يزيد جو وليد جي زريعي سان امام کان بيعت جو سوال ۽ امام عه جو مدينو ڇڏڻ. امام جي حڪمت ما هڪ حڪمت آهي امام عه مديني مان هجرت ڪن ٿا انجو هر گز مطلب اهو ناهي ته امام مڪي جي حُرمت ۾ پناھ وٺڻ چاهين ٿا . نه امام عه کي اهو علم اهي ته يزيد جنهن قبيل جو ماڻهون آهي ان قبيلي هن بادشاهت لاءِ ڪيتريون ئي اسلامي بي حُرمتيون ڪيون آهن. امام عه جو مقصد پنهنجي تحريڪ کي مشهور ڪرڻو هو يزيد ته ڇا بلڪه قائنات ۾ ڪو گهر ڪو شخص اهلبيت عه کان بيعت وٺن جي اهل نه هو نه ئي ان گهر ڪنهن جي بيعت ڪئي آهي جي بيعت جو زڪر آيو به آهي ته اهو اختلافي زڪر آهي . امام جي بيعت جو مقصد واضع ۽ صاف هو ته پاڻ عه يزيد جي خلاف ٻاهر نڪتا اهو پيغام امت تائين مسلسل سفر ڪندو رهيو امام جتي قيام ڪيو جتان گذريا پنهنجي نڪرڻ جو مقصد ٻڌائيندا رهيا ته جيئن ماڻهن تائين اها ڳالھ پهچي سگهي ته امام يزيد جي خلاف خروج ڪري چڪو اهي. ڪجھ اڳتي لکڻ کان پهريان آءُ بنو اميه جي حالات جي طرف اوهان جو توجه ڪرائڻ چاهيان ٿو.
تاريخدانن لکيو آهي ته محققين ان ڳالھ تي متفق آهن ته بنو اميه هڪ اهڙي نسل هئي جنهن جو طريقو ڪار هڪ سياسي پارٽي سان ملندڙ جُلندڙ هو هنن جي مشاهبت يهودين سان ملندي جُلندي هئي. جيڪي پنهنجي نصب العين جي حصول لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي . ( قديم مورخن بنو اميه کي چالاڪ شيطاني صفتون رکڻ واري قوم ٻڌايو آهي) (اقتباس حماسه حسيني تاليف استا شهيد مرتضيٰ مطهري). هنن جي مسلمانن ٿيندي ئي ٻين جمائتن هن گروه کي اسلام لاءِ تمام گهڻو خطرو ڄاتو۔ ڇو جو جيسيتائين انهن ۾ طاقت رهي تيسيتائي اهي اسلام خلاف وڙهندا رهيا.۽ جڏهن مسلمان غالب اچي ويا ته هي اسلام جوظاهري لباس پهري اسلام ۾ داخل ٿي ويا. جڏهن ته اسلام انهن جي روح جي گهراين تائين سفر نه ڪري سگهيو. پاڻ صلعم جي وصال کان پوء بني اميه جو پهريون فرد ابوسفيان جو پٽ يزيد شام جو گورنر ٿيو ۽ ان کان پوءِ معاويه شام جو حاڪم ٿي ويو . ۽ ويهن سالن جي اندر يعني حضرت عثمان جي آخري زماني تائين هي اهو زمانو آهي جڏهن حضرت عثمان جي حڪومت تي گرفت ڪمزور ٿي رهي آهي معاويه ڏسي ٿو ته حالات حضرت عثمان جيخلاف ٿا وڃن حضرت عثمان جي مدد گهڙڻ باوجود هي چُپ رهيو ڇو جو مروان بن حڪم جي به اها ئي ڪوشش هئي ته خلافت بنو اميه جي گهر ۾ رهي ڇو جو ان زماني ۾ حضرت عثمان جي گهر ۾ اها ڳالھ ٿي چُڪي هئي جا ابو سفيان ڪئي هئي ته حڪومت جو بال هاڻي هر صورت ۾ بنو اميڳ جي ٻارن ۾ رهيهي بلڪل چُپ رهيو ڇو جو حضرت عثمان کان پوءِ معاويه اهڙو شخص هوبنو مايه ۾ جيڪو حڪومت کي بنو اميه ۾ رکي ٿو سگهيو ۽ هو شام ۾ ان لاءِ گهڻو ڪجھ ڪري چڪو جنهن جو ثبوت حضرت علي عه جو هن کي معزول ڪرڻ ۽ هن جو معزول ٿيڻ کان انڪار ۽ علي عه سان بغاوت ڪرڻ اسان تي اعتراض ڪرڻ وارا اسلام جي چوٿين خليفي تي اعتراض ڪرڻ واري هن تي اعترازچو نه ٿا ڪن ) معاويه جنهن ۾ موجوده شام، موجوده ترقي جو ڪجھ حصو، موجوده فلسطين ۽ موجوده لبنان موجود ها اهو علائقو بنو اميه جو جاگير بڻجي ويو.
حضرت عثمان جڏهن خليفو ٿيو جئين ته هي ٻين اموين کان روحاني اعتبار کان مختلف هو پر پوءِ به اموي هو ۽ اهو ئي اهو دور هو جنهن دور ۾ اسلامي حڪومت ۾ اموي خاندان جا پير ڄمي ويا. جيئن مصر ، ڪوفو ۽ بصره جهڙيون حڪومتون هنن جي هٿ لڳي ويون۔ جڏهن معاويه خودمختار حڪومت جو مالڪ ٿي ويو ته هي روزبروز پنهنجي حڪومت ۾ اضافو ڪرڻ لڳو.حضرت عثمان جي قتل کان پهريان معاويه وٽ صرف به قوتون هيون هڪ حڪومتي ٻيو بيت المال. پر حضرت عثمان جي قتل کان پوءِ هن حضرت عثمان جي قتل کي سياسي رنگ ڏنو ۽ مقتول ۽ مظلوم خليفي جو قصو شروع ڪيو جنهن سان هن ماڻهن جي دلي جذباتن کي به پاڻ ڏانهن موڙي ڇڏيو.
اهو ئي سبب آهي جو حضرت علي عه جي شهادت کان پوءِ هي شخص مسلمانن جو خليفو ٿي ويو ۽ حضرت علي عه جو فرمان جيڪو پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ فرمايائون ته مون فتني جو اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن . پاڻ فرمايائون ته خوارج جي فتني کان به وڏو فتنو بني اميه جو فتنو آهي يعني خوارج ته فتنو آهي پر ان کان به وڏو فتنو بني مايه آهي .
حضرت بني اميه جي هڪ خصوصيت بيان فرمائي ته هنن جي دور ۾
اسلامي حقيقتون مسخ ٿي وينديون، اسلام جا تعليم ڏني آهي ته مسلمان برابر آهن هڪ ٻئي جا ڀائر آهن جڏهن هن جو دور ايندو تڏهن هي اوهان جا آقا ٿي ويندا ۽ توهان هنن جا غلام هوندؤ، يعني برابري وارو اصول مسخ ٿي ويندو. هي سمجهدار ۽ سوچ سمجھ وارن ماڻهن جا قاتل هوندا جنهن کي اڄ اسان چوندا آهيون ته جي اوهان ڪنهن قوم کي تباھ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان انهن جي دانشورن کي ختم ڪريو. ڇو جو دانشور قوم جو اهو حلقو هندو آهي جتان قومون ظلم جي خلاف بغاوت ڪنديون آهن. ۽ هن قوم جي لاءِ تاريخ گواه آهي ته هنن دانشورن کي ائين ڳولي ڳولي قتل ڪيو جيئن ڪڪڙ زمين تان داڻو ڳوليندي آهي.
امام حسين عه بنو اميه جي حقيقت کي جن اسلامي پيراهن پاتو هو تنهن کي ائين لاٿو جو هنن جي حقيقت آشڪار ٿي وئي. امام علي عه جو معاويه سان برسرِ پيڪار رهڻ مام حسن عه جو معاويه سان صلح هي اهي سڀ عمل ها جن سان آلِ محمد بنو اميه جي پروگرام کي بلڪل ظاهر ڪيو ۔( ان موضوع تي به انشاءِ الله ڪنهن وقت لکڻ جي ڪوشش ڪبي۔) امام عه هڪ اهڙي علامت ٿي ذهنن ۾ اڀريو جنهن مسلمانن جي ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. ان لاءِ امام هر هڪ شخص جي ضمير تائين پنهنجي رسائي جو اهو طريقو اختيار ڪيو. ان سان گڏوگڏ جي امام يزيد جي بيعت ڪري ها ته دنيا ۾ اسلام جو رخ يزيدي هجي ها نه ڪي اسلام جو حقيقي رُخ ان لاءِ امام عه لاءِ چيو ويندو آهي ته امام اسلام کي بچايو۔( ان موضوع تي جنهن هر شخص کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. جيئن امام علي عه کي هر جمعي جي خطبي ۾ برو ڀلو چيو ويندو هو ماڻهن کي انعام بخشيا ويندا ها ته جيئن پوري اسلامي مملڪت ۾ نمازِ جمعه ۾ امام علي عه تي لعن طعن ڪيو ويندو هو. ان جو ثبوت اهو آهي ته امام عه هڪ اهڙي قوت ، نظريو، عقيدو ۽ ايمان جي حيثيت سان ماڻهن جي روح ۾ زنده رهيا ۽ معاويه امام جي ان حقيقت کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ امام حسين عه به پنهنجي والد جي ان طريقي کي اپنايو ته مونکي پنهنجي تحريڪ کي ماڻهن تائين اهڙي نموني پهچائڻو آهي جا هر هڪ جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏي ۽ ائين ئي ٿيو. جنهن لاءِ امام حسين عه معاويه جي مرڻ جي اٺين يا نائين ڏينهن تي مدينو ڇڏيو. جڏهن امام مدينو ڇڏيو ته امام عه جو مدينو ڇڏڻ ڪو عام حادثو نه هو هر هڪ مديني جو رهواسي پنهنجي ضمير جي هٿان پريشان هو، هر زائرِ رسول جڏهن ڏٺو ته ابنِ رسول الله مدينو بدر ڪيو ويو آهي اهو بنو اميه جي هٿان قضيو هر زوار پنهنجي علئقي تائين پهچايو۔ بيشڪ ماڻهن امام جو ساٿ نه ڏنو پر يزيد جي خلاف ماڻهن جي ضمير ۾ ذِهني بغاوت شروع ٿي چڪي هئي. پوءِ امام عه جتان به گذريو اتان اها بغاوت سفر ڪندي رهي. ابن رسول الله کي مدينو بدر ڪيو ويو ۽ ان شخص کي مدينو بدر ڪيو ويو جنهن جا شان پاڻ صلعم ماڻهن تائين پهچايا . جنهن لاءِنبي ممبر و محافل ۾ چوندا رهيا حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان ، حسن و حسين عه جنت جي جوانن جا سردار آهن ۔ حسين عه امت جو شفائت گذار آهي جهڙيون ڪئي حديثون موجود هيون نه فقط پاڻ صلعم انهن جا پيغام پهچايا پر حقيقت ۾ هي پاڻ عه به سيرت ۾ انبياءِ جا وارث ها. جن جي شرافت پڻ هڪ حقيقت هئي . منهنجو خيال آهي جي سندن خانداني رشتو حضور سان نه به هجي ها ته سندن ڪردار انبياء جي وراثت جو مالڪ هو.
