شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار (ورسيء تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]

    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

    تحرير : محمد سليمان وساڻ

    اڄوڪو ڏينهن 3 جولاء جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بها تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.

    مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪونه هئا پر اهي اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 7 آڪٽوبر 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ “ٽنڊي ٺوڙهي” ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نهايت ذهين هئڻ ڪري پهرين کان انگريزي تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب “سنڌي ادب جو سدا روشن سج” ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر “ڀنڊارڪر” هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي جي شاگرد مرزا قليچ بيگ کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو هو.

    1872ع ۾ مرزا بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي. پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو.

    هن پنهنجي سرڪاري نوڪريء جي شروعات روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيء کان ڪئي ۽ جلد مئجسٽريٽ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پر پنهنجي ادبي کيتر ۾ به ڪم ڪندو رهيو. هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي “ديوانِ قليچ” ان کانسواء شاعريء جي مختلف صنفن تي ڪم پڻ ڪيو اٿس. نظم کان علاوه نثر ۾ به هن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم موضوعن تي تقريباً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس.

    هن ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.

    سنڌ جي تاريخ، شاعري، لطيفيات، ناول، ٻولي، گرامر، لغت ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ هر رخ تي ڪم ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ تي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) ، (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ، (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، (4) سنڌ جي مختصر تاريخ ، (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو ، (6) رياست خيرپور جي تاريخ ، (7) چچنامو (سنڌي).

    ٻولي، لسانيات، لغت هڪ حساس ۽ اهم موضوع آهي، جنهن بابت مرزا قليچ جو ڪيل ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي، (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (3) Philological curiosity، (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، (5) سنڌي لغات قديمي، (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ ۽ (8) Persian entomology جهڙا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب لکي، پنهنجي علميت ۽ ڏاهپ جي ڇاپ ڇڏي آهي.

    لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو، (2)Life of Shah Abdullah ، (3) ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، (4) شاهه جي مختلف سُرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا ، (5) لغات لطيفي، (6) لطيفي لات ۽ (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃان اڻ ڇپيل آهي).

    مرزا قليچ بيگ زراعت جهڙي موضوع تي به ٻه ڪتاب “باغ ۽ باغباني” ۽ “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ لکيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ به سندن لکيل ڪتاب اهميت وارا آهن. ٻارن لاء لکيل سندن ڪتابن ۾ 1. ٻه جاڙا ڀائر 2. نيلو پکي 3. لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ 4. پائي وائي پائي وزو 5. پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، 6. رستم، 7. شهزادي قدم برگ، 8. شھزادي محبوب جي آکاڻي ، 9. شمرانه عرف شيطان جي ناني ، 10. وامق عذرا ، 12. عجيب طلسم، 13. ٽي ديو يا راڪاس ۽ 14. شخصيتون.

    مرزا قليچ بيگ تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا ۽ ٻارنهن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام ، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽ جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس ان وقت جي سرڪار 1924 ع ۾ “شمس العلماءِ (عالمن جو سج)” جو خطاب ڏنو.

    مرزا قليچ بيگ جڏهن 19 آگسٽ 1928 ع تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 1929ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ 1929ع وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 1929ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي مونجهه رهي آخرڪار رات جو 11 وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي 3 جولاء 1929ع تي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.

    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر هڪ صدي گذرڻ کانپوء به سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل بي لوث خدمتن سبب سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو کيس وساري ناهن سگهيا ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ موجود رهندو.

    حواله:
    وڪيپيڊيه،
    سنڌي ادبي بورد جي ويب سائيٽ
    مختلف اخبارون ۽ رسالا
    سنڌ سلامت تي ممتاز وگهيو ۽ ٻين جا ليک
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار (ورسيء تي ڀيٽا)

    محترم سليمان وساڻ صاحب۔۔۔سچ ته اھو آهي ته ننڍي هوندي کان ئي اھڙا ته بار پئجي ويا آهن جو اصلي ڳالھ نه پُڇ۔۔ڪم ڪم ۽ ڪم۔
    ڪتاب پڙھڻ جو اصلي صفا ٽائيم گهٽ ملندو آهي۔۔۔۔مطالعو گهٽ هجڻ جي ڪري ماڻھون جا حال پلال ٿيو وڃن۔۔لک شابسون اوهان کي جو هر سنڌي شخص جو اوهان مڪمل تعارف اسان سان پيا ڪندا آهيو۔۔۔ٿورا​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,871
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار (ورسيء تي ڀيٽا)

    اسين جڏهن ڪنهن آرامده ڪشن يا ڪرسي تي ويهندا آهيون ته اهو خيال هرگز به نه ايندو آهي ته اهو آرامده ڪشن يا صوفو ڪنهن تيار ڪيو آهي، بلڪل ساڳي طرح اڄ جڏهن اسين سنڌي ٻولي ۾ آساني سان لکي پڙهي ۽ ادبي کيتر ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهيون ته ان جي پويان، شمس العلماء جهڙن ڪاريگرن جو هٿ رهيو آهي ۔۔۔ مانواري شمس العلماء قليچ بيگ واري دور ۾ جڏهن سنڌي جي الفابيٽ جڙي راس ٿي هئي ته ان وقت سنڌي ٻولي کي ڪتابن جي ذخيري جي ضرورت هئي ۽ سنڌي حرف و نحو جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو وقت هو ۔۔۔ ان دور ۾ اسانجي هن سنڌي سورهيه سنڌي ٻولي جي ائين خدمت ڪئي جيئن ما نئين ڄاول ٻار جي ڪندي آهي ۔۔۔ اڄ جي نوجوان سنڌي کي اهڙي ڄاڻ پهچائڻ پڻ اسانجو فرض آهي ته جئين هو انهن سنڌي ڏاهن کان واقف ٿي سگهن ۔۔۔ تاريخ وسارڻ واريون قومون پڻ تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وينديون آهن ۔۔۔ انڪري اسانکي پنهنجي تاريخ کي تازو ۽ توانو رکڻ گهرجي ۔۔

    سلام آهي اسان سنڌ واسين جو اهڙين شخصيتن کي جي ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري ويا ۽ سنڌي ٻولي جي پانڌيئڙن جي رهبري ڪري رستا صاف ڪري ويا ۔۔۔

    لک ٿورا سنڌ سلامت جي سهڻي ساٿي سليمان وساڻ کي جو هو وقت سر اسانکي پنهنجن پيارن جي ياد ڏياريندو رهي ٿو ۔۔۔

    سلام سنڌ جا سڄڻ دوستو! سلام
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار (ورسيء تي ڀيٽا)

    محترم سائين سليمان وساڻ صاحب اهڙي بيمثال اديب جي باري ۾ اهڙي بهترين ڄاڻ اوهان جي عظيم ڪاوشن مان هڪ آهي پر افسوس ان ڳاله جو آهي جو انهن بيمثال هستين کي جهڙي نموني ياد رکئيو وڃي اهڙي طرح اسان ياد نه رکيو آهي شمس العلما مرزا قليچ بيگ جي باري ۾ مون هڪ ايران ۾ ڇپيل فارسي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته اگر مرزا قليچ بيگ 20 ويهن سالن جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو هجي ته هر روز جي حساب سان ان 50 کان مٿي صفحا لکيا آهن اسان کي پنهنجن اهڙن سرماين تي فخر آهي جي پنهنجي خلوص ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن سان عالمي مڃتا ماڻي اسان جا ڳاٽ اوچا ڪري ڇڏيا آهن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار (ورسيء تي ڀيٽا)

    ساڳيو مضمون اڄوڪي عوامي آواز ۾ به ڇپيو آهي۔ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهجي ٿو۔


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    .....................................

    [/
    محترم قاضي منظر حيات پاران پيش ڪيل ڀيٽا:

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالهه سنڌي ادب جي هن وڏي نالي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسي هئي ۽ ان حوالي سان روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل مضمون پيش ڪجي ٿو۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واقعي مرزا صاحب سنڌي ادب جو باني هيو اسانجي طرفان ورسي تي کيس ڪروڙين سلام
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جديد سنڌي ادب جي بانيڪار ۽ انيڪ ڪتاب لکندڙ شمس العلماء ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ کي سندس ورسيء ڏينهن ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔
     
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,877
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سندس جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪڏهن به وساري نٿا سگهون۔۔ جديد سنڌي ادب جي باني ۽ سنڌ جي عظيم ڏاهي کي عظيم ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔۔

    هن ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهراڻ جا موتي: مرزا قليچ بيگ

    محمد عثمان ميمڻ

    سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي نامور اديب، شاعر، ناول نگار مرزا قليچ بيگ 17 آڪٽوبر 1853ع تي ٽنڊي ٺوڙهي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو ’مرزا فريدون بيگ‘ هو، جنهن کي ست پٽ هئا. قليچ بيگ انهن ۾ ٽيون نمبر هو. مرزا فريدون بيگ (سڊني) جارجيا جو ويٺل هو ۽ هڪ امير عيسائي گھراڻي سان واسطو هئس. پاڻ ننڍي هوندي 1797ع ڌاري، ڪنهن جنگ ۾ گرفتار ٿي ايران آندو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾ مير ڪرم علي خان وٽ ايران جي حڪومت طرفان سوکڙي ڪري موڪليو ويو، اڳتي هلي مسلمان ٿيڻ جي ڪري سندس نالو سڊني مان بدلائي فريدون بيگ رکيو ويو. انهيءَ وقت جي دستور موجب مرزا قليچ بيگ ابتدائي تعليم فارسي سکڻ ۽ قرآن شريف پڙهڻ سان شروع ڪئي، تنهن کانپوءِ هو سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي سنڌي سان گڏ عربي ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪيائين. قليچ جي شروعاتي استادن ۾ لڪشمڻ وشنو مرهٽو ۽ قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو هئا. قليچ جو ڪردار ٺاهڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار سندس استاد پروفيسر مرزا حيرت ادا ڪيو. قليچ جڏهن اسڪولي تعليم پوري ڪري، بمبئي ۾ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ داخل ٿيو (1873ع) ته مرزا حيرت اتي پروفيسر مقرر ٿي آيو. قليچ کي فارسي ۽ عربي چڱي ايندي هئي ۽ پروفيسر حيرت کيس انهن ٻولين جي علمي ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جو شوق ڏياريو. بعد ۾ ترڪي زبان پڻ سيکاريائين. ڪاليج جي زماني ۾ ڪيترائي هم ڪلاسي ٻين ٻولين، قومن ۽ مذهبن جا هئا، جن ۾ مرهٽا، گجراتي، پارسي وغيره شامل هئا. انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سنگت ساٿ جو قليچ تي اثر پيو. هي مذهبي تعصب کان پاڪ هو ۽ هڪ صوفي منش انسان طور پنهنجي زندگي گذاريائين. ڪاليج جي تعليم پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي صحت جي خرابيءَ سبب بمبئي مان موٽي آيو. ڪجهه وقت صحت سڌارڻ ۾ لڳس ۽ پوءِ روزگار واسطي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گھڙيو. پهرين شڪارپور جي ڪڪڙ تعلقي (هاڻوڪي دادو) جو هيڊ منشي مقرر ٿيو. نوڪري نهايت ايمانداري ۽ خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين، انهيءَ ڪري ترقي ڪندو وڃي، ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ 1909ع ۾ انهيءَ عهدي تان پينشن تي لٿو. ان وقت سندس عمر ڇاونجاهه سال هئي، مرزا قليچ بيگ ٽي شاديون ڪيون، کيس انهن مان يارنهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيا. مرزا قليچ بيگ جي گهر جو ماحول علمي هو، قليچ جو پيءُ ۽ نانو فارسي زبان جا عالم هئا ۽ کين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو گھڻو شوق هو. پنهنجي ناني ۽ پيءُ جي علمي شوق کان متاثر ٿي قليچ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ فارسيءَ ۾ نظم جوڙيندو هو. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ننڍپڻ جي علمي شوق کي نوڪري واري زماني ۾ به قائم رکيو. سرڪاري نوڪريءَ ۾ به واندڪائي جي وقت گھڻو ڪري هو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مصروف رهندو هو. ڪي ڪتاب هن خاص سرڪاري حڪم سان لکيا. انهن ڪتابن تي سرڪار وٽان کيس انعام ۽ اڪرام پڻ مليا. ٻيا ڪتاب وري پاڻ پنهنجي ذوق ۽ شوق سان لکيائين، سي وري سندس همت افزائي لاءِ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن يا هوشيار اسڪولي شاگردن لاءِ انعامي ڪتاب يا وري اسڪولن لاءِ لئبرري ڪتاب ڪري منظور ڪيا. سندس انهن علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض سرڪار طرفان پهرين 1924ع ۾ خان بهادر جو لقب مليو، پوءِ شمس العلماءَ جو خطاب مليس. ان کان اڳ کيس ’قيصر هند‘ جو تمغو پڻ ڏنو ويو. اعجاز علي بيگ مرزا جي تحقيق موجب سندس ڪتابن جو ڪل تعداد 457 آهي. تنهن کانسواءِ سندس مختلف هنڌن تي ڪيل تقريرن جو تعداد پڻ ٽيهن کان وڌيڪ آهي، تنهن کانسواءِ ٻين تحريرن ۽ تقريظن جو تعداد اڃا به وڌيڪ آهي، ڊائرين يا روزنامچن جو به ڪافي تعداد آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ جي مواد سان ڀريل آهي. مرزا قليچ بيگ جي لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جو ٿلهي ليکي ترتيب هن ريت آهي: 1. مختلف موضوعن تي انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيل 69 ڪتاب، 2. انگريزي ۾ لکيل ڪتاب 41، فلسلفو ۽ اخلاقيات 89 ڪتاب، سنڌي ڊراما 20 ڪتاب، ناول يا آکاڻيون 23، ادبي ۽ اسڪولي 119 ڪتاب، زناني تعليم تي لکيل ڪتاب 19، ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب 17، سنڌي نظم ۾ مختلف ڪتاب (ترجما ۽ طبعزاد) 29، فارسي ۾ لکيل ڪتاب 22، عربي ۾ لکيل ڪتاب 30، اردو ۾ لکيل ڪتاب 5، بلوچي گرامر هڪ ڪتاب وغيره شامل آهن. اندازي موجب اڃا تائين مرزا قليچ بيگ جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو به وڏو انگ سندس پونئرن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي. نوڪري پوري ڪري پينشن تي لهڻ بعد سندس خاص مشغلو نوابشاهه ۾ سرڪار وٽان مليل زمين جي سار سنڀال ۽ نظرداري ڪرڻ هو. هو پنهنجو گھڻو وقت اتي ئي گذاريندو هو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ رڌل رهندو هو. مرزا قليچ بيگ جو شمار سنڌ جي شروعاتي اديبن ۾ ٿئي ٿو. جن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻ پتوڙيو. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي مڙني موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي. مرزا قليچ بيگ سنڌي غزل، ناول نگاري، ترجمي، توڙي ڪهاڻي کي نوان موڙ ۽ نوان لاڙا ڏنا. سنڌي ادب م جيتري خدمت مرزا صاحب ڪئي. شايد ئي ڪنهن ايتري ڪئي هجي. سنڌي ادب ۾ سفر نامي جو بنياد وجهندڙ به مرزا قليچ بيگ ئي هو. جنهن ڏاهياري جبل جو سير لکي سفر نامي جي شروعات ڪئي. طبعزاد ناول به پهرين مرزا صاحب جو ”دلارام“ ملي ٿو. جنهن بعد هن ”زينت“ جهڙو شاهڪار ناول لکي پاڻ ملهايو. مرزا قليچ بيگ جي سموري زندگي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي گذري. سنڌي ادب ۾ مرزا صاحب جهڙو ماڻهو ورلي ڪو ملندو. مرزا قليچ بيگ 3 جولاءِ 1929ع تي وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي جي قبرستان باغ حاجي ڀٽي ۾ دفنايو ويو.
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو