تون ياد وري آئين

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪالهه اوچتو دوست سليمان وساڻ مونڏانهن سائين شمشير جو گيت موڪليو ٻڌڻ لاءِ، گيت ڇا موڪليو منهنجي اندر جي حساس ۽ عاشق دل کي جهنجهوڙي وڌو ۔۔۔ بس پوءِ سڄو ڏينهن ان گيت نه فقط سرور ادا ڪيو، پر جيڪو اکين ۾ ڪجر هو سو جر جي سبب ڌوپي صاف ٿي ويو ۔۔۔

    دوستو! محترم سائين شمشير الحيدري اڄڪلهه بيمار به رهي ٿو ۽ سندس عمر به 80 جي ڏهاڪي ۾ آهي، هن شينهن مرد نه ته ڪڏهن وقت کان مات کاڌي آهي ۽ نه ڪڏهن ڪنهن فطري حادثن کان پر ٻه ڏينهن اڳ سندس ڪمزوري ڏسي ۽ مٿان وري هي گيت ٻڌي، الائجي ڇو اکين مان نير وهندا رهندا ۔۔۔

    دوستن کي عرض آهي ته سندس جي صحتيابي لاءِ ڌنيءَ در دعاڳو ٿين ۔۔۔

    [​IMG]


    شمشير الحيدريءَ جو گيت
    تون ياد وري آئين،
    1
    دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ اٿل آئي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
    2
    چپڙن جي ڪنارن تي، ڄڻ باهه ٻري آئي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
    3
    انگ انگ ۾ اٿيا اڌما، لونءَ لونءَ ۾ وره وائي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
    4.
    الفت جي اسيرن کي، ماري وئي تنھائي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري
    5.
    رڳ رڳ ۾ هلي هوريان، احساس جي ڪتڪائي
    تون ياد وري آئين تون ياد وري آئين
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: تون ياد وري آئين

    دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ اٿل آئي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين

    سائين بيشڪ تمام بهترين ڱيت ڪل مان پاڻ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيس ته سائين جن فيس بوڪ تي هن ڱيت جي لنڪ ڏني
    ۽ مون پڻ اھو ڱيت ٻُڌو، تمام بهترين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تون ياد وري آئين

    سائين نثار سلام

    ننڍي هوندي ريڊيو تي مهجبين قزلباش جي آواز ۾ هي ڪلام ٻڌندا آياسين۔ ڪالهه سنڌ سلامت ٽيوب تي وڊيوز اپلوڊ ڪندي جڏهن هي ڪلام ٻڌم جنهن ۾ آواز ته مهجبين قزلباش جو ئي آهي پر سونيا ڪنول تي فلمايل لڳو۔ هي ڪلام ٻڌندي اوهان ڏانهن لنڪ ڇا موڪلي ڄڻ اوهان جي دل جي تارُن کي جهنجهوڙي ڇڏيو۔

    چپڙن جي ڪنارن تي، ڄڻ باهه ٻري آئي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين

    الفت جي اسيرن کي، ماري وئي تنھائي
    تون ياد وري آئين، تون ياد وري

    سچ ته لاجواب شاعري آهي۔ سائين شميشير جي صحتيابيء لاء ڌڻيء در دعاگو آهيون ته رب پاڪ کين جلد صحتياب ڪري۔ سائين شمشير هڪ خود دار شخص آهي جيڪو 80 جي عمر ۾ هوندي به پاڻ اخبار ۾ ڪم ڪري ٿو پر ڪڏهن حڪومت کان يا ڪنهن اداري کان مدد گهرڻ ۾ عيب محسوس ٿو ڪري۔

    ڪلام جي وڊيو لنڪ به حاضر آهي۔


     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تون ياد وري آئين

    ڌڻي سندن صحت برقرار رکي ۽ هميشه خوش رکي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو