نثارابڙو
نائب منتظم
لبيا جي بابت ڄاڻ اٿوَ ...؟
هي اهڙيون ڳالهيون آهن جي ميڊيا ۾ ظاهر نٿيون ڪيون وڃن ...
• لبيا جي هر رهواسيءَ کي حڪومتي قرض بغير ڪنهن وياج جي ملندو آهي.
• شاگرد جنهن مضمون ۾ پڙهن ٿا ان مضمون جي مطابقت سان کين مخصوص پگهار پڻ ڏني وڃي ٿي
• جيڪڏهن ڪو ماڻهون پنهنجي اهليت جي مطابقت سان نوڪري حاصل ڪري نٿو سگهي ته حڪومت پگهار جاري ڪري ٿي، جيستائين اهو ماڻهون نوڪري حاصل ڪري.
• جڏهن ڪو شادي ڪري ٿو ته زال ۽ مڙس کي حڪومت پاران مفت ۾ گهر ملي ٿو.
• لبيا جو شاگرد دنيا جي ڪهڙي به ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهي ٿو، حڪومت ان شاگرد کي 2500 يورو واڌو رهائش ۽ گاڏيءَ جو الائونس به ڏي ٿي.
• ڪار (گاڏيون) فيڪٽريءَ جي قيمت تي ڏنيون وڃن ٿيون.
• لبيا دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي قرضدار ناهي ... (هڪ پئسي جي به نه)
• هر شهريءَ لاءِ مفت ۾ تعليم ۽ علاج ميسر ڪيو وڃي ٿو.
• لبيا جا ماڻهون 25 فيصد يونيورسٽي تعليم رکنٿا
• روڊن تي ڪو به فقير يا مسڪين پنڻ وارو نه ملندو، ڪو به ماڻهون بي گهر ناهي.
]
ان ۾ ڪو عجب ناهي ته آمريڪا سميت سڀ سرمائيدار ملڪ لبيا ۽ انجي موجوده حڪومت کي پسند نٿا ڪن. ڇاڪاڻ لبيا جي ڪرنل قذافيءَ آ ايم ايف يا ورلڊ بئنڪ کان وڏن وياجن تي قرض وٺڻ کان انڪاري آهي ... مطلب ته لبيا دنيا ۾ آزاد ملڪ آهي ( آمريڪي اثر کان آزاد آهي)، اهو ئي سبب آهي ته هن وقت لبيا ۾ جنگ هلي پئي ... قذافي ممڪن مطلق العنان حڪمران هجي پر اهو آمريڪا جو مسئلو ناهي.
آمريڪا کي مرچ انڪري به لڳا آهن ته لبيا سڀني تيل پئدا ڪندڙ ملڪن کي سڏ ڏنو آهي ته، تيل جي قيمت ڊالر يا يورو ۾ قبول نه ڪئي وڃي بلڪه تيل جي قيمت سون جي صورت ۾ ورتي وڃي. ان سڏ سان اولهه جون قومن جي سڃي ٿيڻ جا امڪان آهن ... ڇاڪاڻ ته سون جو ذخيرو وٽن ايترو ناهي. پر اهي قومون پنهنجا ڪاغذي فضول نوٽ ڇاپي ملڪن جا وسيلا ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪنٿا.
اها ساڳي ڳالهه صدام به ڪئي هئي ۽ دنيا کي صلاح ڏني هئي ته پنهنجو تيل سون جي قيمت ۾ وڪيو وڃي ... ۽ اسان سڀني کي سندس نتيجو ياد آهي ... کيس لوڙائي لوڙائي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ...
ڀٽي صاحب جڏهن تيل کپائيندڙ ملڪن خاص ڪري مسلمان ملڪن جي وارثي جي ڳالهه ڪئي ته سندس نتيجو اسانکي ياد آهي ... کيس لوڙائي لوڙائي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ...
ڇا ائين ئي آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ ٻي دنيا جي ملڪن سان حشر ڪندا رهندا ...؟؟؟؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي؟http://imageshack.ushttp://imageshack.us