڪ زُڪربرگ، جيڪو پاڻ هڪ نوجوان آهي، اُن جو جوڙيل فيس بُڪ دنيا کي آهستي آهستي پر انتهائي اثرائتي نموني سان بدلائي رهيو آهي. ايتري تائين جو هاڻ توهان جي صحافت به جديد ٿي چُڪي آهي. پراڻي ڪاغذ ۽ قلم واري صحافت هاڻي ايئن دم ٽوڙي رهي آهي جيئن 17هين صديءَ ۾ پهرين پريس مشين ايجاد ٿيڻ کانپوءِ هٿ سان لکيل قلمي مسودن جي اهميت ختم ٿيڻ شروع ٿي هئي. ۽ جيئن وري ڪمپيوٽر ۽ پريس مشينون ملي ڪم ڪرڻ لڳيون ته هٿ سان ٿيندڙ خطاطي جو رجحان ختم ٿيڻ لڳو. مونکي ته هاڻ ان ڳالهه تي به اعتراض آهي ته هن ههڙي دور ۾ شاگردن کان امتحان ڪاغذ، پين ۽ پينسل تي ڇو ٿا ورتا وڃن؟ ۽ جيڪڏهن امتحانن ۾ هٿ سان لکڻ ئي لازمي آهي ته پوءِ سهڻن ۽ صاف اکرن تي وڌيڪ مارڪون ڏنيون ڇو ٿيون وڃن؟ ڇا هن دور ۾ به اها ڪنهن ماڻهوءَ جي ميرٽ آهي؟ بهرحال، صحافت جديد ٿي رهي آهي. هُو جوليان اسانج انٽرنيٽ جي دؤر جي صحافت جو وڏو معتبر نالو آهي. جوليان اسانج جي وڪي ليڪس جديد دؤر جو اهو صحافتي ادارو آهي جنهن سفارتڪاريءَ جي مڪاريءَ کي اهڙو کولي بيان ڪيو آهي جو دنيا جا قديم ترين صحافتي ادارا جوليان اسانج آڏو پتڪڙا محسوس ٿين ٿا. هن پنهنجي سر نئين دؤر جي صحافت جا بنياد وڌا آهن. ڇا ڪنهن ايئن به سوچيو هو ته انٽرنيٽ ذريعي هُو امريڪي سفارتڪاريءَ جي ڪلاسيفائيڊ دستاويزن تي اهڙو ڌاڙو هڻندو، جنهن کي اسان آءِ ٽي جي ٻوليءَ ۾ Ethical Hacking چئون ٿا، جو سفارتڪاريءَ جي بظاهر مهذب ۽ شائسته چهري پٺيان لڪل سموري مڪاريءَ کي وائکو ڪري ڇڏيندو؟! هونءَ ته انساني شعور پنهنجي دؤر جي پيداوار جي ذريعن، مواصلاتي ذريعن، دريافتن ۽ سائنسي ترقي کان هميشه ٻه قدم پٺتي رهندو آيو آهي. انسانن ۾ عام طور تي اهو لاڙو ڏٺو ويو آهي ته اُهي پنهنجي دور جي موجوده سموري ترقي کان ٿورو پٺتي هوندا آهن، ۽ اُهي اڃا ماضيءَ ۾ پيا سوچيندا ۽ واجهائيندا آهن. تنهنڪري جڏهن ڪا نئين دريافت يا ايجاد ٿيندي آهي ته انسان جو ان ڏانهن فوري ردعمل دشمناڻو هوندو آهي. يا وري هُو ان کي قبولڻ کان انڪار ڪندو آهي. هُو اهڙي ٽيڪنالاجي، مواصلاتي ذريعن ۽ پيداوار جي ذريعن مان فائدو به وٺندو رهندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجا پراڻا وهم ۽ وسوسا، عادتون ۽ خواهشون به نئين دور تي مڙهيندو رهندو آهي. مونکي ته اسانجي پاڪستاني شهري مڊل ڪلاسين تي تڏهن ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي جڏهن 21هين صديءَ جي جديد آٽوموبائيل ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي مڪمل نقاب پهريل برقعا پوش خاتون کي ڏسندو آهيان، يا وري ڪنهن ڏاڙهي واري مولوي کي ان جڳهه تي ڏسندو آهيان. هي ماڻهو 21هين صديءَ جي حيرت انگيز ايجاد ۾ ويهي به پراڻي دؤر کي ورجائڻ جا خواهشمند آهن. ساڳي ئي ريت اسانجا ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو، قابل ۽ معتبر نالا پڻ ٽيڪنالاجي کان خوفزده ڏٺا اٿم. ڪيترائي اهڙا دوست جيڪي ترقي پسند سڏرائين ٿا، پر اڃا تائين ڪامريڊ لينن جي دؤر واري ٽيڪنالاجي ۾ ايمان رکن ٿا. هنن جي خيال ۾ مارڪسزم کي ڦهلائڻ جو ذريعو به فقط پرنٽنگ پريس مان نڪتل پمفليٽ، پوسٽر ۽ رسالا آهن. هو فيس بُڪ کي ايئن هڪڙي ”برائي“ ٿا سمجهن جيئن 90ع جي ڏهاڪي ۾ مولوي صاحبان ڊش، ٽي وي ۽ وي سي آر کي ”برائي“ ۽ بدعت سمجهندا هئا ۽ انهن خلاف ديوارن تي چاڪنگ به ڪندا هئا. ان سموري عمل کي چئبو آهي ”پٺتي ڦيراٽيون کائيندڙ شعور“ ( Lagging Consciousness). پوءِ اُهو ڪو مولوي هجي يا مڊل ڪلاسي، ڪو اخلاقيات جا درس ڏيندڙ پروفيسر صاحب هجي يا ڪو سُرخو. اُهي سڀ پنهنجي دؤر جي ترقيءَ کي مڃڻ کان ايستائين انڪاري هوندا آهن جيستائين اها سندن مجبوري نه بڻجي پوي. انٽرنيٽ جيتوڻيڪ انتهائي پراڻو آهي، پر ان جو عام خلق لاءِ استعمال گهڻو پوءِ ٿيو هو. 60ع واري ڏهاڪي ۾ امريڪا جي اسٽيٽ ڊفينس ڊپارٽمنٽ جي هڪ اداري پهريون ڀيرو انٽرنيٽ ايجاد ڪيو هو. ان امريڪي اداري DARPA (ڊفينس ايڊوانسڊ ريسرچ پروجيڪٽ ايجنسي) پهريون ڀيرو امريڪي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ليبارٽرين ۾ ڪم ڪار لاءِ ARPANET نالي انٽرنيٽ شروع ڪيو. 80ع جي ڏهاڪي تائين اهڙا ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا نيٽورڪ جڙي چُڪا هئا، جيڪي تنهن وقت تائين رابطي لاءِ ڪئين قسمن جا مختلف پروٽوڪول استعمال ڪندا هئا. 80ع واري ڏهاڪي ۾ انهن مڙني ننڍڙن ننڍڙن نيٽورڪس کي پاڻ ۾ ملائڻ جو ڪم شروع ٿيو، جنهن کي اسان انٽر-نيٽورڪنگ چئي سگهون ٿا. ان مان ئي لفظ ”انٽر-نيٽ“ ٺهيو. انهن نيٽورڪس کي ايستائين گهريلو ۽ ڪاروباري ڪم ڪار لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو هو، پر انٽرنيٽورڪنگ لاءِ 1982ع ۾ نئون پروٽوڪول ٺهڻ کانپوءِ آهستي آهستي ان جو عام استعمال به شروع ٿيو. 1982ع ۾ TCP/IP پروٽوڪول ذريعي سمورا ننڍا نيٽورڪ پاڻ ۾ ملڻ لڳا ۽ هڪ وڏي نيٽورڪ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳا جنهن کي اڄ اسان انٽرنيٽ چئون ٿا. 1995ع تائين انهن مخصوص نيٽورڪس کي عام واهپي لاءِ استعمال ڪرڻ تي لڳايل پابنديون هٽايون ويون ۽ اسان اوچتو ئي اوچتو انٽرنيٽ جو اڀار ڏٺوسين. ڄڻ ته راتو رات ڪا نئين انقلابي ۽ معجزاتي ايجاد آسمان مان هيٺ ڪري. پر حقيقت هيءَ آهي ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ گهڻو اڳتي نڪتل اِهي مُلڪ اڄ کان 50 سال اڳ اهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا هئا، جنهن کي قبولڻ لاءِ اسان جا ذهن اڄ به تيار نه آهن. توهان سوچيو 50 سال اڳ جيڪا ٽيڪنالاجي هُو استعمال ڪري رهيا هئا، اڄ اهي ڪٿي پهتا هوندا ۽ ڪيتريون شيون اسان جي اکين کان هاڻ به اوجهل هونديون؟ ايتري تائين جو اڄڪلهه گُوگل جيڪا ”گُوگل ميپس“ نالي سيٽلائيٽ ذريعي سموري دنيا کي براهه راست ڏسڻ جي سهولت ڏئي رهي آهي اُها پڻ امريڪا جي تحقيقي ۽ فوجي ادارن ۾ 1980ع کان اڳ استعمال هيٺ هئي. ٽيڪنالاجي اسان وٽ هڪ ته ڏاڍو دير سان پهچي ٿي، ۽ جيڪا ٿوري گهڻي پهچي ٿي ان کي قبول ڪندي به اسان گهٻرايون ٿا. سو ڳالهه پئي ڪيم فيس بُڪ ۽ اهڙي ٻين سوشل نيٽورڪنگ ويب سائيٽس جي، جن اڄڪلهه گونگن کي به زبان ڏئي ڇڏي آهي. جي توهان جا خيال عام خلق تائين نه ٿا پهچن، ميڊيا، پريس ۽ اهڙن ادارن مٿان رياست جي گرفت مضبوط آهي، ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ڪالهه تائين توهان لاءِ اهو وڏو مسئلو ضرور هئو، پر هاڻ توهان وٽ فيس بُڪ آهي، توهان وٽ يوٽيوب ۽ اهڙيون ٻيون ويب سائيٽس آهن جتي توهان پنهنجي راءِ جو کلي نموني اظهار ڪري سگهو ٿا. توهان پنهنجون صلاحيتون سموري دنيا کي ڏيکاري سگهو ٿا. توهان موسيقار آهيو يا آرٽسٽ، ڪارٽونسٽ آهيو يا سائنسدان، انٽرنيٽ، ۽ خاص طور تي فيس بُڪ توهان لاءِ انتهائي آسان بڻائي ڇڏيو آهي ته توهان پنهنجو فن ۽ تخليق گهڻي کان گهڻي ماڻهن تائين آسانيءَ سان پهچائي سگهو. توهان لاءِ اخلاق، ظابطن، رياست، سياست، مذهب ۽ فرقن جي ديوار ڪونهي. اها ديوار هاڻي اڳ کان ڪئين ڀيرا ڪمزور ٿي چڪي آهي. ۽ خاص طور تي جوليان اسانج ته وري ان ڪرندڙ ديوار کي هڪ زوردار ڌِڪو ٻيو به ڏئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اسان لاءِ ان نئين دنيا ۾ ساهه کڻڻ هڪ معنيٰ ۾ آسان بڻجي پيو آهي. جيڪڏهن توهان وٽ ڪو پبلشنگ ادارو ناهي ته ڪا ڳالهه ناهي. توهان پنهنجي سموري تحقيق ۽ تخليق توڻي پنهنجي خيالن کي بلاگ جي صورت ۾ دنيا آڏو پيش ڪري سگهو ٿا. انٽرنيٽ ان معاملي ۾ ڪافي سخي آهي. اُهو توهان کي پنهنجي راءِ جي اظهار جي لاءِ مفت ۾ جڳهه ڏئي ٿو. ورڊپريس WordPress، Blogger توڻي اهڙيون ٻيون ويب سائيٽس توهان کي مفت ۾ بلاگ ٺاهي پنهنجون لکڻيون دنيا تائين پهچائڻ جي سهوليت فراهم ڪن ٿيون. گوگل توهان کي مفت ۾ دنيا جي ذري گهٽ سمورين ٻولين جو ڪمپيوٽرائيزڊ ترجمو ڪرڻ جي سهوليت ڏئي ٿي. ڪٿي به ايڊجسٽ نه ٿي سگهندڙ ڪنهن اتاولي رُوح کي باقي ٻيو ڇا کپي؟ هاڻي وڏن وڏن پبلشنگ ادارن، اليڪٽرانڪ ميڊيا وغيره جي هڪ هٽي ٽٽندي نظر اچي ٿي. جڏهن کان انٽرنيٽ ۽ ملٽي ميڊيا موبائل فونن زور پڪڙيو آهي، تڏهن کان هڪ ٻئي قسم جي صحافت به زور پڪڙيو آهي، جنهن کي اسان Citizen Journalism چئون ٿا. هر ماڻهو هڪ صحافي ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هن وٽ ڪئميرا وارو ملٽي ميڊيا موبائيل سيٽ آهي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ اٿس. هو واقعن جي فيڊ ڪنهن به پبلشنگ اداري يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٿوري ۽ احسان کانسواءِ سڌو انٽرنيٽ تي موڪلي سگهي ٿو. ويجهي ماضيءَ ۾ سٽيزن جرنلزم ذريعي ڪيترن ئي اهڙن واقعن جي رپورٽنگ ٿي آهي جيڪا ڪنهن به ريت پروفيشنل صحافين جي ڪم کان گهٽ نه آهي. اهڙا ڪيترائي واقعا بريڪنگ نيوز به بڻيا آهن. مونکي ايندڙ دؤر جي صحافت ۾ انٽرنيٽ ذريعي ٿيندڙ صحافت ۽ سٽيزن جرنلزم جو مستقبل انتهائي بهترين نظر اچي رهيو آهي. انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي سماجن کي به انتهائي تيزيءَ سان تبديل ڪري رهي آهي ۽ اهم سياسي تبديليون پڻ آڻي رهي آهي. هاڻي اها ڳالهه ڪرڻ ته ورجاءُ ٿيندو ته 21هين صديءَ جي وڏي انقلابي لهر، جيڪا وچ اوڀر مان اُٿي آهي ان جي شروعات فيس بُڪ تان ٿي هُئي. تيونس، مصر، يمن ۽ مراڪش ۾ فيس بُڪ جنريشن پنهنجي پنهنجي رياستن کي لوڏي ڇڏيو ۽ سندن ان سموري انقلابي بغاوت ۾ موثر هٿيار فيس بُڪ ۽ ٽُئٽر هئا. ڪنهن به وڏي مظاهري، ڌرڻي ۽ هڙتال جو سڏ فيس بُڪ تي ڏنو ويندو هو ۽ اتان کان ئي انهن انقلابن لاءِ حمايت گڏ ڪئي ويندي هُئي. فيس بُڪ سان گڏوگڏ يوٽيوب پڻ هڪ ڪمال جي براڊڪاسٽنگ ويب سائيٽ آهي جنهن پنهنجي حساب سان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي جڳهه والارڻ شروع ڪئي آهي. ڇا توهان نه ڏٺو ته ٻه سال اڳ ايران مان اٿيل انقلابي طوفان کي فيس بُڪ ۽ يوٽيوب ڪيئن ڪَوَر ڪيو؟ اهو سمورو سٽيزن جرنلزم هو. مان پاڻ IT جي شعبي سان گذريل 5 سالن کان ڳنڍيل آهيان ۽ پنهنجي هر ڪم ڪار ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو ڀرپور استعمال ڪرڻ جو وڏو شوقين پڻ. ڪمپيوٽر پروگرامنگ ۽ ويب سائيٽ ڊولپنگ ذريعي پنهنجا ڪيترائي ڪم ڪار آسان ڪندو رهيو آهيان. اسان جي نوجوانن کي پڻ نئين انداز ۾ سوچڻو پوندو. اسانجي سنڌي صحافين کي پڻ. بلاگنگ ۽ سوشل نيٽورڪنگ کي سنجيده وٺڻ گهرجي، انٽرنيٽ تي ڪم ڪندڙ معتبر صحافتي ادارا پڻ تعمير ڪرڻ گهرجن. اها راءِ منهنجي ذاتي آهي، پر مان پنهنجي ڪيترن ئي ترقي پسند دوستن کي اها راءِ ضرور ڏيڻ چاهيندس. مارڪسزم هاڻ ڪامريڊ لينن واري دؤر جي پريس مشينن تائين محدود ڪونهي. مارڪسزم کي نئين انداز سان، نئين ٽولز ۽ ٽيڪنيڪ سان پيش ڪرڻو پوندو. فيس بُڪ جنريشن توهانجي نظر ۾ غيرسنجيده ضرور هوندي، پر اها گهٽ ۾ گهٽ فيس بُڪ ۽ يوٽيوب جي باري ۾ توهان کان وڌيڪ سنجيده آهي. ان تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ هن سموري لڏي کي پاڻ کي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو. اسان چيني ۽ روسي برانڊ جي مارڪسزم جي باري ۾ نه ڳالهائي رهيا آهيون، اسان اربن مارڪسزم جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون، اسان Metro-Marxism جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون. [/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم سٺي صلاح آهي ۔۔۔ ۽ اها ڳالهه به سچ آهي ته انٽرنيٽ جي اچڻ سان ڪيترن ادارن جي هڪ هٽي ختم ٿي وئي آهي ۔۔۔ هاڻ هر باشعور ماڻهون جيڪو ٿورو ڪي گهڻو ڪمپيوٽر جي تعليم سان آراسته آهي ۽ انٽرنيٽ جي سهولت آهي ته هو پنهنجي ڳالهه، شوق ۽ ذوق کي پورو ڪري سگهو ٿو ۔۔۔ خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ جي دنيا جو سهڻو سڄڻ پاڻ سليمان وساڻ آهي ۔۔۔ جيڪو سنڌ سلامت سميت فيسبڪ تي پڻ سنڌي ادب جي خدمت ۽ پرورش ائين ويٺو ڪري جيئن ڪو پيءَ پنهنجي اولاد جي ڪندو آهي ۔۔۔ لک ٿورا سليمان سائين ۔۔۔ رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
جواب: فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم بلڪل ادا سليمان ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن وقت جا نوجوان فيس بڪ جي جنريشن آهن۔ هڙتال جو سڏ هجي يا، ڪرڪيٽ ميچ جي دعوت، آفيس جو ڪم هجي يا امتحاني پيپر جي تياري۔ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر نوجوانن جي هر موڙ تي پيش پيش نظر اچي ٿو۔ پهريان جتي پنهنجا ليک ونڊڻ جي لا پبلشر جي ڳولا هوندي هئي اتي هاڻي بلاگ جي مدد سان نه صرف پنهنجا ليک ملڪ ۾ پر هر ملڪ جي ماڻهن کي ڏيکاري سگهجن ٿا۔ تمام بهترين ليک آهي ادا ظفر امام کي هي ليک لکڻ ۽ ادا سليمان وساڻ کي هي بهترين ليک ونڊڻ تي ٿورا مڃان ٿو۔ سدائين گڏ. دعا ۾ ياد. .
جواب: فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم مهرباني ادا طاهر ۔۔۔۔۔۔۔ يار اوهان به ان ئي فيس بوڪ ۽ نيٽ جي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو خاص ڪري سنڌ سلامت تي۔ مونکي خوشي آهي ته هاڻي فيس بوڪ ۽ انٽر نيٽ تي سنڌي لکڻ هڪ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي جنهن جي لاء اسان اميدون رکيون ويٺا هئاسين۔
جواب: فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم بلڪل اوهان جو حڪم اکين تي ۔۔۔۔۔۔ جاري رکبو سائين۔۔۔۔۔۔۔ اوهان فڪر ئي نه ڪيو ۽ ڪنهن سان ذڪر ئي نه ڪيو۔ فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ تي فقير وحيد ڦلپوٽو جون ڪاوشون به ياد رکيون وينديون، شڪارپور جي هن نوجوان سنڌ سلامت لاء خاص طور تي گهڻو وقت ڏئي ان جي سونهن ۾ اضافو ڪيو آهي۔
جواب: فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم سائين نثار سلام سچ ته انٽرنيٽ خاص ڪري فيس بوڪ ۽ سنڌ سلامت، سنڌ جي نون ۽ اڀرندڙ شاعرن ۽ تخليقڪارن سان گڏ انهن ليکڪن کي به هڪ آسان ذريعو مليو آهي جن جا ليک پهريان ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڪونه ڇپبا هئا۔ اسان کي ته اوهان جي دوستي تي فخر آهي جو اوهان جي رهنمائيء ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ سکون پيا۔ دوستن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي جي ڪري ئي مون جهڙي ماڻهوء کي به سٺي موٽ ملي ٿي۔ هر ڏينهن انٽرنيٽ تي اسان کي نون کان نوان تخليقڪار ملن ٿا جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ هڪ ٻي اهم ڳالهه ته جڏهن اسان فيسبوڪ تي شروع ۾ آيا هئاسون ته نالي ماتر سنڌي لکڻ وارا ملندا هئا، پر هاڻي خوشي ٿيندي آهي جڏهن فيسبوڪ تي کوڙ سارا سنڌيء ۾ گروپ يا دوستن جا ڪمينٽس ملندا آهن۔ نه صرف اهو پر نوجوان دوست تعليمي سرگرمين لاء به فيس بوڪ جو استعمال ڪن ٿا ۽ فيس بوڪ ذريعي ڪابه ڄاڻ آسانيء سان ۽ تيزيء سان منتقل ٿي رهي آهي۔
جواب: فيس بُڪ جنريشن، سٽيزن جرنلزم ۽ مَيٽرو مارڪسزم مهرباني ادا عمران درويش ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪالم لکڻ ۽ ڇپرائڻ ڏکيو ڪم آهي (توهان لاء ڏکيو ناهي) ، تنهنڪري ششل نيٽورڪ خاص ڪري فيسبوڪ پنهنجا ڪالم، پنهنجا خيال، پنهنجا احساس، پنهنجي شاعري ٻين تائين پهچائڻ جو سولو ۽ آسان ذريعو بڻجي ويو آهي۔ اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي ته وندر سان گڏ تعليم ۽ معلومات لاء پڻ هنن سوشل سائٽس جو استعمال سٺي نموني ٿيڻ شروع ٿيو آهي۔