• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محڪريء جا مضمون (ليکڪ: جي ايم محڪري، ترجمو : حبيب سنائي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هي ڪتاب ”محڪريء جا مضمون“ جي ايم محڪريء جي مضمونن جو سنڌي ترجمو آهي۔ جنهن ۾ سنڌي ڪلچر سان گڏ سنڌ تي تفصيلي مضمون شامل آهن۔

ڪتاب بابت:


19 آڪٽوبر 1908ع تي بنگلور ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر جي ايم مهڪري صاحب ورهاڱي کان ڪجھه سال اڳ نوڪريءَ سانگي سنڌ ۾ اچي ورسيو هو. هن صاحب انگريزي زبان ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪيترا مضمون ۽ ٻه عدد ڪتاب لکيا آهن، جن مان هڪ ڪتاب Sorrows of Sindh ڇپيل آهي. محمد ابراهيم جويي صاحب سندس ڪيترن مضمونن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جيڪي ”محڪري جا مضمون“ نامي ڪتاب ۾ شامل آهن. چند سال اڳ هيءُ صاحب فوت ٿي چڪو آهي. سندس مذڪوره ڪتاب اڻ لڀ آهن. ۽ نئون نسل هن جي عاليشان ويچارن کي پڙهڻ کان محروم آهي. هن جا هيٺيان مضمون مون ڪافي سال اڳ ترجمو ڪيا هئا ۽ اڪثر ماهوار ڪينجهر حيدرآباد ۾ ڇپيا هئا. انهن جي افاديت کي ڏسندي کين آئون هن ننڍي اليڪٽرانڪ بڪ ۾ پيش ڪريان پيو. اميد ته نئون نسل انهن کي پڙهندو ۽ ڪارائتين ڳالهين کي هينئي سان هنڊائيندو. ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ سنڌ کي خوشحال بنائڻ جا جتن ڪندو.

حبيب سنائي

هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو محترم حبيب سنائي ڪيو آهي، جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔


 
Back
Top