هي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه آهي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    مشرف جي حڪومتي دور ۾ تڏهوڪي وزير اعظم شوڪت عزيز لطيف سرڪار جي سالياني ميلي جو افتتاح ڪيو. درگاهه تي چادر چاڙهڻ بعد هو شاهه لطيف ايڪسيلينسي هال ۾ پهتو. ثقافت کاتي سنڌ طرفان ان تقريب جي ڪمپئرنگ مشهور شاعر، براڊ ڪاسٽر (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هاڻوڪو اسٽيشن ڊائريڪٽر) نصير مرزا ڪري رهيو هو. پنهنجي تقرير ۾ شوڪت عزيز چيو ته، ٻڌايو وڃي ته آئون هن عظيم فلاسافر شاعر جي شهر لاءِ ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟ جڏهن شوڪت عزيز تقرير ختم ڪئي ته نصير مرزا اٿي چيو ته، لطيف سرڪار جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ هتي هڪ f.m ريڊيو اسٽيشن کولي وڃي ته بهتر ٿيندو. ان بعد شوڪت عزيز اٿي اچي اعلان ڪيو ته، ”ريڊيو اسٽيشن ضرور قائم ٿيندي ۽ هڪ مهيني اندر ڪم به ڪندي.“ آئون به تقريب ۾ ويٺل هئس. شوڪت عزيز جي وڃڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ اسلام آباد ريڊيو جي ٽيم هتي پهتي، جاءِ جي ڳولا شروع ٿي، آخر ان جاءِ کي چونڊيو ويو، جيڪا ڀُٽي صاحب 1974ع ۾ زائرين جي رهڻ لاءِ ٺهرائي هئي. ان عمارت جو اڌ حصو واپڊا وارن وٽ آهي ۽ اڌ حصي ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي ويئي. ڪم تيزي سان شروع ٿيو، هڪ مهيني اندر ريڊيو اسٽيشن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر باقاعدي افتتاح نه ٿي سگهيو ۽ ان ڳالهه کي سال ٿي ويو. ان وچ ۾ حڪومت به تبديل ٿي. نيٺ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو ۽ d.g ريڊيو پاڪستان مرتضيٰ سولنگي، بزرگ اديب، دانشور محمد ابراهيم جويو گڏجي هن ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ڪيو. 2008ع ۾ هتي جيڪو ٽرانسميٽر لڳايو ويو آهي، اهو آهي ته ٻه ڪلو واٽ جو، جنهن جي رينج ٻڌائي وڃي ٿي 50 ڪلوميٽر (ايرو ناٽيڪل ويوز). شروع ۾ ائين هو پر آهستي آهستي ان جي رينج ويئي گهٽبي. هن وقت هي ريڊيو، هالا شهر ۾، جيڪو 5 ڪلوميٽرن تي آهي، اتي به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. هن جي اينٽينا جو رخ اوڀر ڏانهن ڪيو ويو آهي، اوڀر ۾ ٽنڊو آدم ۽ شهداد پور شهر اچيو ٿا وڃن، جيڪي 20-25 ڪلوميٽرن تي آهن، اتي به آواز چٽو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، جنهن جي ڪري ماڻهن جي دلچسپي گهٽجي ويئي آهي. هي ريڊيو ”ترجمانِ لطيف“ طور ڪم ڪري رهيو آهي، هر وقت لطيف جو ڪلام، ڪلام تي ليڪچر، fgd (فوڪس گروپ ڊسڪشن)، ڪوئيز پروگرام، اسڪولي شاگردن جا مقابلا، ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ذريعي آسان سنڌي زبان ۾ ڪميونٽي تائين حڪومتي ڪارڪردگيءَ پهچائي پئي وڃي پر جڏهن رينج گهٽجي وڃي ته ماڻهو ڪيئن ريڊيو ٻڌندا ۽ ڪيئن انهن پروگرامن متعلق پنهنجا رايا ڏيندا؟ d.g ريڊيو پاڪستان کي اسانجو عرض آهي ته هن اهم ريڊيو اسٽيشن تي نئون ٽرانسميٽر لڳايو وڃي، جنهن جي رينج گهٽ ۾ گهٽ 50 ڪلوميٽر هجي، جيئن ماڻهو ان کي ٻڌن، سمجهن ۽ فائدو حاصل ڪري سگهن. ان کان علاوه هتي جا ڪجهه مقامي فنڪار به آهن، جيڪي تمام سريلا آهن، اهي ريڊيو تي ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام اچي ڳائين ٿا، جن کي ڪميونٽي تمام گهڻو پسند ڪري ٿي پر بجيٽ جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي انهن کي ڪجهه وقت لاءِ رد ڪيو ويو آهي. اهي فنڪار ڪابه ڳري گهر ڪونه ٿا ڪن پر ڪجهه ته انهن جو به حق آهي. اسين اپيل ٿا ڪريون ته ريڊيو ڀٽ شاهه جي بجيٽ به وڌائي وڃي.

    ذوالقرنين شاهه/ڀٽ شاهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو