ڊگهي عرصي جي غلفت کانپوءِ قومن ۾ بي فڪريءَ جا موتمار جيوڙا پيدا ٿي ويندا آهن ۽ دشمن کي حقير سمجهندا آهن، ۽ پنهنجي طاقت تي ڀروسو ڪري جوش ۽ مستعدي بجاءِ آرام طلب ٿي ويندا آهن، ۽ اها قوم جي زوال جي نشاني آهي. پر وري قدرت اهڙين قومن کي تنبيه ڪندي آهي ۽ بيداريءَ جون صدائون بلند ٿيڻ لڳنديون آهن. خوشقسمت آهن اهي قومون جي پاڻ سنڀالي وينديون آهن، پر بدبختن لاءِ سواءِ تباهي ۽ ذلت جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي بحوالو؛”آزادي“ مولانا ابوالڪلام آزاد
جواب: قومي غفلت سائين نثار سلام مولانا ابوالڪلام آزاد جي مٿين جملي کي ڏسندي مونکي سنڌي قوم بلڪل اها ساڳي قوم ٿي لڳي جنهن جو ذڪر مٿين قول ۾ ٿيل آهي۔ اهڙي قوم کي ٻيهر بيدار ڪرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي۔