هي ڪتاب يا بروشر ”قرآن ۽ ذهني تندرستي“ َرآن ڪريم جي آيتن جي روشنيء ۾ مختلف بيمارين جي علاج بابت آهي۔ ڪتاب جو ليکڪ مشهور سائڪاٽرسٽ ڊاڪٽر عزيز الحسن عباسي آهي ۽ ان جو سنڌي ترجمو محترم مظفر بخاري ڪيو آهي۔ هي ڪتاب حڪمتِ قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو روح روان محترم نور احمد ميمڻ آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: قرآن ۽ ذهني تندرستي تمام سهڻو ڪتاب آهي ۔۔۔ روحاني ۽ جسماني علاج لاءِ ايماني سگهه جو هجڻ تمام ضروري آهي، ۽ جيڪي ماڻهون ايمان ۾ سگهارا هوندا آهن ته انهن کي روحانيءِ سان گڏ جسماني صحت به عطا ٿيندي آهي ۔۔۔ ايمان افروز ڪتاب لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
تمام سهڻي ونڊ ، هن وقت جيڪي انسانن سان ڊپريشن جهڙي صورتحال آهي اهڙي وقت ۾ هن ڪتاب مان گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو۔ اهڙي ڪتاب کي پڙهڻ مان گهڻو فائدو پهچندو۔
قُلْ لَّاۤ اَمْلِكُ لِنَفْسِیْ نَفْعًا وَّ لَا ضَرًّا اِلَّا مَا شَآءَ اللّٰهُ١ؕ وَ لَوْ كُنْتُ اَعْلَمُ الْغَیْبَ لَا سْتَكْثَرْتُ مِنَ الْخَیْرِ١ۛۖۚ وَ مَا مَسَّنِیَ السُّوْٓءُ١ۛۚ اِنْ اَنَا اِلَّا نَذِیْرٌ وَّ بَشِیْرٌ لِّقَوْمٍ یُّؤْمِنُوْنَ۠۱۸۸ هن ڪتاب جي صفحي نمبر 10 تي جيڪا قرآن پاڪ جي مٿين آيت لکيل آهي هڪ ته ليکڪ اها آيت سڳوري مڪمل نه لکي آهي ٻيو ته ان آيت سڳوري جي ترجمي ۾ سائين جن بس پنهنجي مرضي ۽ مقصد کي نظر ۾ رکندي معنى پيش ڪئي آهي۔ جيڪا منهنجي مشاهدي مطابق ائين نه آهي جيڪا سائين جن تحقيق ڪري پيش ڪئي آهي۔ پهرين ڳالهه ته منهنجي مٺي مير مرسل محمد صلى الله عليه وسلم کان جڏهن ماڻهن غيب جي علم بابت پڇا ڪئي ته تنهن تي الله پاڪ پنهنجي پياري نبي تي هي آيت سڳوري نازل ڪئي ۔ ترجمو: توهان فرمايو ته مان پنهنجي جان جي بري ڀلي جو خود مختيار نه آهيان پر جيڪو الله چاهي، ۽ جيڪڏهن مان غيب ڄاڻي وٺان ها ته ائين ٿئي ها جو مان گهڻي ڀلائي جمع ڪري ڇڏي، ۽ مونکي ڪا به برائي نه پهتي، مان ته اهو ئي خوف ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهيان انهن کي جيڪي ايمان رکن ٿا۔ هاڻ ليکڪ صاحب جيڪو لکيو آهي ان ۾ اهڙن ماڻهن جو حال بيان ڪيو اٿس جيڪي سڀ ڪجهه هوندي به بيوس آهن، انهن جي اها ڳالهه پنهنجي جڳهه تي درست آهي ته جيڪو الله چاهيندو اهو ئي ٿيندو انسان ته مورڳو بيوس آهي، رب جي ذات جي اڳيان، پر اهڙن ماڻهن جي ڪيفيت کي ائين بيان ڪرڻ ته هاڻ اهڙن ماڻهن جو حال هن آيت جهڙو آهي۔ اها ڳالهه مناسب نه لڳي۔ اميد ته ساڃاهه وند ان ڳالهه تي روشني وجهندا۔
مٿين آيت ڪڏهن ۽ ڪئين نازل ٿي ان لا هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪندا ۽ آيت نمبر 188 ڏسندا ۽ ان جي شان نزول ۾ ضرور پڙهي ڏسجو ته ڪهڙي ريت منهنجي مٺي مير مرسل محمد مصطفى صلى الله عليه وسلم غيب جي ڳالهه رب جي طرفان ئي بيان ڪن ٿا ۽ وري منافق ڪهڙي ريت ان جي مخالفت ۾ ڳالهائن ٿا۔ مهرباني http://kinzulemaan.blogspot.com/2011/07/para-no-8-surat-no-7-page-23.html
تمام بهترين، روحاني ۽ جسماني علاج لاءِ بنيادي ڄاڻ ڏيندڙ ڪارائتو ڪتاب، سنڌي ادب ۾ خاص اهميت جوڳي ڪوشش.