• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڏهن "سنڌ"جو لال رت ۾ تڙپيو هوندو

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
نظم
رات وري آسمان
سوگوار ٿيو هوندو

جنهن ويل "سنڌ"جو لال
ان کان دور ٿيو هوندو
رات آسمان

رنو هوندو!
جنهن ما جو سينو

رت سان ڀنو هوندو
جڏهن وني جو ور،
ٻچڙن جو پي

رت ۾ تڙپيو هوندو
ان ويل آسمان بـ
رنو هوندو!

جڏهن "سنڌ"جو لال
رت ۾ تڙپيو هوندو

"صنم نجيب"
 
جواب: جڏهن "سنڌ"جو لال رت ۾ تڙپيو هوندو

ڪاش آسمان جي جڳهه تي قوم کي روئڻ اچي ها، ڪاش قوم ان مفهوم کي سمجهي سگهي ها ۔۔۔ جڏهن تازو سنڌ جا نوجوان زنده ساڙيا ويا ۔۔۔۔ قوم جي آڏو اهو واقعو ٿي گذريو ۔۔۔ پر قوم جي ڪنن تي جونءَ به نه چري، جڏهن ته شاعره آسمان کي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو آهي ۔۔۔

شاعره جي خيال جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ

جڙيا هجو سائين مزمل صاحب ۔۔۔ ليکڪه جو تعرف؟

---------- Post added at 11:15 PM ---------- Previous post was at 11:15 PM ----------

ڪاش آسمان جي جڳهه تي قوم کي روئڻ اچي ها، ڪاش قوم ان مفهوم کي سمجهي سگهي ها ۔۔۔ جڏهن تازو سنڌ جا نوجوان زنده ساڙيا ويا ۔۔۔۔ قوم جي آڏو اهو واقعو ٿي گذريو ۔۔۔ پر قوم جي ڪنن تي جونءَ به نه چري، جڏهن ته شاعره آسمان کي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو آهي ۔۔۔

شاعره جي خيال جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ

جڙيا هجو سائين مزمل صاحب ۔۔۔ ليکڪه جو تعرف؟
 
جواب: جڏهن "سنڌ"جو لال رت ۾ تڙپيو هوندو

سائين مهربانيون هي منهنجي پياري دوست صنم نجيب جا خيال آهن تڏهن تـ اوهان کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرايم
 
Back
Top