ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    ڊاڪٽر وجئه شنڪر هرچنداڻي

    [JUSTIFY] اسان پنهنجي جسم جي مختلف حصن کي طاقتور بنائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪريون ٿا. پنهنجي اسٽيمنا کي وڌائڻ لاءِ بهتر کاڌا کائون ٿا، ملٽي وٽامن ۽ ٽانڪ وٺون ٿا، چمڙي کي سج جي شعاعن کان بچائڻ لاءِ ڇٽي يا سن اسڪرين لوشن استعمال ڪريون ٿا. پنهنجي ڏؤنرن (مسلز) کي طاقتور بنائڻ لاءِ ورزش ڪريون ٿا. ايئن ئي اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون مشقون ۽ عمل ٻڌائينداسين جنهن ذريعي اوهان پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وڌائي سگهو.

    دماغ انسان جي جسم جو سڀ کان اهم حصو احي پر اسان ان جي سڀني کان گهٽ خيال رکون ٿا. ڪنهن کي عام طورتي تي زندگي جي ڪنهن حصي ۾ به اهو خيال ناهي اندو ته سندس ذهني حالت آه ڪيئن ۽ ڪيتري ۽ جيڪڏهن دماغي صلاحيتون ڪجهه گهٽ آهن ته ان کي بهتر ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي.

    ان سلسلي ۾ ديوڪ يونيورسٽي جي چيف بايولاجيڪل سائيڪاٽرسٽ پروفيسر مرلي ڊوريا سوامي جو چوڻ آهي ته هيٺ ڏنل 12 طريقيڪارن کي اختيار ڪرڻ سان اوهان پنهنجي ذهني صلاحيتن کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهو ٿا ۽ وڌيڪ 10سالن لاءِ پنهنجي ذهن کي تروتازه رکي سگهو ٿا.

    پنهنجي روزمره جومعمول تبديل ڪريون:

    جيڪڏهن اوهان ساڄڙيا آهيو ته هاڻي کاٻي هٿ سان ڏندن کي برش ڪرڻ يا ڦڻي ڏيڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن اوهان جاگنگ جا عادي هجو ته اڳتي وڃڻ بدران پوئتي ڊوڙو يا ان قسم جو ڪو ٻيو اهڙو عمل ڪريو جيڪو اوهان جي روزمره جي معمول کان ابتڙ هجي. ائين ڪرڻ سان اوهان جي دماغ جا اهي پاسا وڌيڪ اڀري سامهون ايندا جيڪي عام طور تي آرام جي حالت ۾ هوندا آهن. ڊاڪٽر ڊينيل امين جو چوڻ آهي ته اهو عمل اوهان جي ذهن جي ستل حصن کي جاڳائي ٿو.

    ڪم ۾گهٽ وقت صرف ڪيو:

    ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ڪم تي تمام گهڻو وقت ڏيندا آهن انهن جي ڪم جو حاصل نتيجو عام طور تي انهن ملازمن کان گهٽ هوندو آحي. جيڪي ڪم ٿي گهٽ وقت وڃائيندا آهن. هڪ اسٽيڊي مان پتو پيو ته جيڪي ماڻهو هڪ هفتي ۾ 55 ڪلاڪ يا وڌيڪ ڪم ڪن ٿا انهن جو مجموعي ڪم 35 کان 40 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ ملازمن کان گهٽ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته گهڻو ويهڻ اوهان کي ذهين طور تي ٿڪائي ٿو ۽ ايئن اوهان جي ڪم جو مجموعي نتيجو گهٽ نڪرندو آهي. ايئن ڪرڻ سان هڪ طرف اوهان پنهنجو ڪم وڌيڪ ڪري سگهو ٿا ته ٻي طرف وري ننڊ کي متاثر ڪري ٿو ۽ ننڊ گهري اچڻ اوهان جي دماغي حالت کي خراب بڻائي ٿو.

    دوستن سان ڪچهري ڪريو:

    ڪڏهن به پنهنجي آفيس جي ڪينٽين ۾ ويهي يا پاڻي جي سهولت تي بيهي پنهنجي ساٿي ورڪرن سان ٿورڙي گپ شپ ڪرڻ کان به گهٻرايو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته 9 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ بعد 10 منٽن جي گپ شپ اوهان جي دماغ تي نه رڳو سڪون پهچائي ٿي پر ان کي وري ڪم لاءِ اوتروئي تيار ۽ تيز ڪريو ڇڏي جيترو اهو شروع ۾ هوندو آهي. اوهان جي دماغ جو 80 سيڪڙو پاڻياٺ تي ٻڏل هوندو آهي. جيڪڏهن دماع ۾ پاڻياٺ جو مقدار درست انداز ۾ نه هوندوته ان ۾ نيوران (دماغي جيوگهرڙا) پڻ درست ڪم نه ڪندا، ايئن اوهان جي دماعي صلاحيتن کي ڇيهو رسندو. ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 گلاس پاڻي ضرور پيو.

    ناچ ڪريو:

    عام طور تي ناچ کي رڳو عورتن جو ڪم سمجهيو ويندو آهي.يا وري ڪن معاشرن ۾ ناچ کي مذهبي نقطه نظر سان غلط تصور ڪيو ويندو آي پر اها به هڪ حقيقت آهي ته دنيا جي سمورن ملڪن ۾ گڏجي پير رکڻ يا رقص ڪرن ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر امين جو چوڻ آهي ته ڊانس دوران اوهان کي گروپ ورڪ ڪرڻو پوندي آهي. پنهنجي پيرن جي ردم کي درست رکڻو پوندو آهي. موسيقي جي تار کي صحيح سمجهڻو پوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه اوهان کي نهايت ئي بهتر بڻائي ٿو ۽ اوهان جي زهني صلاحيتن کي پڻ هٿي ڏي ٿو.

    ٽي وي گهٽ ڏسو:

    جيڪي ڏينهن ۾2 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽي وي ڏسن ٿا اڳتي هلي انهن جي لاءِ الزهار بيماري (جنهن ۾ يادداشت ختم ٿيڻ لڳندي آهي ۽ جسم تي دماغ جو ڪنٽرول گهٽ ٿي ويندو آهي ٿيڻ جا خطره وڌي ويندا آهن. ان کان سواءِ اوهان جڪڏهن ٽي وي ڏسو ٿا ته اوهان جو دماغ ۽ اکيون گهڻي وقت تائين هڪ ئي هنڌ تي مرڪوز ٿين ٿيون جتي وري روشني هوندي آهي. اها نه رڳو اوهان جي اکين کي ٿڪائي ٿي ۽ انهن کي نقصان رسائي ٿي پر دماغ کي پڻ ٿڪائي ڇڏي ٿي.

    مڇي مارڻ لاءِ وڃو:

    نديءَ ڪناري ڪنڍي ذريعي مڇي ڦاسائڻ گهڻن ماڻهن جو شوق هوندو آهي. اوهان کي شايد اها خبر لهجي ته اوهان جي دماغ جو 35سيڪڙو حصو فيٽي ايسڊس تي ٻڌل هوندو آهي. ڊي ايڇ اي نالي هڪ اوميگا 3 فيٽي ايسڊ اوهان جي دماغ جي جيوگهرڙن کي هڪ ٻئي سان اشارن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۾مددگار ثابت ٿيندو آهي. جيڪو مڇيءَ مان ملي ٿو. اي پي اي نالي هڪ فيٽي ايسڊ اوهان جي دماع جي خوشي وارن جذبن کي محسوس ڪندڙ حصي کي طاقت ڏي ٿو. جيڪڏهن اوهان پنهنجي دماغ کي بهتر حالت ۾ رکڻ چاهيو ٿا ته اوميگا 3 فيٽي ايسڊس استعمال ڪريو. ان لاءِ اوهان کي مڇي وڌيڪ واپرائڻ گهرجي. خاص ڪري مٺي پاڻي جي مڇي ان لاءِ بهتر ذريعو آهي.

    جوس ۽ فروٽ وڌيڪ استعمال ڪريو:

    يونيورسٽي آف سائوٿ فلوريڊا جي محققن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو هر هفتي 4 يا ان کان وڌيڪ گلاس فروٽ جوس پيئن ٿا انهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ الزاهيمر جي بيماري ٿيڻ جا امڪان 76 سيڪڙو گهٽ هوندا آهن.

    خراب خيالن کي ويجهو اچڻ نه ڏيو:

    پاڻ مرادو ايندڙ خراب خيال پڻ اوهان جي ذهني صحت کي خراب ڪرڻ جو ذريعو آهن. انهن خيالن جي ڪري دماغ جي انهن حصن ۾ جيڪي ذهني دٻاءُ کي وڌائين ٿا. سوچ پيدا ٿي ويندي آهي. جنهن ڪري ذهني دٻاءُ وڌائيندڙ هارمونز جي پيداوار پڻ وڌي ٿي، جيڪي وري دماغي جيو گهرڙن کي ماريو ڇڏين، ڪوشش ڪريو ته برن خيالن کي دماغ جي ويجهو نه اچڻ ڏيو. جيڪڏهن ائين ٿيئي ٿو ته اوهان سٺين ڳالهين، سٺن تجربن ۽ سٺن ماڻهن جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪريو. ايئن اوهان جو دماع پڻ سٺي صورتحال ۾ رهندو.

    ڪا ٻي ٻولي سکو:

    جيڪي ٻار يا وڏا پنهنجي مادري زبان کان سواءِ ڪا ٻي ٻولي سکڻ ٿا ته انهن جي ذهني صلاحيت ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر هوندي آهي. اوهان ان ريت نه رڳو پنهنجي مطالعي جي حد کي وڌائي سگهو ٿا پر پنهنجي ذهني صلاحيتن کي پڻ بهتر بڻائي سگهو ٿا.

    مصالحن جو استعمال وڌايو:

    روز مير، دالچيني، هيڊ، ٿائيم، ليمن گراس ۽ ڪجهه ٻيا مصالحه اهڙا آهن جيڪي اوهان جي ذهين صلاحيتن کي وڌائين ٿا. اوهان پنهنجي کاڌي ۾ هڪ حد تائين انهن مصالحن جي استعمال کي وڌيڪ ڪري پنهنجي ذهني صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهو ٿا.

    رانديون وڌيڪ ڏسو:

    رانديون نه رڳو اوهان جي جسماني صاحيتن کي وڌائين ٿيون پر اهي اوهان جي ذهن کي پڻ تقويت ۽ طاقت ڏين ٿيون. اوهان جيڪڏهن اسٽيڊيم يا گرائونڊ ۾ ويهي راندين مان لطف اندوز ٿيو ٿا ته انهي ريت جيڪو به جوش جذبو اوهان اندر پيدا ٿئي ٿو. اهو اوهان جي ذهني صلاحيتن لاءِ بهتر هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ ماحول ۾ موجود آڪسيجن پڻ اوهان جي دماغ ۾ وڌيڪ پهچي ٿي ۽ ان کي طاقتور بڻائي ٿي.
    [/JUSTIFY]
     
    احمد جنيد جوڻيجو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    ادا تمام سٺي ونڊ آهي، اميد ته آئنده پڻ پنهنجي سٺين صلاحن سان اسان کي ضرور مستفيض ڪندا رهندئو۔
     
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    تمام سٺي ونڊ آهي۔ مهربانيون
     
  4. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ آهي۔

    ادا سليمان ڏسئون ٿا آزمائي جي فرق پيو ته واهه واهه نه ته به پئي ڪٽجي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    مهرباني ادا

    اسان جون ڪوششون رهنديون آهن ته سٺا مضمون دوستن سان شيئر ڪجن
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    درويش سائين ضرور آزمائجو ۽ پوء مونکي ضرور ٻڌائجو ته نتيجا مثبت ٿا رهن يا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    باقي اهو کٻي هٿ سان ڏندڻ ڪرڻ ۔۔ ٻيلي ڪجهه ڳالهيون مڙئي ڏکيون آهن پر يقينن اهڙا چئلينج ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا۔۔۔۔۔۔
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    سائين سليمان وساڻ صاحب۔اڳ ۾ ٻڌ يندا هئاسين ته بادم کائڻ سان دماغي صالحيتون وڌانديون آهن۔اسان بادم کائڻ شروع ڪيوسين دماغي صلاٍحيتون جي وڌڻ بابت ته گهڻو محسوس نه ٿيو پر بلڊ ڪوليسٽرل تمام گهڻو وڌي ويو۔هاڻي توهان جي لکيل ليک ۾ نسخن ته عمل ڪري ڏسون ٿا۔خبر پئجي ويندي ته دماغي صلاحيت ان طريقي سان وڌي سگهي ٿئي يانه۔بهرحال توهان جون تحريرون هميشه تمام وڏيون معناتيون ۽ بهترين هونديون آهن۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    سائين ميمڻ صاحب مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔۔

    بادام کائڻ جا فائدا ته اوهان کي سائين نثار ابڙو ئي صحيح طريقي سان ٻڌائيندو جو پاڻ امريڪي بادام پيا کائن۔ باقي هن ليک ۾ به ڪجهه نيون ڳالهيون آهن ۽ نواڻ هميشه ذهني واڌ ڪندي آهي۔

    مهرباني حوصلا افزائيء جي۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    ادا بهترين وند آهي ۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    يار سليمان مون ابتو ڀڄڻ شروع ڪيو ته ماڻهن ٽوڪان ڪيو ته چريو ٿي پيو آهي ۔۔۔ ابتي هٿ سان وارن کي برش ٿي ڪيم ته برش ڀنڃي وڌو اٿم ۔۔۔ ڪيترن ڏينهن کان سوچيان پيو ته ٻيون ترڪيبون به آزمايان پر يار ڳالهيون ڪجهه خطرناڪ آهن ۔۔۔ مطلب جيڪي ڪم نه ڪيا آهن اهي ڪرڻ سان ڪٿي ۔۔۔۔؟؟؟

    ڀوڳن کان علاوه ترڪيبون سڀ ڀليون آهن، مزو ايندو جڏهن اهي سڀ ترڪيبون استعمال ڪبيون ۔۔۔

    واه سائين واه
     
  11. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    ڀائو نثار!
    رڳو سس کان جان ڇڏائڻ جو طريقو ڏسيو، دماغ پاڻهي درست ٿي ويندو ۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ 12 طريقا

    مهرباني

    جڏهن به رياض گلال ايندو آهي ته پراڻيون شيئرنگ ٻيهر زندهه ٿي پونديون آهن ۽ گهڻا دوست جن کان اهي پڙهڻ کان رهجي ويون هجن ٻيهر پڙهي معلومات حاصل ڪندا آهن۔

    ٿورا اوهان جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    .....................................

    مون مٿي عرض ڪيو هو ته ڪجهه عجيب غريب ۽ خطرناڪ ٽوٽڪا آهن۔۔۔۔۔۔۔

    نئون ڪم جڏهن شروع ڪبو آهي ته اهو چيلينج سمجهي ڪبو آهي ۽ اهائي شئي ذهني صلاحيت وڌائيندي آهي۔ ضرور ڪجهه ڳالهيون عجيب لڳنديون۔

    لک ٿورا ٽوٽڪن کي آزمائڻ جا ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو