مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتاءُ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]ڪراچي (م ڊ): سنڌ حڪومت هن سال ٻوڏ اچڻ کان ڪيترائي ڀيرا انڪار ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار قبولي ورتو آهي ته هن سال به سنڌوءَ ۾ ساڍا 10 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ساڍا 10 لک خاندان متاثر ٿي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبو جوڙي ورتو آهي. اٿارٽي جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ جي ڪناري تي واقع ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ کاٻي ڪناري تي واقع گهوٽڪي، سکر، خيرپور نوشهرو فيروز ۽ بينظير آباد ضلعن کي ٻوڏ مان خطرو آهي. قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ جبلن تي پوندڙ مينهن جو پاڻي به داخل ٿي ٻوڏ آڻيندو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب هن سال سڀ کان وڌيڪ خطرو ٺٽي ضلعي کي ٿي سگهي ٿو. جتي ٻه لک خاندان متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور ۽ خيرپور وڌيڪ متاثر ٿيندا. انهن ضلعن ۾ بچاءُ بندن ۽ واهن جي 75 حساس هنڌن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. پهرين جولاءِ کان سڀني ضلعن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. منصوبي موجب ٻوڏ کان آگاهي لاءِ آبپاشي ۽ روينيو کاتا گڏجي ڪم ڪند ا۽ ماڻهن کي مسجدن ۾ پڙها ڏياري ۽ مقامي تنظيمن جي مدد سان آگاهه ڪيو ويندو. شهري دفاع ۽ رضاڪارن کي به تيار رکيو ويندو. هن سال جي ايڇ ڪيو جي انجنيئرنگ ڊائريڪٽوريٽ کي به شامل ڪيو ويندو ۽ گذريل ٻوڏ کي نظر ۾ رکي فوجي جوانن جي انگ ۽ مقرري جو فيصلو ڪيو ويندو. ٻوڏ جو اطلاع ملندي ئي ڪئمپن لاءِ جاءِ چونڊي ويندي. فوج، سول انتظاميا جي رڳو ريسڪيو آپريشن ۾ مدد ڏيندي پر رليف آپريشن ۾ مدد لاءِ به درخواست ڪري سگهجي ٿي. آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جا 18 هيلي ڪاپٽر، هڪ هزار ٻيڙيون به مدد لاءِ دستياب هونديون. اٿارٽي موجب آبپاشي کاتو بندن جي مرمت، حساس جاين جي سار سنڀال، گشت ۽ روشني جو بندوبست ڪندو، جڏهن ته وائرليس ڪميونيڪيشن جا انتظام به ڪيا ويندا. آبپاشي کاتي کي درياهه اندر موجود سڀ غيرقانوني بند ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن پاڻي جي رواني جاري رهي، ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍيو وڃي ۽ اها ڪوشش ڪئي وڃي ته هو ڪچي ۾ رڳو فصل ڪاهي سگهن. صحت کاتي کي ميڊيڪل ڪئمپن جو انتظام ڪرڻ، دوائن، پاڻي صاف ڪندڙ گورين ۽ فرسٽ ايڊ جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اٿارٽي گذريل سال جي متاثر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏيندي متاثرن کي متبادل هنڌ تي رهائڻ جي سفارش ڪئي آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتا

    ڀاءُ عرس پريا ۔۔۔ الله خئير ڪندو۔ اڃان اڳيان اتي ئي آهن مٿان وري هن دفعي به ٻوڏ آئي ته الله ڄاڻي ڪيترا لاش لڙهندا ۽ ڪيترا گهر ڪرندا ۽ ڪيترو مال تباهه ٿيندو ۔۔۔؟؟؟

    رب ٻاجهه ڪري ۔۔۔ آمين

    ---------- Post added at 01:31 AM ---------- Previous post was at 01:31 AM ----------

    ڀاءُ عرس پريا ۔۔۔ الله خئير ڪندو۔ اڃان اڳيان اتي ئي آهن مٿان وري هن دفعي به ٻوڏ آئي ته الله ڄاڻي ڪيترا لاش لڙهندا ۽ ڪيترا گهر ڪرندا ۽ ڪيترو مال تباهه ٿيندو ۔۔۔؟؟؟

    رب ٻاجهه ڪري ۔۔۔ آمين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتا

    عرس جي ڳڻتي بجا آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سمورو سال ماڻهو، ميڊيا دانهون ڪندا رهيا پر ڪجهه ڪونه وريو ۔۔۔۔۔ حڪومت ۽ ادارن پنهنجي روايتي بي حسي ڏيکاري ۔۔۔۔ الله خير ڪري هن دفعي جي گذريل سال جهڙي ٻوڏ آئي ته گهڻيون تباهه ڪاريون ٿيڻ جو خطرو آهي۔ ڪالهه ادا طاهر سان فون تي ڳالهه ٿي ته ڪجهه پريشان هيو ۽ ڇيائين ته سامان مٿين جڳهن تي رکي اسان هڪ ٻن هفتن ۾ فيملي سميت ڪراچي پيا اچون۔ ان جو سبب ٻوڏ جو خطرو ئي آهي۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتا

    سائين نانگ جو کاڌل نوڙيء کان به ڊڄي اسان اڃان مس مس وڃي پنهنجي وٿاڻن ۾ وري وسيا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔ جي هن دفي به ساڳيو هشر ٿيو ته تباهه ٿي وينداسين

    دعا ڪريو ته الله سائين رحم ڪري
     
  5. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتا

    سنڌ ۾ ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي، ميڊيا عوام کي ڊيڄارڻ بند ڪري: ڌاريجو




    حيدرآباد(بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي، ميڊيا عوام ۾ خوف پيدا نه ڪري، جي ٻوڏ آئي ته به ان کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا، سنڌ ۾ بندن جي بحالي وارو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ رهيل 10 سيڪڙو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو، بندن جي بحاليءَ واري ڪم ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ٺيڪيدارن مٿان فوجداري ڪيس داخل ڪري کين جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، بندن جي ٿيل ڪم مان حڪومت مڪمل طور تي مطئمن آهي، درياهه اندر سمورن زمينداري بندن کي ختم ڪيو ويو آهي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي کاتي جو انفرااسٽرڪچر بهتر بنايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سيڊا جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال ٻوڏ دوران ٽوڙي بند کي گهارو پيو ته سنڌ جا 7 ضلعا پاڻي هيٺ اچي ويا، جن ۾ 12 کان 13 فوٽن تائين پاڻي بيهي ويو هو، آبپاشي کاتي جنگي بنيادن تي ڪم ڪندي اهو پاڻي اڍائي مهينن جي اندر نيڪال ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته ٻوڏ کان پوءِ اهو چيو ويو هو ته سنڌ ۾ ربيع ۽ خريف جي فصلن جي پوکائي به نه ٿي سگهندي، پر ربيع جي مند ۾ سنڌ اندر رڪارڊ فصل پيدا ٿيو ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۷.۳ ملين ميٽرڪ ٽن مان وڌي ۲.۴ ملين ميٽرڪ ٽن تائين پيدا ٿي، جيڪوآبادگار هڪ سئو ايڪڙ زمين تي پوکائي ڪندو هو، اهو 150 ايڪڙن تائين زمين آباد ڪري رهيو آهي، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر آهي، جنهن ڪري سکر کان ڪوٽڙي بئراج تائين ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي شاخ يا ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي ۽ جتي ڪڏهن به پاڻي نه ويندو هو، اڄ اتي به پاڻي پهچايو ويو آهي. هن چيو ته سيڊا ۾ واٽر سيڪٽر امپرومينٽ پراجيڪٽ تحت ناراڪينال ۾ ڪم ڪرائي رهيا آهيون، ان سان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ ۾ وڌيڪ سهولت ٿيندي. هن چيو ته ٿرڪول قومي منصوبو آهي، جنهن کي هن وقت 100 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي گهرج آهي، ان لاءِ ٿر نبي سر وٽان هڪ ڪينال ٺاهيو پيو وڃي، جتان پمپنگ اسٽيشن ذريعي ٿرڪول منصوبي کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل سال سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي هئي، جنهن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو هو ۽ آبپاشي کاتي جو ساڄو پاسو مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو هو، 3 هزار ننڍا ۽ وڏا گهارا پيا هئا، انهن کي ٽن مهينن اندر بند ڪيو ويو هو. هن چيو ته ٻوڏ دوران تباهه ٿيل سنڌو درياهه جي بندن ۽ آبپاشي کاتي جي نظام جي بحاليءَ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان 14 بلين روپين جو قرض ورتو آهي، ان رقم مان بحالي وارو ڪم ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ايمانداري سان بندن جو ڪم معياري قسم جو ڪرايو، ان ڪم جي نگراني ٽيڪنيڪل عملو ڪري رهيو هو، بندن جي ڪم بابت آرمي مانيٽرنگ ٽيم، پارلياماني ڪميٽي ۽ ڪنسلٽنٽ ٽيم پنهنجون رپورٽون پيش ڪندي رهي، جنهن جي بنياد تي ڪم ۾ سڌارا آندا پئي ويا. هن چيو ته بندن جي ڪم ۾ دير ٿيڻ واري عمل کي ان ڪري برداشت ڪيو ويو جو اسان بندن جو مرمتي ڪم معياري ڪرائڻ پئي چاهيو، پر ان جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن بند جو ڪم غير معياري ٿيو آهي ته اتان جي ٺيڪيدار کي نه صرف بليڪ لسٽ ڪيو ويندو، پر ان خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪري کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويندو. هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران 60 اسڪيمن تحت بندن جو مرمتي ڪم ڪرايو ويو آهي، جنهن لاءِ صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي بندن جي بحاليءَ لاءِ 5 بلين روپيا جاري ڪيا هئا، جن مان آبپاشي کاتي کي ساڍا 3 بلين روپيا وصول ٿي چڪا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال موجود ناهي، پر جيڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ته اسين ان کي منهن ڏئي سگهون ٿا، ان لاءِ آبپاشي کاتي پاران ايمرجنسي لاڳو ڪري بندن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، سنڌ جا ماڻهو گذريل سال ٻوڏ اچڻ دوران تڪليفن مان گذريا آهن، تنهن ڪري ميڊيا کي گهرجي ته ماڻهن ۾ خوف پيدا نه ڪري ۽ آبادگارن کي گهرجي ته هو آرام سان پنهنجو فصل پوکين. هن چيو ته عاقل آگاڻي ۽ پي بي بند جو ڪم غير معياري ٿيڻ واري ڳالهه درست ناهي، ان بند جو ڪم به بهتر ٿيو آهي. هن چيو ته سکر بندر وال تان قبضو هٽائڻ وارو ڪم ڏکيو هو، پر پ پ جي حڪومت عوام کي مطئمن ڪري قبضو خالي ڪرايو ۽ اتي مرمتي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته درياهه مان سمورا زمينداري بند ختم ڪيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو زمينداري بند رهجي ويو آهي ته اهو پڻ جلد ختم ڪرايو ويندو.
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتا

    ادا الله سائين خير ڪندو
     
  7. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مها ٻوڏ جو خطرو: ٺٽو، خيرپور، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا تباهه ٿيڻ جو چتا

    ادا سائين !
    مرندا ماروئڙا ۽ وزيرن، وڏيرن ۽ آفيسرن جا ڀڀ ڀربا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو