ارڙهين ترميم ۽ سنڌ سان ويساه گهاتي جي حقيقت!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    دوستو ٽائيم هجي ته هي آرٽيڪل ضرور پڙهو ۽ ڏسو ته اڙهين ترميم جي نالي ۾ سنڌ سان ڪيتري زيادتي ٿي آهي؟


    ارڙهين ترميم ۽ اختيارن جي منتقلي وارو طلسم!

    بئريسٽر ضمير گهمرو

    مشرف جڏهن اقتدار تي برجمان هو، تڏهن کان ”اختيارن جي منتقلي“ وارو محاورو عام ماڻهن ۾ گهر ڪري ويو. جڏهن کين خبر پئي ته صوبن کان اختيار کسي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي ۾ مرڪوز ڪيا ويا ته کين اصل حقيقت واضح ٿي، پر چارٽر آف ڊيموڪريسي جي صورت ۾ صوبن کي جن اختيارن جي منتقلي جو واعدو ڪيو ويو هو، اهو هرگز وفا نه ٿيو، پر ارڙهين ترميم بهاني ون يونٽ کان وفاق پاران غير آئيني طور رکيل کاتا ختم ڪيا ويا.

    اختيارن جي منتقلي:

    اختيارن جي منتقلي جو تصور اهو آهي ته ڪنهن سرڪار وٽ اختيار نه هجن ۽ ان کي ڏنا وڃن. مرڪز 18 هين ترميم بهاني جيڪي صوبن کي کاتا/اختيار منتقل ڪيا آهن، ڇا اهي اڳ صوبن ۾ نه هئا؟ مثال طور تعليم، صحت، مڪاني ادارا، زراعت، ڳوٺاڻي ترقي، رانديون، اقليتي مامرا، زڪوات، ماحول سميت سموريون وزارتون اڳ ئي صوبن ۾ ڪم ڪري رهيون هيون ته منتقلي ڇا جي؟ يا ته کڻي ائين چئجي ته اهي کاتا مرڪز کي به رکڻا هئا ۽ صوبن کي ۽ مرڪز ختم ڪيا آهن، اهڙي ڳالهه به آئين ۾ هرگز نه آهي. 18 هين ترميم کان اڳ آئين جي آرٽيڪل 142 ۾ واضح لفظن ۾ لکيل آهي ته: ”مرڪز وفاقي لسٽ ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ ڏنل سمورن اسمن تي قانونسازي ڪري سگهندو، جڏهن ته صوبا ڪنڪرنٽ لسٽ تي ۽ انهن ٻنهي لسٽن ۾ جيڪي اسم ذڪر ڪيل نه آهن، انهن تي قانون سازي ڪري سگهندا.“

    مرڪز پاران ختم ڪيل وزارتن مان ٽي وزارتون صرف ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ ذڪر ڪيل آهن، باقي چوڏهن وزارتون ٻنهي لسٽن هر هڪ ڪنڪرنٽ ۽ وفاقي لسٽ ۾ هرگز نه آهي. جنهن جو مطلب آهي ته اهي نج صوبائي اسم آهن. هاڻي جڏهن اهي نج صوبائي اسم آهن ۽ اڳ ئي اهڙيون وزارتون صوبن ۾ ڪم ڪري رهيون هيون ته آخر مرڪز ڇو رکيون؟ هن حقيقت کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان کي 1973ع کان به اڳتي وڃڻو پوندو. 1973ع کان اڳ مرڪز ۾ اهي سمورا کاتا صوبائي هئا، ۽ ويسٽ پاڪستان اسيمبلي جيڪا ون يونٽ واري اسيمبلي هئي، ان جي ماتحت هئا. جڏهن ون يونٽ واري اها اسيمبلي ٽُٽي ته اهي کاتا جيئن جو تيئن لاهور مان اسلام آباد منتقل ڪيا ويا. 1973ع جو آئين ٺهيو ته اهو چيو ويو ته جيڪي کاتا وفاقي ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ نه آهن، اهي نج صوبائي هوندا، پر 1973ع جي آئين تي عمل نه ڪيو ويو. اهي نج صوبائي کاتا مرڪز ۾ به قائم رهيا ۽ صوبن ۾ به. مرڪز 1973ع کان ملڪ جا هزارين ارب انهن کاتن تي خرچ ڪيا. جيڪو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هڪ وڏو اسڪينڊل هجي ها، پر هتي نه رڳو وفاقي سرڪار غير آئيني طور اهي کاتا هلائيندي رهي، پر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ انهن تي قانونسازي به ڪندو رهيو.

