• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ نئون مسئلو (ٻٽو ليک)

نثارابڙو

نائب منتظم
ادا رشيد! هڪ ٻن ڏينهن کان آءُ جيڪو به ليک ونڊ ٿو ڪريان ته اهو ٻٽو لکجي اچي ٿو ۔۔۔ مطلب ان ساڳي ئي ڌاڳي ۾ ڀيرا ليک اچي وڃي ٿو، جنهن سبب پريشاني ٿئي ٿي ۽ هڪ ئي ڪم ٻه دفعا ڪرڻو پوي ٿو،

ڀائڙا، رشيد وي بليٽن 4 کانپوءِ ڪڏهن ٻٽو ڌاڳو ته وري ڪڏهن ٻٽي ليک وارو مسئلو شروع ٿيو آهي، اڳ ائين ڪون هو ۔۔۔

خئير اها ته خبر آهي ته اوهان جادوگر آهيو، انڪري اوهان سان حال اوورڻ مناسب سمجهيو ۔۔۔ اميد ته مونسان گڏ شايد ٻين دوستن سان پئدا ٿيندڙ هي مسئلو ختم ڪيو ويندو ۔۔۔

رب العالمين اوهانکي شاد ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: هڪ نئون مسئلو (ٻٽو ليک)

توهان جي ان آگاهي کان اڳ ئي ڪافي دوستن فون ۽ مختلف پيغامن ذريعي هن مسئلي طرف توجه ڏياري آهي۔۔۔
جانچ کان پوءِ خبر پئي ته هوسٽنگ وارن پنهنجي سرور کي ڪافي وقت کان اپڊيٽ يا آپٽيمائز نه ڪيو آهي ۔۔ جنهن ڪري تحرير موڪلڻ ۾ دير به ٿي رهي آهي ۽ اهڙا مسئلا به سامهون اچي رهيا آهن۔۔۔
اصل ۾ ٿيندو اهو آهي ته ڪوبه نئون موضوع يا تحرير انهن رڪن کي اي ميل اطلاع نامي طور موڪلي ويندي آهي جيڪو ان موضوع ۾ شراڪتداري اختيار ڪندو آهي۔۔ نون رڪنن لاءِ اي ميل اطلاع نامون ڊيفالٽ طور سندس هر تحرير تي رکيل هوندو آهي جنهن ڪري جڏهن ڪا به تحرير موڪلي ويندي آهي ته ويبليٽن اسڪرپٽ ان جي اي ميل ٺاهي شراڪت داري ۾ شامل رڪنن کي ميل موڪليندو آهي۔۔ جيڪو عمل سرور هوسٽنگ معرفت ٿيندو آهي۔۔ هن سموري عمل کي هوسٽنگ سرور بخوبي آساني ۽ تڪڙي نموني سرانجام ڏيندو آهي پر جيئن ته سنڌ سلامت جي ڊيٽابيس ۾ رڪنن ۽ تحريرن جو اضافو مسلسل ٿي رهيو آهي ۽ ان ڪري اهڙو عمل تڪڙو ۽ درست سرانجام ڏيڻ لاءِ سرور کي گاهي بگاهي آپٽمائيز ڪرڻ ضروري آهي۔۔۔
هن مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ هوسٽنگ سرور کي آگاهي ڏني وئي آهي۔۔۔ جنهن ان عمل کي جلد ڪرڻ جي حامي پڻ ڀري آهي۔۔
تيسيتائين پنهنجي طور مون ڪجهه اسڪرپٽ تبدليون ڪيو ويون آهن۔۔۔ جنهن تحت۔۔۔
ڪنهن به رڪن جي هڪ تحرير کان پوءِ ٻي تحرير 30 سيڪنڊن کان پوءِ منظور ٿيندي۔۔
ان کانسواءِ لوڊنگ طور جيڪڏهن ڪنهن جواب کي موڪليندي 30 سيڪنڊ ٿي ويندا ۽ تحرير ڊبل پوسٽ ٿيندي ته اهي ٻئي تحريرون مرج ٿي وينديون۔۔۔
مٿيون حل عارضي رکيو ويو هو ۔۔۔ اميد آهي ته هن مسئلي جو جلد حل ڪڍبو۔۔

مهرباني
 
جواب: هڪ نئون مسئلو (ٻٽو ليک)

سٺي ڳالهه آهي ادا ته توهان تڪڙو قدم کڻي رهيا آهيو

فورم تي توجهه ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي

سدائين گڏ
 
Back
Top