علي چوهاڻ کيبرائي
سينيئر رڪن
رات لولي بنا
کٽ کٽولي بنا
ڪونه ٻچڙا سُتا
پيٽ ويلي بنا
سيءُ سيارو هيو
برف پارو هيو
تن ڏڪندا رهيا
هنڌ چولي بنا
ٿڄ گهري ٿي ڪِڪِي
رت ويو آ سڪي.
خشڪ آنڊا ٿيا
کير تولي بنا
جن آ بيبي چوي
نرس ٽي بي چوي
بک سڪائي وڌو
لڪ ۽ جهولي بنا.
شاعر علي چوهاڻ کيبرائي.
کٽ کٽولي بنا
ڪونه ٻچڙا سُتا
پيٽ ويلي بنا
سيءُ سيارو هيو
برف پارو هيو
تن ڏڪندا رهيا
هنڌ چولي بنا
ٿڄ گهري ٿي ڪِڪِي
رت ويو آ سڪي.
خشڪ آنڊا ٿيا
کير تولي بنا
جن آ بيبي چوي
نرس ٽي بي چوي
بک سڪائي وڌو
لڪ ۽ جهولي بنا.
شاعر علي چوهاڻ کيبرائي.