رضا صديق
سينيئر رڪن
انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ
چوءٰ طرف آهي وحشت حيوان کي حيرت آ
ٿو قهر ڪري موءمن منبر تي چڙهي بيهي
هڪ ٻي کي چون ڪافر بيمان کي حيرت آ
هر وقت چوي ٿو هو مهذب نه اسان جهڙو
بغداد ڪيئين اهڙو خاقان کي حيرت آ
هي وياج سندو ڌنڌو وڌنڌو ئي وڃين ٿو پيو
ٿو ٻيڻ وٺي مسلم ديوان کي حيرت آ
هو باه پيو ميڙي جنت جي خبر هوندي
فردوس جي داروغي رضوان کي حيرت آ
سچ جو هي سفينو ۽ پرشور سمندر آ
ٿو ڪيئن وڃين بچيو طوفان کي حيرت آ
حق راه تي هلڻو آهر ظلم رضا سهندي
ان ڳاله تي ظالم جي ايوان کي حيرت آ
شاعر رضا صديق کيبرائي