/ ايس ايم ايس / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    رات جو ڪجهه دير ڀرو ڪنهن کڙڪي تي سندس اک کلي ته پُٽَ جي ڪمري طرف نگاهه ڪيائين، سندس ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، اڳتي وڌ درَ کي هلڪو کولي ڏٺائين ته سندس پُٽُ جاڳي رهيو هو، کائُنس پڇيائين، ” پُٽَ ڇا، ٿو ڪري؟“،
    هن جواب ڏنس، ”امان پڙهان پيو“،
    ماڻهنس چيو، ” صدقو وڃان پنهنجي پٽڙي تان، ڪيڏي نه محنت ٿو ڪري، هُوءَ دل ۾ خوش ٿي ته منهنجو ٻچڙو سڄي، سڄي رات جاڳي پيو پڙهي، الله ڪندو پڙهي ڪو وڏو ماڻهو ٿيندو، دل ۾ چيائين، ” تنهنڪري ئي ته ڳري ويو آهي، منهنجو ٻچڙو، سڀاڻي کان سندس کاڌي جو خيال رکنديس“،
    دل ۾ آيس ته پڇانس ته صحي ڇا؟، پيو پڙهي، کائنس پڇيائينس، ” ابا ڇا؟، پيو پڙهين“،
    پُٽَ جواب ڏنس، ” امان ڇوڪرين جي ايس ايم ايس پيو پڙهان!“،
    ماڻهنس لعنتن جا ڦهڪا وهائيندي چيو، ” لک جي لعنت ٿي ڇورا، منهن ڪارا، مان به چوان ڪا ته ڳالهه آهي جو ڇورو روز، روز وڃي پيو ڳرندو“.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: / ايس ايم ايس / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    هاهاها
    يار ڳالهه درست ڪئي اٿئي۔۔۔ اها ته امان سياڻي هئي جو پڇي ورتائينس ۽ پٽ به سلڇڻو هو جو جواب به درست ڏنائينس پر ڪافي لڪل چور ڳولڻ سان به نه ملن۔۔
    خير اسان جي ماحول تي موبائيل جو ڪافي ناڪاري اثر وڌي رهيو آهي۔۔۔ ڪوشش ڪجي ته پنهنجي اولاد کي شاگردي واري عمر ۾ موبائيل کان پري رکجي۔۔۔ جي ممڪن هجي ته۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو