[JUSTIFY]هڪ قوم جولائي 1920 ء جي هڪ صبح جڏهن امت مسلمه جي مرڪزيت ۽ خلافت کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرين مهاڀاري جنگ دوران سڀئي اتحادي فوجي خلافت عثمانيه مٿان ٽٽيا ، ته هن ڏينهن دمشق فتح ٿيو هو .فرانسيسي جنرل ”هنري گورائڊ“ شهر اندر داخل ٿيو ۽ سڌو ” اميه مسجد“ جي باغ ۾ موجود صلاح الدين ايوبي رحمة الله عليه جي قبر تي پهتو . هن پنهنجن فوجي ٻوٽن سان قبر کي لتون هيون ۽ زور سان چوڻ لڳو ته صلاح الدين اٿو! اسين واپس موٽي آيا آهيون ، منهنجي موجودگي صليب جي چنڊ جي مٿان سوڀ جي علامت آهي هن ئي قبر ٻاهران تلوار لهرائيندي برطانوي فوج جي ڪمانڊر ” ايڊمنڊايلن “ چيو.” اڄ مقدس صليبي جنگون وڙهندڙن جي خواهشن جي تڪميل ٿي آهي . اها ڳالھ الڳ آهي ته يورپ جي منافقت جو اظهار ڪندي تيرنهن سالن کان پوءِ هن هڪ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته يروشلم کي اسين هڪ جغرافيائي اهميت stragegic amportance جي ڪري فتح ڪيو هو . هن ۾ ڪو به مذهبي جذبو يا انتقام شامل نه هو ، پر هن ئي زماني جي برطانوي اخبارن جي رڪارڊ جو حصو ۽ عجائب گهرن ۾ موجود آهن ته جنهن ۾ هڪ ڪارٽون ڏاڍو مشهور ٿيو هو ، ان ۾ رچرڊ شير دل جنهن صلاح الدين ايوبي رحمة الله عليه جي هٿان شڪست کاڌي کين جبل تي بيهي يروشلم شهر کي ڏسندي ڏيکاريو ويو هو ۽ ڪارٽون تي لکيل هو ؛ ” آخرڪار منهنجو خواب پورو ٿيو “ صليبي جنگ ٻه سو سالن تائين هلندي رهي . هي جنگ 1096 ء ۾ شروع ٿي ۽ آخري نائين صليبي جنگ 1272 ء ۾ پڄاڻي تي پهتي . انهن جنگن ۾ مسلمانن کي مسلمان نه بلڪه ”سارسين“ sarcen چئي سڏيو ويو هو ، هي لفظ حقيقت ۾ قديم روم جي سلطنت ۾ صحرا (ريگستان) ۾رهندڙن جٽ جاهلن لاءِ استعمال ٿيندو هو بعد ۾ ان کي عربن لاءِ خاص ڪيو ويو پر صليبي جنگن ۾ هي لفظ سڀني مسلمانن لاءِ استعمال ٿيندو هو . هي لفظ ائين خطرناڪ هو جئين اڄ جي دور ۾ ”دهشت گرد“ ”القاعده“ يا ” طالبان“ وغيره آهن . مسلمانن سان گڏ هي صليبي جنگ فقط عيسائن نه وڙهيون هيون بلڪ منهنجي پياري رسول ٖ جي قول مطابق ” سڄو ڪفر هڪ قوم آهي“ 4 سيپٽيمبر 1271 ء ۾ برطانويه جو شهزادو ” ايڊورڊ“ نائين صليبي جنگ جي لاءِ فوج سان گڏ جڏنهن قبرص ۾ موجود هو ان ايران تي قبضو ڪندڙ منگول بادشاه کي مدد لاءِ پڪاريو، ان حامي ڀري ۽ آڪٽوبر ۾ منگول بادشاه جي فوج شهزاده ايڊورڊ جي مدد لاءِ پهچي ويون جنهن ملي ڪري مسلمانن تي حملو ڪيو ۽ اهي مسلمانن کي پنهنجي زبان ۾ سارسين چوندا هئا پر شڪست ان متحده قومن جو مقدر بڻجي وئي . ان سڄي زماني ۾ ان زماني جي لکيل تاريخن ۾ يورپ کي مسيحي يورپ چيو ويندو هو ، مسيحي يورپ جو ساڳيو ئي نقشو آهي جنهن کي اڄ ڪلھ يورپين يونين چيو وڃي ٿو . هن نقشي مان اهي سڀئي علائقا ٻاهر آهن جيڪي ”نيري“ يا ” شربتي “ اکين سنهري وارن ۽ گوري رنگ واران سان آباد آهن . پر هنن جي ابن ڏاڏن ڪلمو پاڪ پڙهي اسلام کي سيني سان لڳائي ڇڏيو هو ۽ اڄ انهن جو رنگ ڀلي مسيحي يورپ وانگر هجي ، سندن لباس ۽ وارن جي بناوٽ ۽ سجاوٽ ساڳي هجي سندن رگن ۾ به آريائي رت هلي رهيو هجي پر سندس نالو جوزف جي بدران يوسف ۽ جيڪب جي بدران يعقوب آهي چاهي هو يورپ جي ڀتن سان ڇو نه لڳيل هجن ، اهي ترڪي جيان ڪڏنهن متحده بازنيتي سلطنت جي گاديءَ جو هند ڇو نه رهيو هجي، موجوده يورپ کان ٻاهي آهي . سڄي دنيا ۾ ٻن قومي نظريي جو نعرو هندستان ۾ 1935 ء ۾ خطبه اله آباد ۾ پهرين ڀيري علامه اقبال (رح) نه هنيو هو بلڪه پوپ اربن دوئم 1096 ء ۾ هنيو هو جڏهن انهيءَ سڀني مسيحي يورپ وارن کي مسلمانن جي خلاف مقدس صليبي جنگ وڙهڻ لاءِ چيو هو ته هي عيسائيت ۽ اسلام جي جنگ آهي . منگول بادشاه به منافق نه هو ، انهيءَ چيو هو ته اسين ٻنهن جو دشمن گڏيل آهي ، (يعني مسلمان) تنهن ڪري اسان ٻنهن جو مفاد به گڏيل آهي ، اڪثر سوال ڪيو ويندو آهي ته جيڪڏنهن سڄي مسلم امت هڪ قوم آهي ته پوءِ پاڪستان ٺاهي هڪ جدا قوم ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هي جدا ملڪ ۽ قوم جو مطالبو ڪڏهن مسلمانن پاران نه هو . جڏهن سڄو مغرب مسلمانن جي ايڪي کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ لاءِ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ گڏ هو . هن وقت به ”شريف مڪه“ جو نعرو هي هو ته خلافت قريش وارن جو حق آهي . ائين هن نعري تي مسلم امت کي ورهايو ويو ، اهوئي سبب هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ تاريخ جي پهرين سياسي تحريڪ خلافت مومنٽ هلي هئي هي اها تحريڪ هئي جنهن ۾ هڪ محڪوم قوم پنهنجي آزاديءَ جي ڪابه جدوجهد نه بلڪه مسلمانن جي مرڪزيت کي بچائي ۽ خلافت جي ان اداري جي بقا جي لاءِ ڪوشش هئي جيڪا ڪمزور ئي سهي پر ان جي هڪ هجڻ امت يا قوم هجڻ جي نشاني طور موجود هئي .هي نشاني ائين اکين کي ڇڀندي رهي ته اهي ملت ڪفر جنهن جا فاتح اسانجي جي سورمائن جيڪي قبر ۾ ستل آهن هنن جي بي حرمتي تي لهي آيا . انهن ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو جو ٻيهر گڏ ٿي نه سگهيا ، تيونس ، ڪويت ، بحرين ۽ متحده عرب امارات جي ست ننڍيون رياستون ، هي سڀ نسلن عرب هئا ۽ علائقي جي لحاظ ڪو به فرق نه هو . جنهن زماني ۾ ننڍي کنڊ جا مسلمان تحريڪ خلافت جي جدوجهد ڪري رهيا هئا ، انهيءَ دور ۾ هو هڪ خواب ڏسي رهيا هئا . ان ۾ ننڍي کنڊ ۾ هندئن کان جدا ٿيڻ جو خواب جئين اسين دنيا تي ثابت ڪري سگهون ته اسان هڪ رنگ ، هڪ نسل ، هڪ علائقي ۽ هڪ ٻولي جي باوجود فقط هن ڪري جدا آهيون جو اسان هڪ الله تعالى جي هيڪڙائي تي يقين ڪيون ٿا ، اسان کي ان کان جدا ڪريو جيڪي اسان جي رشتن کي ڪرشن ۽ رام سان ڃوڙي ٿا ڇڏن . اسان هن امت مان آهيون جو پيءُ ابو جهل آهي ته پٽ عڪرمه رضيه الله عنه جيڪو اسلام قبول ڪري ٿو ته پيءُ جو نالو انهيءَ نفرت سان وٺي ٿو جئين ٻيا مسلمان وٺن ٿا . اسان اهو مطالبو ڪندي ڪا اهڙي ناممڪن ڳالھ نه ڪئي هئي ته اسان دنيا ۾ موجود تاريخي حقيقت کولي ڇڏيو هو ته مسلمان يورپ جو گورو هجي يا يا افريڪه جو ڪارو هجي يا مشرق جو ڪڻڪي رنگت وارو سڄي دنيا آڏو الڳ آهن . جيڪڏنهن دنيا هن ٻه قومي نظريي کي نه مڃي ته انڊونيشيا جي هڪ رنگ ، نسل ۽ زبان وارا مشرقي تيمور جا عيسائي جي آزادي جي لاءِ گڏ نه ٿين . پاڪستان هن ڇھ ارب انسانن جي دنيا ۾ هن حقيقت جو پهريون قانوني اعلان آهي ، هي انگريز جنرل ايڊمنڊ ايلن بائي جي منافقانه زبان ۾ جغرافيائي يا اسٽريجڪ اهميت جي جاءِ ڪونهي. منهنجي الله تعالى سان نسبت جي هڪ سرزمين آهي ، هي اها جاءِ آهي جنهن سان الله تعالى سان نسبت ، منهنجي الله جي غيرت وابسته آهي تنهن ڪري هن سان منهنجي محبت الله تعالى جي بستي سان محبت آهي ، هي اهو مدينو آهي جيڪو رنگ ، نسل ،زبان ۽ علائقي جي بتن کي ٽوڙي ڪري وجود ۾ آيو آهي . هن ئي ڪري سڀئي بت پوجيندڙ هن جي خلاف آهن . جنهنن جي دلين ۾ اهي سارا بت آباد آهن، اهي هڪ قوم آهن ۽ جنهنن جا دل هن شرڪت کان پاڪ آهن اهي هڪ قوم آهن . سنڌيڪار؛ افتخار علي چوهاڻ ضرب مومن جي ٿورن سان[/JUSTIFY]
جواب: هڪ قوم مهرباني اوهان تفصيلي مضمون ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن پاڻ ۾ ايڪو، ٻڌي نه هوندو آهي ۽ جڏهن انصاف نه هوندو آهي ، ماڻهن کي ڇيڪ ڇڏيو ويندو آهي يا سخت پابنديون لڳائبيون آهن ته ان جا نتيجا بهتر ناهن هوندا۔
جواب: هڪ قوم سائين محترم سليماڻ وساڻ صاحب ڪامينٽس ڏيڻ تي اوهان جو ٿورايتو آهيان پر اوهان جا ڪمينٽس ڪجه مجمل(بغير تفصيل) آهي، تنهن ڪري عرض آهي ته ڪامينٽس تفصيل سان ڏيندا ، جئين هڪ ٻئي جي را کي سهڻي نموني سمجهجهي ، هر اهو مضمون جيڪو جنهن خاص پهلو تي مشتمل هجي هن تي ڪاميٽس جي اشد ضرورت هوندي آهي جئين هن ۾ اصلاح ترميم هڪ ٻئي جي مشاورت سان ڪري سگهجي ۽ جيڪر مضمون وزن دار هجي ته هن سان سهمت ٿيڻ ۾ جا هٻڪ نه ڪرڻ گهرجي ، هڪ ڀيري وري اوهان جي مهرباني جو اوهان هر مضمون تي نظر ڌريندا رهندا آهيون ، مهرباني