ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ هي جيون ته آ، آزمائشن جو جهان۔ ڪڏهن مسڪراهٽن ۾ نه ماپون، ڪنهن پل سوين وسوسا ۽ گمان۔ ڪٿي پيون ملن نفرتون ۽ انائون، ۽ ڪٿي پيا جڙن محبتن جا مڪان۔ ڪڏهن ساٿ ڪيئي ڏسجن پيا، ڪنهن پل اداسين سندا عنوان۔ هي ساحر سفر پيو ازل کان هلي، هر ڪو ڏک سک ڪٽي پوء ڇڏي ٿو جهان۔
جواب: ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ هي جيون ته آ، آزمائشن جو جهان۔ هي جيون واقعي ئي آزمائش آهي ۔۔۔۔۔ ۽ عاشق جي اچڻ سان شاعري ۽ ڊزائن ٻئي ملن پيون جن جي ڪمي هئي۔ جنيد نوجوان شاعر آهي ۽ اميد ته هو شاعرن کي پڙهي ۽ دوستن جي راين کي مد نظر رکي مستقبل جو سٺو شاعر ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ ادا تمام سٺي شاعري آهي۔ اسان جي دعا آهي الله پاڪ جنيد جي علم ۾ اضافو ڪري ۽ مستقبل جا وڏا شاعر ٿين۔ آمين
جواب: ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ تمام گهڻا قرب سائين اوهان جي حوصلا افزائي ساڻ رهي ته انشاالله اوهان جون اميدون اجايون نه وينديون
جواب: ڪا گهڙي حوصلو، ڪا گهڙي امتحان۔ عام انسان جي وارتا، هن انساني سماج ۾ هر هڪ ماڻهون اهڙين ئي حالتن مان گذرندي زندگي گذاري ٿو ۔۔۔ ڪڏهن غم ته ڪڏهن خوشي، ڪڏهن چاڪائي ته ڪڏهن ناچاڪائيءَ مان گذري ٿو ۔۔۔۔ لطيف سڳوري اهڙين حالتن جو بيان ڪندي چيو” مونکي مون پرينءَ، ٻڌي وڌو ٻار ۾ اڀا! ائين چون، متان پاند پسائين۔ هن ڪائنات جي عجيب وهنوار ۾ انسان ڦاسي پوي ٿو ۔۔۔ پر وري جڏهن خدائي سڏ ياد اچيس ٿو ته مٿيان لفظ چئي ٿو ڏي ۔۔پر قرآن شريف هڪ رستو ڏيکاريو آهي ۔۔۔ اهو آهي غير الله کان نجات ۔۔۔ غير الله کان نجات جو مقصد آهي ڪوڙ ۽ خوف کان نجات ۔۔۔۔ انسان جيڪڏهن هڪ الله ۾ ايمان رکي ته ڪيترين ئي بيمارين کان بچي وڃي ٿو ۔۔۔ سهڻي شاعري ۽ سهڻو اظهار