• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ مون پاڻ کي ڳولي لهڻ جو وچن ڪيو

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

نظم
اڄ مون پاڻ کي ڳولي لهڻ جو وچن ڪيو
نگري نگري وستي ۾ آڻ ڄاڻ

رستن ۾ ڪنهن نه ڄاتل
سهرائن ۾ ڳوليندي رهيس

پرنه مليس

سوچون اينديون رهيون
ته مان ڪڏهن گم ٿيس ۽ ڇو

ڪٿي مون پنهنجو پاڻکي ،،
ڪنهن ٻي حوالي ڪيو؟؟

نه ائين به نه آهي شايد
منهنجا سوال مون سان گڏ هئا پنڌ ۾
شڪر ڪيم ته اهي ته مون سان آهن

ٻئي هلندا رهيان

شايد اسان جو سفر اڻ کٽ هو
پر ڪنهن وڻ جي ڇانوري ۾ پاڻ کي

محسوس ڪيم
اري مان هت ڪئين آيس

خبر نه پئي

سوچم شايد منهنجو اندر مون کي هت وٺي
آيو آهي ،،،، ها هابلڪل

پوء مون پنهنجي اندر کان پڇيو هت

چيائين توڪير

مان تنهنجو اندر آهيان پر تو ته منهنجي
چوڻ تي هلندو هلندو هوئين
پر مان تنهنجو غلام نه

مون چيو

پاڻ ته هميشه گڏ هياسين
پوء مون کان پنهنجو پاڻ ئي

غم ٿيڻ لڳو

۽ سڀ رهجي ويو
پنهنجو پاڻ ڳولڻ جي اتساھ مون کان

منهنجو اندر ئي کسي ورتو

"سنڌي نور"
 
جواب: اڄ مون پاڻ کي ڳولي لهڻ جو وچن ڪيو

اڄ مون پاڻ کي ڳولي لهڻ جو وچن ڪيو
نگري نگري وستي ۾ آڻ ڄاڻ

رستن ۾ ڪنهن نه ڄاتل
سهرائن ۾ ڳوليندي رهيس

پرنه مليس

ادا مزمل تمام بهترين
 
Back
Top