استاد عطا محمد حامي جي ورسي جي نسبت سان حاميءَ کي وسارين تون متان! هدايت بلوچ [JUSTIFY] ها! هن ۾ بهار جي بوءِ هئي، بهار ۾ ڪهڙي بوءِ ٿيندي آهي؟. بهار جي پنهنجي ته ڪا بوءِ نه هوندي آهي. موسم خوشگوار ٿي ويندي آهي، سرءُ جيڪا وڻن جا پن ساڙي سڪائي پيلا ڪري ڪيرائي وجهندي آهي، بهار انهن وڻن ۾ وري نوان ساوا گونچ ڦٽائيندي آهي، اهڙي طرح سڪل ۽ بي حسن ٿيل وڻن ۾ ساوڪ موٽي ايندي آهي، وڻ ساوا ۽ سهڻا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهڙيءَ طرح بهار جي موسم سرءُ جي بي رونق ڪيل سڄي ماحول کي ٻيهر رنگ ۽ رونق ۾ آڻي ڇڏيندي آهي. ها اها ماحول جي سموري خوبصورتي تازگي ۽ توانائي ئي بهار جي بوءِ ٿي سگهي ٿي. ماحول جي تازگي ۽ ساواڻ کان پوءِ جڏهن ساهه کڻبو آهي ته خوشبوءِ جو ڄڻ هڳاءُ ڦپڙن ڦڦڙن اندر ۾ هليو ويندو آهي. اهڙي سهڻي ۽ صحتمند سمي ۾ ماڻهو اڪثر نڪ مان وڏا ساهه کڻندا آهن ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ ٿوري دير لاءِ ڦر کرائي ۽ تازگي جو احسان ٿيڻ لڳندو آهي. استاد حامي جو وجود به ڄڻ سرءُ جي سٽيل ۽ اجڙ ڪيل ماحول کان پوءِ بهار جي موسم آهي، پر هي بهار انساني بهار هئي، انسانيت جو هڪ معجزو هو، دوستو هي لفظ مان ورجايان ٿو استاد حامي جو وجود به ڄڻ سرءُ جي سٽيل ۽ اجڙ ڪيل ماحول کان پوءِ بهار جي موسم آهي، پر هيءَ بهار انساني بهار هئي، انسانيت جو معجزو ڇو ٿو چوان، ان ڪري ته هو انسان اول هو، شاعر، ليکڪ، دانشور يا سياستدان بعد ۾ هو، ڇا ڪوئي سوچي ٿو يا چوي ٿو ته ڇا ٻيا انسان، انسان نه هوندا آهن ڇا، ها ضرور بدني بناوٽ ۽ طبعي طور تي ماڻهو هوندا آهن، پر انسانيت جي افضل درجي تي پهتل نه هوندا آهن، تڏهن ئي ته شاهه سائين چيو آهي ته ماڻهو سڀ نه سهڻا“ يا غالب چيو آهي ته آدمي ڪو ڀي ميسر نهين انسان هونا. تمام گهڻا شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي شاعريءَ سبب يا لکڻين سبب وڏا هوندا آهن، پر اعلى انساني گڻ سندن شهرت جو سبب نه هوندو آهي، صحافتي اصول کي مدنظر رکي يا ڪنهن جي دل آزاري جي خدشي سبب مان اهڙن تمام وڏن شاعرن جا نالا ته نه کڻندس تمام وڏن ليکڪن ۽ اديبن جا نالا ته نه کڻندس. جن جو شاعري ۾ اعلى مقام آهي يا ٻيا جيڪي سوين ڪتابن جا مصنف آهن ۽ سندن شاعري جا حوالا ڏنا ويندا آهن يا سندن لکڻين جا حولا ڏنا ويندا آهن، پر سندن انساني گڻن جو ڪٿي ڪوئي اشارو ئي نه هوندو آهي. دوستو ان سڄي پٽاڙ جو مطلب آهي ته جڏهن استاد حاميءَ جو نالو کڻبو ته سڀ کان اول سندس کلندڙ ٻهڪندڙ چهرو ذهن جو طواف ڪندو. سندس ڀوڳ، سندس ٽوٽڪا سندس ٽونڻا ذهن تي تري ايندا، مشاعرن ۾ سندس داد ڏيڻ جو انداز ۽ هوڪرا ذهن تي تري ايندا، جنهن ويچاري شاعر جي ڪنهن شعر ۾ جيڪڏهن ڪا وڏ هوندي يا پختو نه هوندو يا زير اضافت هوندي ته استاد انهيءَ کي گهڻو داد ڏيندو هو ۽ شاعر کي وري وري پڙهڻ لاءِ چوندو هو، جنهن جو اصل مقصد شاعر جي شعر جي ڪچائي نروار ڪرڻ هوندو هو. هر ڪنهن کي خبر آهي ته مرحوم فيض بخشاپوري پنهنجي سنڌي شعر ۾ رڳو فارسي پلٽيندو هو. مشاعري ۾ جڏهن فيض بخشاپوري جو وارو ايندو هو ته پوءِ استاد حامي جي داد ڏيڻ جو انداز ئي مختلف هوندو هو. هُو هر مصرعي تي واهه واهه، مڪرر، وري مخصوص انداز ۾ استاد جي مرڪ ۽ کل، هڪ ڀيري فيض بخشاپوري جڏهن شعر پڙهي پورو ڪيو ته استاد حامي رڙ ڪري چيس ته فيض صاحب ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيون وڃو. ڍڳ ڪتاب لکڻ به پنهنجي جاءِ تي وڏو ڪم آهي، پر ڍڳ انسانن کي کلائڻ ۽ خوش رکڻ به هڪ وڏو ڪم آهي، ڪنهن اردوءَ جي شاعري چيو آهي ته مسجد ته ڪجهه پري آهي، في الحال ڪنهن رئندڙ ٻار کي کلائي ڇڏ. جنهن جو مطلب ٿيو ته رئندڙ ٻار کلائڻ عبادت ۾ شامل آهي. پر سائين ٻار کي کلائڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي پر وڏن کي کلائي کلائي کيرو ڪرڻ ضرور مشڪل ڪم آهي. جيڪو ڪم کيس بخوبي ايندو هو. سندس زبان تي هميشه ”بابا“ ”پٽ“ ”ٻچا“ ”ظالم“ ”قربدار“ يا اهڙيون ٻيون سهڻيون ۽ ٻاجهاريون صفتون سدائين سندس منهن ۾ هونديون هيون. علم جي هن ڀنڊار ڪڏهن ڪنهن کي ائين محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي. هو سادو، سڌو صاف ۽ سٻاجهو سنڌي هو. مان هن وقت سندس لکيل ڪتابن جي فهرست ڪو نه ڳڻائيندس، نه اهو ٻڌائيندس ته استاد حامي ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو، ڪڏهن ۽ ڪٿي وفات ڪيائين، سڀ ڪجهه ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي، تنهن ڪري اهو ٻڌائي مان توهان جو به وقت نه وڃائيندس. ڪجهه ڳالهيون هڪ نئين موضوع تي ڪبيون. سندس شاعري جي ڪتاب ”حامي جو ڪلام“ ۾ محمد علي حداد (جيڪو منهنجو به دوست هو) استاد حامي تي انتهائي جاندار مهاڳ لکيو آهي. انهي مهاڳ ۾ هڪ جڳهه تي حداد، استاد حامي جي مذهب بابت لکي ٿو. ”حامي جو مذهب انسانيت هو، هر سٺو انسان کڻي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکندڙ هجي عزت جو حقدار آهي. هر رياڪار ماڻهو، کڻي ڪيڏي به وڏي اقتدار جو مالڪ هجي، حامي صاحب لاءِ قابل نفرت هو. مظلوم جي حمايت سندس مسلڪ هو، رمضان شريف ۾ جمعي جي نماز اچي اثنا عشري شيعن سان گڏ پڙهندو هو ۽ عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ حنفي سنين سان گڏ پڙهندو هو. ڄائو ته اهلسنت واري آذان ڪنين پيس ۽ وفات ڪيائين ته ڪفن دفن اهل تشيعت واري طريقي موجب ٿيس، جيئرو هو ته ٻنهي فرقن جا ملان پنهنجو نه ڪندا هئس، گذاري ويو ته سندس سٺي سڀاءَ سبب هر ڪا اک آلي هئي، سچ پچ ته جن ماڻهن جو مذهب محبت هوندو آهي. سي استاد حاميءَ مثل هوندا آهن“. محمد علي حداد جو، استاد حاميءَ جي مذهب بابت حوالو هڪ خاص مقصد لاءِ ڏنو اٿم، توڙي جو استاد حامي ڪٽر مذهبي نه هو، پر تڏهن به سندس ڪتاب جي شروعات حمد سان آهي، اهو حمد به 1948ع جو لکيل آهي، جيڪو منهنجي ڄم جو سال آهي، حمد کان پوءِ مولود، مسعود آهي، جيڪو تمام طويل مولود آهي. تنهن کان بعد ٻه عدد نعت آهن. تنهن کان پوءِ حرمين سفر شامل آهي، جيڪو به نهايت طويل شعر آهي، تنهن کان پوءِ مولا جي ولادت جي رات شامل آهي. جنهن کان پوءِ سلام آهي. ان کان پوءِ اي شهيد، ڪربلا آهي، تنهن کان پوءِ شهيدن جو مقام شامل آهي، جنهن کان پوءِ شاهه، سچل، قلندر بابت شعر ڇپيل آهن. انهيءَ سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مقصد به اهو آهي ته هو مذهبي شخص هو جيڪو رجحان سندس ڪتاب ۾ ظاهر آهي، پر سندس مذهب ڪٽرپڻي وارو نه هو، ملن وارو نه هو، اڄ توهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته پنهنجين رباعين ۾ ملن جي کل ڪيئن لاٿي اٿائين، جنهن مان اها به خبر پوي ٿي ته سندس مذهب انسانيت جي اعلى قدرن وارو هو. اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو! اندازو ڪريو اڃا ته استاد حامي جي زماني ۾ طالبان پيدا به نه ٿيا هئا. ڇو ڪوڙ کي اسلام سڏين ٿو ڪوڙا! واريءَ جو ڪچو ڪوٽ اڏين ٿو ڪوڙا! انصاف جي اک ساڻ ذرا جاچي ڏس، گلقند ۾ ڪيئن گند گڏين ٿو ڪوڙا. هٺ ڪن ٿا، تڪبر ۽ وڏائي ڪن ٿا. پردي ۾ ڀلائيءَ جي برائي ڪن ٿا زاهد ٿا سڏيون جن کي اهي ڀي حامي، الله جي نالي ۾ لچائي ڪن ٿا ظاهر ۾ اگر زُهد سراپا آهين! باطل ۾ ته ابليس جو آقا آهين! ڇو عيب اگهاڙين ٿو ٻين جا زاهد! ڏس پنهنجي گريبان ۾ ته تون ڇا آهين!؟ ملان کي لڳل آهي برهه جي ڪا باهه. حورن جي تصور ۾ رهي ٿو گمراهه. جنت ۾ انهن سان ڪندو هو شادي، لاحول ولا قوت اِلا بالله. نانگن جو نظر پير نه ايندو آهي. بازن کي غذا غير نه ڏيندو آهي. ٻٻرن کان ملي ٻير سگهن ٿا ليڪن، ملن جي هٿان خير نه ٿيندو آهي. تفسير ريا ساڻ ٻڌائين ڇو ٿو،! قرآن جي معنيٰ کي مٽائين ڇو ٿو! رک دل ۾ ذرا خوف خدا جو زاهد، ايمان کي الحاد بڻائين ڇو ٿو! قرآن جو مفهوم مٽائڻ وارا. ڏنڊي سان مسلمان بنائڻ وارا. آڻيندا ڪنيزن جا ڪٽڪ گهر ڪاهي، وهنوار غلاميءَ جو وڌائڻ وارا. ۽ آخر ۾ توهان کي ٿورو کلائڻ لاءِ سندس هڪ رباعي...... گنجو ٿو چوي وار ڪلهن تي آهن. کدڙو ٿو چوي ٻار ڪلهن تي آهن. هن وقت جي ڇا ڳالهه ٻڌايان حامي، بزدل ٿو چوي بار ڪلهن تي آهن. [/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز 3 جولاء 2011
جواب: حاميءَ کي وسارين تون متان! محترم هدايت بلوچ جو نئين ڍنگ سان لکيل محترم مرحوم حاميءَ تي لکيل هي ليک پنهنجي مٽ پاڻ آهي جنهن مان حاميءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت ۽ حاميءَ جي خيالن جي اپٽار ٿئي ٿي ،،، حاميءَ جي مذهبي، سماجي شاعري، سنڌي ادب جو سرمايو آهي ۔۔۔ ۽ سندس مٿي ڏنل بيتن مان ئي سنڌي رواداريءَ جي جهلڪ خوب نظر اچي ٿي ۔۔۔۔ لک ٿورا سائين مٺڙا سليمان سنڌ سلامت ساٿ سلامت