    گذريل 38 سال:

    1973ع کان 2011ع تائين 38 سال گذري ويا، پر صوبن جي قيادت اهو نه سنڀاليو ته اهي کاتا مرڪز ۽ صوبن ۾ هڪ ئي وقت آخر ڇو قائم آهن؟ وفاقي بيوروڪريسي ڪنڪرنٽ لسٽ جو بهانو وٺي صوبن جي نٻل ۽ ڪمزور قيادت کي مڪمل بيوقوف بڻائي ڇڏيو، حالانڪه ڪنڪرنٽ لسٽ ۾ عورتن جي ترقي، زڪوات ۽ Syllabus (نصاب) کانسواءِ ڪنهن به کاتي جو ذڪر نه آهي ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ جو اهو هرگز مطلب نه هو ته ساڳيا کاتا مرڪز ۽ صوبن ۾ هجن، پر گذريل 38 سالن کان وڌيڪ عرصو اهي سڀ وزارتون صوبن ۾ به قائم رهيون ۽ مرڪز ۾ به. جڏهن چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين صوبائي خودمختياري جي هام هنئي ته پوءِ اهو چيو ويو ته اچو ته اختيار منتقل ڪريون. اختيار ڪهڙا؟ جيڪي اڳ ئي صوبن جا هئا ۽ صوبن ۾ اهي وزارتون ڪم ڪري رهيون هيون. گذريل 38 سالن کان مرڪز انهن وزارتن ۾ هزارين ملازم ڀرتي ڪيا. هزارين اربن جي بجيٽ خرچ ڪئي، پرڏيهي قرض ورتا، جنهن ۾ ملڪ مقروض ٿي ويو. صرف ان لاءِ ته مرڪز کي وڏو ڏيکاري بيوروڪريسي لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪيا ويندا، جنهن ۾ اڪثريت پنجاب جي بيوروڪريسي جي هئي.

    منتقلي يا خاتمو:

    اصولي طور تي 18 هين ترميم کان اڳ ئي وفاقي سرڪار کي اعلان ڪرڻ گهرجي ها ته جيڪي اسم ڪنڪرنٽ لسٽ ۽ وفاقي لسٽ ۾ نه آهن، اسان اهي وزارتون ختم ڪري رهيا آهيون، پر 18 هين ترميم پاس ڪري انتهائي نهٺائي سان اهو اعلان ڪيو ويو ته اسين اهي وزارتون صوبن کي منتقل ڪري رهيا آهيون. حالانڪه منتقلي واري وزارت آهي ئي ڪانه. 17 ڪروڙ عوام سان ئي ٺڳي اهڙي ته چالاڪي سان ڪئي وئي، ڄڻ هتي ڪنهن آئين پڙهيو ئي نه آهي.

    18 هين ترميم ۽ مرڪز کي تحفظ:

    18 هين ترميم کان اڳ وفاق جا ڪل اسم 67 هئا، جيڪي ترميم کان پوءِ وڃي 74 بيٺا، معنيٰ خاص خاص وزارتون مرڪز ۾ رکڻ لاءِ بجلي جو اسم وفاقي لسٽ نمبر 2 ۾ وڌو ويو. اهڙي طرح اعليٰ تعليم جا معيار، ميڊيڪل، انجنيئرنگ سميت سمورا پروفيشن پهريون دفعو مرڪز لسