نڪو هاڻــي ڪـو جانـــورن کان ڊڄي ٿو بس هاڻي ته انسان انسانن کان ڊڄي ٿو ڏس دوست ڪـيڏو عجيب دور اچي ويو آ ڪيئن مســلمان مسلمانن کان ڊڄي ٿو چور ڊاڪـون ۽ لٽيرن جو ويو خوف نڪري هتي ته سڀ ڪــو نگھبانن کان ڊڄي ٿو ڪـيئن گذاري ٿو هاڻي لــڪي زندگي ڀـري مــــحفل ۽ ڀريل بازارن کان ڊڄي ٿو جـتان نڪـــري ويو هجي خـــوف خـــدا اتي هاڻي مـاڻهو شيطانن کان ڊڄي ٿو آزاد آخوند
جواب: هاڻي انسان انسانن کان ڊڄي ٿو۔۔۔ نڪو هاڻــي ڪـو جانـــورن کان ڊڄي ٿو بس هاڻي ته انسان انسانن کان ڊڄي ٿو الله پناهه ۾ رکي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه بلڪل بجا آهي ، آزاد آخوند جون سچيون ۽ کريون ڳالهيون آهن جيڪي هن شاعريء جي ذريعي اسان تائين پهچايون آهن۔ عاشق جا ٿورا جنهن سهڻي ڊزائن سان هي شاعري اسان سان ونڊ ڪئي۔