اوهان نوٽ ڪيو هوندو ته اسان وٽ اڪٿر ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته پاڻ کي ايندڙ اٽڪل پاڻ وٽ ئي رکجي ته جيئن اڳيون اسان جو محتاج هجي۔ اهڙي هڪ واقعي جو اقتباس الطاف شيخ جي سفرنامي "اي روڊ ٽو مدينه" (1997 پهريون ڇاپو پيج نمبر 244) تان کڻي اوهان سان شيئر ٿو ڪريان۔ پر ضروري ناهي ته سڀ ايئن هجن۔ رشيد سمون جهڙا دريا دل ماڻهو ته پاڻ ڪوشش ۾ هوندا آهن ته اٽڪلون شيئر ڪجن ته ڪنهن جو ڪم ٿيئي۔
"دل ۾ آيو ته چانهه ٺاهيندڙ پٺاڻ کان پڇان ته اها چانهه ڪيئن ٺاهي اٿئي يا ڪهڙي پتي استعمال ڪئي اٿئي، پر ان قسم جي سوال جي پچر ڇڏي ڏنم جو ٻه ڏينهن کن اڳ ۾ ينبع (ينبو) شهر جي هڪ حيدرآباد دکن جي هوٽل "دکن دربار" ۾ چانهه پيئڻ بعد چانهه جي واکاڻ ڪندي چيم
"توهان جي هوٽل جي ڏاڍي سٺي چانهه آهي۔ ڪيئن ٿا ٺاهيو؟"
مون سمجهيو ته هو خوش ٿي نه فقط ٻڌائيندو۔ جنهن جي ٺاهڻ جو ضرور هڪ عام طريقو ئي هوندو ۽ ان ۾ ڪهڙي وڏي ڪاريگري يا هنرمندي هوندي، هو لکي ڏيڻ لاءِ به زور ڀريندو۔پر وڏي ٽانءِ ۾ وراڻيائين
"نهين يه تو هماري خاص ريسيپي هي۔"
"ڌوڙ وڃي پاءِ" مون دل م چيو۔ حق تي اسان جي ننڍي کنڊ جو اڇو منهن ٿيو آهي۔ يورپ، آمريڪا راڪيٽ، ڪمپيوٽر ۽ الاءِ ڇا ڇا ايجادون ڪري انهن جو واٽون ۽ ترڪيبون رسالن، ڪتابن، ريڊيو ۽ ٽي وين ذريعي دنيا جي عوام ۾ عام پيو ڪري ۽ هتي اسان جا مرد توڙي عورتون ٻاجهر جي ماني پچائڻ جي ترڪيب به پيون راز ۾ رکن۔ بيضو ترڻ کي ڪاريگري پيون سمجهن۔ وڌ ۾ وڌ ان چانهه ۾ کڻي ڦوٽو، لونگ، مٺي ڪاٺي يا ٻي ڪنهن اهڙي شئي جي ذرڙي وڌي هوندءِ۔ ان ۾ ڪهڙو ذعفران، شيري يا رم يا ٻي سورنهن مسالا وڌا هوندئي۔"