احسان دانش سنڌ جو نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي۔ منهنجي سانڻس پهرين ملاقات لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي جڏهن ادا رشيد ، مولوي رحيم بخش ۽ ادا عامر چارڻ به گڏ هئا۔ اڄڪلهه پاڻ رضوان گُل سان گڏ ڪراچي ۾ آيل آهن۔ ٻه ڏينهن اڳ ساڻن ملاقات ٿي ۽ اڄ سندس هي شاعري سٺي لڳي جيڪا اوهان دوستن سان به ونڊ ڪجي ٿي۔
