انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رضا صديق طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2011۔

  1. رضا صديق

    رضا صديق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جولائي 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]
    انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ
    چوءٰ طرف آهي وحشت حيوان کي حيرت آ

    ٿو قهر ڪري موءمن منبر تي چڙهي بيهي
    هڪ ٻي کي چون ڪافر بيمان کي حيرت آ

    هر وقت چوي ٿو هو مهذب نه اسان جهڙو
    بغداد ڪيئين اهڙو خاقان کي حيرت آ

    هي وياج سندو ڌنڌو وڌنڌو ئي وڃين ٿو پيو
    ٿو ٻيڻ وٺي مسلم ديوان کي حيرت آ

    هو باه پيو ميڙي جنت جي خبر هوندي
    فردوس جي داروغي رضوان کي حيرت آ

    سچ جو هي سفينو ۽ پرشور سمندر آ
    ٿو ڪيئن وڃين بچيو طوفان کي حيرت آ

    حق راه تي هلڻو آهر ظلم رضا سهندي
    ان ڳاله تي ظالم جي ايوان کي حيرت آ

    شاعر رضا صديق کيبرائي
    [/JUSTIFY]
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

    ادا ڪيبرائي، اهو حيرت جو ڌنڌو انسان ۾ روز ازل کان جاري آهي ۽ روز قيام تائين هلندو رهندو ۔۔۔۔ مظلوم، ظالم تي حيرت ڪندو رهندو ۽ ظالم مظلوم تي ۔۔۔ سورهيه، ڀاڙئي تي حيرت کائيندو رهندو ته ڀاڙيو وري سورهيه تي ۔۔۔ اهڙي نموني هڪ ٻئي جا ضد هڪ ٻئي کي حيرانگي سان ڏسندا رهندا ۔۔۔

    اسين پڻ حيرانگي ۽ اچرج ۾ اچي ويندا آهيون، جنهن کي سولي سنڌي ۾ چيو ويندو آهي ” واڇ گودو ٿيڻ“

    تمام سهڻن احساسن جي شاعري ڪئي آهي اوهان ۔۔۔۔ انساني سماج جو ڏک دل ۾ رکي جيڪي لفظ نڪرن ٿا سي عبادت جي مثل آهن ۔۔

    لک ٿورا
     
  3. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

    انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ
    چوءٰ طرف آهي وحشت حيوان کي حيرت آ
    ادا رَضا صديقي اڄ جي دور جي حصاب سان توهانجي شاعري بلڪل ڪريٽ آهي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

    هي وياج سندو ڌنڌو وڌنڌو ئي وڃين ٿو پيو
    ٿو ٻيڻ وٺي مسلم ديوان کي حيرت آ


    وياج کي مختلف نالا ڏئي ان کي نفعي جي شڪل چيو وڃي ٿو۔ ڪٿي وياج، ڪٿي سرچارج، ڪٿي ڏنڊ ته ڪٿي مارڪ اپ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مقصد سڀني جو ساڳيو آهي۔ اوهان جي زبردست شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔ معاشري جي صحيح عڪاسي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

    واھ سائين واھ۔۔۔سچ بلڪل سھي۔۔۔زبردست
     
  6. رضا صديق

    رضا صديق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جولائي 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

    سڀني سڄڻن جا پذيرائيءَ لاءِ لک قرب
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ

    ايڪ ڪتي ني ڪها دوسري ڪتي سي
    چل ڀاگ سهر سي ورنه انسان ڪي موت مري گا۔
    وسلام
    سائين بهترين اسان جي ڪاسي ڪئي اَٿَوَ
    اسان الائي ڪهڙي جنت جا دعويدار آهيون اهو ئي دوزخ آهي شايد۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو