
ڪجهه وڊيوز جهڙوڪ يوٽيوب وڊيو وغيره ڊائونلوڊ يا پنهنجي بلاگ تي شيئر ڪرڻ آسان آهي جو اهڙيون سائيٽس ان وڊيو جو امبيڊ ڪوڊ پڻ ڏين ٿيون۔۔ پر فيس بوڪ وڊيو کي ڊائونلوڊ ڪرڻ يا پنهنجي بلاگ تي امبيڊ ڪرڻ ايترو سولو نه آهي۔۔۔
ڪنهن دوست جي فون درخواست تي خاص ان لاءِ ۽ عام سمورن دوستن لاءِ فيس بوڪ وڊيو جو انتهائي آسان حل پيش ڪري رهيو آهيان۔۔
سڀ کان پهريان ڪا به فيس بوڪ وڊيو کوليو... جيئن سائين نثار ابڙو جي ترجمون ڪيل وڊيو هيءَ ئي کڻي کوليو۔۔ جنهن جو ڪوڊ آهي
http://www.facebook.com/video/video.php?v=194260963929077
[video=facebook;194260963929077]http://www.facebook.com/video/video.php?v=194260963929077[/video]
جيڪڏهن توهان هي وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته بس ڪرڻو اهو آهي جو وڊيو جي يو آر ايل ۾ down لفظ جو اضافو آڻي ڇڏيو۔۔۔ جيئن
http://www.downfacebook.com/video/video.php?v=194260963929077
جنهن کان پوءِ توهان ريڊيائريڪٽ ٿيندي فيس بوڪ وڊيو ڊائونلوڊ سائيٽ تي ويندو جتان هاءِ ڪوالٽي ۾ نه صرف وڊيو ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي پر ان جو امبيڊ ڪوڊ پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔
هن سائيٽ جي اضافي خوبي اها آهي ته جي وڊيو جو لنڪ درست نه هوندو ته ان جو درست لنڪ پڻ توهان کي صلاح طور ڏيندي۔۔۔
بس توهان ان وقت الجهي سگهو ٿا جيڪڏهن توهان جي سسٽم ۾ جاوا انسٽال ٿيل نه هجي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ هتي ڪلڪ ڪري جاوا پروگرام پڻ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري سگهجي ٿو۔۔ ۔