منهنجو نالوصديق علي نوح پوٽو آهي ۽ منهنجو ادبي نالو ” رضا“ صديق آهي منهنجو تعلق کيبر ضلعي مٽياري سان آهي منهنجي تعليم بي۔اي آنرس انٽرنيشنل رليشنس ۾ ٿيل آهي آئون سنڌسلامت جي سڀني ساٿين کي سلام پيش ٿو ڪريان ۽ اِها اُميد ٿو ڪريان ته سڀئي دوست پنهنجي وِتِ آهر سُهڻي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي لا پاڻ پتوڙيندا رهندا.اُن سان گڏ آئون سنڌ سلامت جي اِنتظاميه کي جَسُ ٿو ڏيان جن جي ڪاوشن سان اسان سنڌي به دُنيا جي سُڌريل قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جهڙا ٿي سگهيا آهيون. شال! سنڌ ۽ سنڌي سدائين آباد هُجن.....آمين!!
جواب: تعارف مهرباني ادا صديق نوح پوٽا۔۔ توهن کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔ هتي اڳ ئي ڪافي مهربان ادبي دوست موجود آهن۔۔ اميد ته توهان به سنڌي ادب جا موتي ميڙي ساٿين سان ونڊ ڪندا۔۔۔ توهان جي ڀلوڙ لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔
جواب: تعارف ادا صديق صاحب اوهان کي هن محبتي اڱڻ ۾ ڀليڪار ، اوهان جو تذڪرو ڀا علي محمد چوهاڻ صاحب جن کان ٿيو هو ، يقينن اوهان جو فارم جوائن ڪرڻ اسان لا خوشي جو باعث آهي ، اميد ڪريون ٿا ته اوهان جو ساٿ اسان سان هلندو رهندو ۽ اوهان پنهنجن ليکن ذريعي فورم کي مزين ڪندا رهندا ، مهرباني
جواب: تعارف محترم دوست صديق علي نوح پوٽوصاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت جي ڪاوش سڀني دوستن جي گڏيل سهڪار جو نتيجو آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔
جواب: تعارف آئون سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون کي اسان سڀني جي گڏيل اوطاق يعني سنڌ سلامت ۾ ڀليڪار چئي آهي حيا تي آهي ته ڪچهريون قائم رهنديون .