عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي

سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ سهڻي دوست عاشق سولنگيء کي 600 موضوع ونڊ ڪرڻ تي دلي واڌايون۔ عاشق اسان جي سنڌ سلامت جي انهن دوستن مان آهي جيڪي گهڻو ڪري فورم تي ۽ فيسبوڪ تي موجود هوندا آهن۔
عاشق سنڌ سلامت سان گڏ فيس بوڪ تي هر وقت موجود هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جملا وال تي لکندو آهي جو مونکي لڳندو آهي ته عاشق ڪو ديوانو عاشق آهي۔ سندس ڊزائن ڪيل شاعري تمام سهڻن رنگن سان سجايل هوندي آهي۔ عاشق ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ڇا ويو ڄڻ ته فيس بوڪ ڦڪو ڦڪو پي لڳو۔ ڪنهن ڳالهه تي اسان جي هڪ دوست چيو ته مرحوم عاشق سولنگي ڇا ويو سڃ ٿي وئي ۔۔۔۔ مون کان ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي ته هي ڪهڙي ڳالهه پيو ڪري ۽ عاشق کي فون ملايم ته هي دوست ڳوٺ ۾ نوبنو ويٺو هو۔ هڪ ٻي ڳاله ته عاشق سدائين سکڻ جي جستجو ۾ رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سوال ڪري اسان کي به الجهائي ڇڏيندو آهي ۽ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي تمنا ٿيندي آهي۔
سندس فورم لاء ڪيل ڪوششن تي کيس سلام۔ دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش هجي ، دوستن سان دوستيون نڀائي ۽ سنڌ سان وچن نڀائي۔