توهان پنهنجي اندر غور ڪيو جي اوهان جي علائقي جي ڪنهن اهڙي ماڻهون کي جيڪو بيشڪ پاڪباز نه هجي جنهن سان ٿورو گهڻو اوڙي پاڙي وارا رنجشون به رکندا هجن. ان کي ڳوٺ بدر ڪيو وڃي ته اڪثريت جي جذبات ان سان گڏ هوندي آهي ۽ جيڪو ان کي ڳوٺ بدر ڪندو آهي ان جي خلاف بيشڪ اهو شخص طاقتور هجي ۽ ڪو ان جي خلاف بغاوت نه ڪري سگهي ان کان ماڻهون نفرت ضرور ڪندا آهن. ڇو جو انساني فطرت ۾ رحم، ڪرم، ٻاجھ جهڙا زيور جَڙَيل آهن جيڪي ڪنهن سان ظلم ٿيندو ڏسي بغاوت لاءِ سرشار ٿي ويندا آهن. ۽ امام حسين عه ته اها شخصيت آهي جنهن جي ناني تي هر مسلمان ڪلمو پڙهيو آهي. امام پنهنجي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ٻين لفظن ۾ بنو اميه يا يزيد جهڙي حڪمران جي خلاف ذهنن ۾ بغاوت کي اڀارڻ لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪيو ۽ اهڙو موت ڏنو جو هو گار جي علامت بڻجي ويو.
ته مون لکيو پئي امام عه پنهنجي تحريڪ کي عام ڪرڻ لاءِ اٺاويھ رجب تي مدينو ڇڏيو هاڻي اوهان پاڻ سوچيو ته ان وقت مديني جو ڇا حال هوندو آءُ اتي هڪ ٻي ڳالھ به اوهان جي ذهنن تائين پهچائڻ ضروري ٿو سمجهان شايد اها ئي وجه هئي جو امام علي عه بنو اميه جي پروپيگنڊه کي (سازشون) ٽوڙڻ جي لاءِ پاڻ ڪوفي کي دارالخلافه بڻايو. جيئن ماڻهن کي اها خبر پئجي سگهي، هي جيڪو بنو اميه جوٽولو اهلبيت عه اسلام جي خلاف نه فقط پر، جيڪو دين پيش ڪري ٿو ان جي حقيقت هي آهي.مولا علي عه اچڻ وارن حالتن کان واقف ها ان لاءِ دين جي حقيقت کي پهچائڻ لاءِمولا علي عه مدينو ڇڏي ڪوفي کي دارالخلافه بڻايو۔
ته مون عرض ٿي ڪيو اما عه جيڪو طريقو اپنايو اهو عين سندن منشاءِ جي مطابق هو. هي هستيون اهي ناهن جي حالت جي سامهون مجبور هجن . هي هستيون اهي آهن جيڪي حالات کي پنهنجي تابع رکڻ جون مالڪ هيون.
هاڻي توهان غور ڪيو ته امام عه مدينو ڇڏيو، مديني جي هر شريف جي دل آزارجي پئي جيڪا پهريان آزاريل هئي. مون لفظ آزاريل هئي ڄاڻي واڻِي استعمال ڪيو آهي ان لاء ته شرافت ظلم جي خلاف بغاوت ڪندي آهي جي شرافت جو وس نه پڄي ته هو اندر ئي اندر ۾ آزاربي رهندي آهي ائين ناهي ته شرافت مصلحتن يا پنهنجي وس آهر خاموش رهي ۽ ان برائي جو اهنج به محسوس نه ڪر ي۔ هر مانحون شجيع ناهي هوندو هر شريف ظلم جي خلاف بغاوت ناهي ڪري سگهندو۔ بيشڪ نبي اڪرم صلعم کي هن دنيا مان وصال ڪئي ڪو گهڻو عرصو نه گذريو . شرفاءِ جن پاڻ صلعم جي رقابت ۾ زندگي گذاري هئي انهن لاءِ يزيد جهڙو مسلمانن جو امير مقرر ٿيڻ بذاتِ خود هڪ وڏو آزار هيو. جن اسلام جي تبليغ ۾ ايتريون قربانيون ڏنيون تنهن اسلام جي حقيقتن کي مسخ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هي ڪو گهٽ آزار هو۔لازم ناهي ته هر ماڻهون اها جرائت رکي ته امام سان گڏ هلي يا امام سان خروج ڪري. پر امام اها انهن جي ذهنن ۾ مضبوط ڪئي. پوءِ امام عه مڪي جو رُخ ڪيو ڇو جو جي پاڻ صرف اهو آواز مديني تائين محدود رکن ها ته اهو پيغام عالمگير نه ٿي ٿي سگهيو ان لاءِ امام عه مدينو ڇڏيو ۽ اتان ان تحريڪ جي شروعات ٿي انشاءِ الله ڪنهن وقت ان موضوع تي اوهان جي سامهون پيش ڪنداسين ته تحريڪ ڪٿان ۽ ڪيئن جنم وٺندي آهي ۽ ڪامياب تحريڪ جا اسباب ڪهڙا هوندا آهن.
