• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڪ موتي ياد جا شاعري (ملهار سنڌي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
نوجوان شاعر ملهار سنڌيء جي شاعريء تي مشتمل ڪتاب ”ماڪ موتي ياد جا“ سندس خوبصورت تخليقن جو ڪتاب آهي۔ ڪتاب جي ڪمپوزنگ وفا گل محمد جمالي جن ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔

ڪجهه ڪتاب بابت:

ملهار ، نوجوان سنڌي شاعرن جي انهيءَ ٽهيءَ سان واسطو رکي ٿو جنهن ٽهيءَ سنڌي شاعريءَ کي نوان دڳ ، نوان رجحان، نوان روپ ۽ رنگ ڏيڻ سان گڏوگڏ شاعريءَ جو پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ وڌيڪ پختيون ڪيون آهن. ان ٽهيءَ جي شاعرن جي شعور کي روشني شاهه لطيف وٽان ملي، کين شيخ اياز جهڙو آفاقي شاعر پنهنجي سامهون سرواڻ طور نظر آيو ۽ انهن ساڳئي نقشِ قدم تي ڏات جي ڌرتيءَ تي پير پاتا آهن تڏهن ته سندن قدمن ۾ مضبوطي ۽ حوصلن ۾ بلندگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ اهي خوبيون اسان کي ملهار سنڌيءَ جي شاعريءَ ۾ به ملن ٿيون. سندس شاعريءَ ۾ شعور جي پختگي، فڪر جي گهرائي، لفظن جي سادگي ۽ مقصد جي چٽائي ملي ٿي. ملهار جي هن مجموعي ” ماڪ موتي ياد جا “ ۾ اسان کي غزل، وايون، چوسٽا، ڏيڍ سٽا ۽ نظم ملن ٿا. انهن سڀني صنفن ۾ ملهار جي شاعري اثرائتي نموني اظهار ڪري ٿي. مشهور رومانوي شاعر (Keats) هڪ هنڌ شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته ” شاعريءَ کي ائين هجڻ گهرجي جو پڙهندڙ کي اهو محسوس ٿئي ڄڻ هن جا پنهنجا بلند ترين خيال ڪنهنن ٻئي جي زباني ظاهر ٿيا آهن ۽ اهڙيون ئي بي شمار سِٽون سان کي ملهار جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون جن ۾ اسان کي پنهنجون وِڃايل يادون ۽ سپنا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي اسان جي اندر ۾ ، سوچن جي ساگر ۾ ، ارتعاش يا تحريڪ جون لهرون پيدا ڪن ٿا جن سان اسان جي من اندر ماٺيون ٿي ويل ساروڻيون وري جاڳي پون ٿيون.

(مهاڳ مان کنيل هڪ ٽڪڙو)



 
Back
Top