18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياريون حميرا علواڻي [JUSTIFY] 18 هين ترميم تحت صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي وارو ڪم پڻ مڪمل ٿي ويو، 19 اپريل 2010ع تي صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان 18 هين ترميم جي ”يڪراءِ منظوري“ کانپوءِ بل تي صحيح ڪئي هئي ۽ 18 هين ترميم ايڪٽ جي صورت ۾ آئين جو حصو ٿي وئي! 18 هين ترميم ۾ ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو ۽ صوبن کي اختيارن جي منتقلي لاءِ وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ جي تاريخ 30 جون 2011ع آئين ۾ ڏني وئي، پهرين مرحلي ۾ مڪاني حڪومتون، زڪوات ۽ عشر، نوجوانن جا معاملا، آبادي جي ڀلائي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ تعليم، سماجي ڀلائي، سياحت، ثقافت، لائيو اسٽاڪ، ڊيري ڊولپمينٽ واريون وزارتون صوبن کي منتقل ڪيون ويون، جڏهن ته ڪالهه آخري مرحلي ۾ صحت، زراعت ۽ خوراڪ، عورتن جي ڀلائي، ماحوليات، اقليتي امور ۽ افرادي قوت جون وزارتون صوبن حوالي ڪيون ويون، ان سان گڏ ڪجهه وزارتن کي فيڊرل لسٽ ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ مان ختم ڪيو ويو، جن ۾ ناڻو، روينيو ڊويزن، پورٽس ۽ شپنگ، گهرو وزارت ۽ قانون ۽ انصاف توڙي مواصلات وارين وزارتن جا ڪجهه مامرا صوبن حوالي ڪيا ويا. 18 هين ترميم تحت وفاق مان ڪُل 17 وزارتون ختم ڪري صوبن حوالي ڪيون ويون آهن! ٻئي طرف رضا رباني ڪميشن سفارش موجب اي. او.بي آءِ ۽ ورڪر ويلفيئر بورڊ بابت اهو فيصلو ڪيو آهي ته انهن تي وفاق ۽ صوبن جي گڏيل اونر شپ هجڻ گهرجي!! وفاقي ڪابينا اي. او. بي. آءِ ۽ ورڪس ويلفيئر بورڊ جي صوبن ڏانهن منتقلي لاءِ مهيني اندر CCI جو اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي! 18هين ترميم مٿان عملدرآمد ڪميشن جي سربراهه اهو پڻ چيو آهي ته، ”17 وفاقي وزارتن جي منتقلي سان صوبن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ملي وئي آهي، ان ڪري پهرين جولاءِ 2011ع تي سڄي ملڪ ۾ صوبائي خودمختياري جو ڏهاڙو ملهايو ويندو.“ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 30 جون 2011ع تائين آئين ۾ ڏنل مدت اندر وفاقي وزارتون ختم ڪري صوبن کي اختيارن جي منتقلي وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو ڪري 17 وفاقي وزارتون ڏنل مدت ۾ صوبن حوالي ڪيون ويون آهن، پر اڃان به وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن ۽ اثاثن وارا معاملا اڃا طئ ٿيڻا آهن. انهن 17 کاتن جا تقريباً 2 کان اڍائي لک ملازم ۽ وفاق هيٺ هلندڙ انهن کاتن جا پراجيڪٽ، خودمختيار ادارا، جن ۾ پڻ هزارين ملازم ڪانٽريڪٽ تي رکيل هئا، اهي سڀ صوبن کي ملندا ۽ ملي رهيا آهن. صوبن کي هڪڙي پاسي ته 17 کاتن جا اختيار ۽ ذميواريون مليون آهن، پر انهن کي هلائڻ لاءِ ناڻو ڪٿان ايندو؟ وفاقي ليول تي انهن وزارتن کي وفاقي بجيٽ ۾ اربين رپيا ڏنا ويندا هئا. جيڪي هاڻي صوبن تائين منتقل ٿيڻ گهرجن. 62 سالن کان اهي ادارا ۽ کاتا وفاقي انتظام هيٺ رهيا ۽ وفاقي بيوروڪريسي اڃا به پنهنجي هٺ ڌرمي ڪري انهن 17 کاتن جا ڪيترائي ذيلي شعبا صوبن حوالي ڪرڻ جي حق ۾ ڪو نه آهي، گڏوگڏ صوبن کي پڻ پنهنجن صوبائي کاتن جي انتظامي صلاحيت وڌائڻي پوندي، وفاق کان صوبن کي ملندڙ سرپلس پول جا ملازم به اڳيان هلي هڪ مسئلو ٿيندا، ڇو ته اهڙن کاتن جي ملازمن مان تقريباً هڪ لک 20 هزار پنجاب جا، 40 هزار خيبر پختونخواهه جا ۽ 25 هزار سنڌ جا ۽ تقريباً 5 هزار بلوچستان جو ڊوميسائيل رکندڙ آهن، سنڌ لاءِ ته 25 هزار وفاقي ملازمن کي سنڌ حڪومت ۾ ضم ڪرڻ شايد ڪو مسئلو نه هجي، پر پنجاب حڪومت لاءِ هڪ لک ويهه هزار ملازم Adjust ڪرڻ مسئلو آهي، ان تي پڻ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو جمهوريت جو ئي ثمر آهي ته 18 هين ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري عمل ۾ آئي، حالانڪه 18 هين ترميم جي عملدرآمد ڪميشن کي پڻ وڏيون دشواريون هيون، پ پ پ سان لاڳاپيل تعليم واري وفاقي وزير سردار آصف تعليم کاتو صوبن حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، وفاقي وزير خورشيد شاهه پورهئي واري وزارت جي ۽ هيڪ جي صوبن ڏانهن منتقلي جي پڻ شديد مخالفت ڪئي وئي، جڏهن ته اقليتي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن اقليت واري وزارت کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي، وڏين مخالفتن کان پوءِ به اهو ڪم انجام تي پهچايو ويو، پر اڃا به مالياتي فنڊنگ ۽ بجيٽ کي پڻ صوبن تائين منتقل ٿيڻ گهرجي، ڇو جو بغير فنڊن جي ته اهي کاتا ۽ ادارا رڳو ذميواريون آهن، جڏهن وفاقي حڪومت پاڻ انهن ادارن کي هلائڻ لاءِ پنهنجي وفاقي بجيٽ ۾ پيسا رکندي هئي ته پوءِ هاڻ اهي پيسا صوبائي حڪومتن حوالي ٿيڻ گهرجن. صوبائي خودمختياري دراصل مالي خودمختياري جو به نالو آهي ۽ بغير ماليات جي وفاق طرفان اختيارن جي منتقلي نامڪمل تصور ڪئي ويندي، انهن سڀني ادارن جي بجيٽ ۽ فنڊنگ وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ ئي اصل صوبائي خودمختياري واري خواب جي ساڀيان آهي، اچو ته ان خودمختياري لاءِ پڻ جدوجهد جاري رکون ۽ گڏوگڏ پنهنجن صوبائي کاتن جي صلاحيتن، قابليت ۽ خودمختياري وڌائڻ لاءِ اڳڀرا ٿيون، ڇو جو ان سان سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ڳنڍيل آهي ۽ ان کان پوءِ وري هڪڙو ڀيرو ٻيهر صوبائي خودمختياري جو ڏهاڙو ملهائينداسين. روزانه ڪاوش جو مضمون[/JUSTIFY]
جواب: 18 هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياريون ليک مان ته ائين لڳي ٿو ته ، بکيا گدڙ صوبن جي حوالي ڪيا ويا آهن ۔۔۔ جيڪڏهن انهن ذميوارين سان ناڻو نه ڏنو ويو ته رهيل نور به نڪري ويندو ۽ ترقي لاءِ بچندڙ ٽڪڙا به ڏنل ادارا پگهار جي صورت ۾ کائي ويندا ۔۔۔ انڪري وزارتن ڏيڻ کان اڳ صوبن کي پئسا به ان اندازي سان ڏنا وڃن۔۔۔ ٻي صورت ۾ ڪاڻي جي مثال جيئان هڪ اک کان به وينداسون ۔۔۔ ڏسجي ته هاٿيءَ جا ڏيکاريل ڏند ڪهڙا آهن ۔۔۔ اصل يا نقلي ۔۔۔ وقت ٻڌائيندو ٻولي، ثقافت ۽ قومي حق تسليم ڪرڻ اڃان باقي آهن، جنهن سان قومن کي پنهنجي صوبي ۾ اصل خودمختيار ملندي، باقي ذميواريون ڏيڻ سان خودمختاري ايندي يا نه؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي۔ پر چوندا آهن ته ڀڄندڙ چور جي لنگوٽي به چڱي ۔۔۔