ته امام پنهنجو پيغام جيڪو پيغامِ الاهي هوتنهن کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ مڪي کان ڪوفي جو رُخ ڪيائون. ماڻهن تائين پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ خود اها تبليغي حرڪت هئي. ان کان وڌيڪ ڳالھ اها هئي ته امام شعبان جي ٽين تاري خمڪي ۾ داخل ٿيا ، رمضان، شوال، ذيقعد ۽ ذي الحج جي اٺين تاريخ يعني اهي چار مهينا جن ۾ عمري کي مستحب سمجهيو ويندو آهي ماڻهون هر طرف کان مڪي ايندا آهن ۽ پنهنجو وقت اتي گذاريندا آهن.آهسته آهسته حج جو موسم اچي ٿو چئني طرفن کان ماڻهون مڪي اچڻ لڳا.اٺين ذي الحج تي جڏهن ماڻهون جنهن ڏينهن سڀ ماڻهو حج لاءِ جمع ٿيندا آهن منيٰ ۽ عرفات جا اعمال ٿيندا آهن.اچانڪ امام عه اعلان ڪن ٿا اپڻ مڪي کي ڇڏيو وڃن ٿا امام حج جي احرامن کي عمره جي احرامن ۾ تبديل ڪن ٿا. توهان سوچيو ته ان عمل يزيد جي خلاف جنهن حاجين جي لباس ۾ قاتلان امام عه کي موڪليو ۽ امام اهو خدشو به ڏيکاريو ته هتي حاجين جي لباس ۾ يزيد منهنجي قتل لاءِ فوجي موڪليا آهن ۽ ڪعبو حُرمت جو گهر آهي هن جي حُرمت کي پامال نه ٿيڻ گهرجي ، امام اتان نڪرن ٿا امام جي ان عمل هر طرف کان آيل حاجين جي اندر هيجيان واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. تواريخ ۾ ملي ٿو ته ڪئي حاجي جن جو تعداد هزارن ۾ هو امام عه کي مڪي کان الوداع ڪرڻ لاءِ ٻاهر آيا. هتان آءُ سمجهان ٿو ته امام عه جي تحريڪ پنهنجي عالمي حيثيت پڪڙي چڪي هئي. ڇو جو مون عرض ڪيو ته هي اهو وقتهو جنهن وقت مسلمان هر علئقي ڪان حج لاءِ آيل ها جنهن علائقي ۾ امام جي خروج جي خبر دير سان پوي يا شاسد ان وقت جي ماڻهن تائين حقيقت نه پهچي ها امام ان وقت کي بهترين طريقي سان استعمال ڪيو. اها حاجين ۾ باه جيان ڦهلجي وئي هر هڪ چوڻ لڳو ابنِ رسول الله مڪي مان وڃي رهيوآهي ۽ اهو به ان وقت جنهن وقت دنيا مان مسلمان حج جوفريضو ادا ڪرڻ لاءِ مڪي اچي رهيا آهن.۽ امام عه مڪو ڇڏي رهيا هيا ڇا هي اچڻ وارن حاجين لاءِ امام جي تحريڪ جو پيغام نه هو حاجين جي ضمير کي امام عه جي ان عمل جهنجهوڙيو نه هوندو ضرور پوءِ هاڻي جيڪو حاجي جنهن علائقي جو هو تنهن پنهنجي علائقي ۾ يزيد ۽ امام جو حال ضرور پيش ڪيو هوندو. ته امام عه پنهنجي پيغام تائين پهچائڻ لاءِ هر ان ڪم کي اختيار ڪيو جنهن سان سندن تحريڪ زور ٿي پڪڙيو . بس معاملو ايترو نه هيو ته يزيد امام کان بيعت وٺڻ ٿي گهري ۽ امام بيعت تان انڪار ڪري مديني کان مڪي جي طرف حجرت ڪري نڪري ويا نه ائين نه هو امام مسلسل ان تبليغ جو پرچار جاري رکيو جيڪو يزيد جي مخالف هو (انشاءِ الله اڳتي هلي ڪنهن موضوع ۾ ان ڳالھ جو تزڪرو ڪڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته امام حسن عه معاويه سان صُلح ڇو ڪئي ۽ امام حسين يزيد جي خلاف قيام ڇو ڪيو ڇا امام حسين ۽ امام حسين عه جا حالت سڳيا هيا يا ٻنهي امامن جي حالت ۾ ڪهڙو فرق هو)
هاڻي اوهان امام جوالوداعِ مڪي تي غور ڪريو ته جيڪي مڪي جا عاقل هيا تن امام عه کي مشوره ڏنا امام عه هي حالات اوهان جي لاءِ سازگار ناهن توهان بهتر آهي ته ڪوچ نه ڪيو امام انهن جي خدشن کي صحيح به چون ٿا ۽ چون ٿا ته خود به ڄاڻان ٿو. مونسان ڪهڙا واقعات پيش ايندا.
ماڻهون چون ٿا ته پوءِ توهان عورتن ٻارن کي پاڻ سان گڏ ڇو ٿا وٺي وڃون پاڻ ٿا فرمائين مونکي انهن کي به ساڻ وٺي وڃڻ گهرجي. ڪربلا جي منظر ۾ اهلبيت جي موجودگي يزيد کي اڃان وڌيڪ داغدار بڻائي ڇڏيو.
حقيقت ۾ امام حسين تبليغ لاءِ پنهنجي ڪجھ ساٿين کي اهڙي طرح سان لڳايو جو پنهنجي شهادت کان پوءِ دشمن جي زريعي دشمن جي حڪومت جي مرڪز ۾ هڪ عجيب پاليسي ۽ هڪ غير معمولي ڪم آهي اهو سڀ امام ان لاءِ ڪيو ته جيئن سندن پيغام دنيا تائين پهچي.سندن آواز اسلامي مملڪت ۾ پري پري تائين پهچي تاريخ جي حدن کي اورانگهي وڃي سفر جي دوران امام عه جا اعمال خود هڪ بهترين تبليغ آهن. حُر جنهن جي ذهن کي امام جي سلوڪ جنجهوڙي ڇڏيو. جنهن حُر جي ذات کي بدلائي ڇڏيو هي ڪو مذاق آهي. هي امام جو پياسي حُر سان سلوڪ هو جنهن حُر کي يزيد جي فوج جي ڪمانڊري کان ڌار ڪري ڇڏيو. هن امام جي هن سلوڪ تان پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. شريفن جو وتيرو آهي ته هو ظلم جي خلاف بغاوت ڪن. اهو شريف ئي ناهي جنهن وٽ ظلم جي خلاف بغاوت نه هجي جيڪو ظالم جي خلاف خاموشي اختيار ڪري امام جو هي مشهور فرمان آءُ سمجهندو آهيان ته شايد هن جملي ۾ ڪربلا جي وجه لڪل آهي هي امام جو نظريو آهي پاڻ عه فرمائين ٿا ( دنيا بد تر ٿيندي وڃي ٿي ان جي لاءِ نه ته برا برايون ٿا ڪن پر دنيا بد تر ٿيندي ٿي وڃي ان لاءِ جو شريفن چپ اختيار ڪري ڇڏي آهي.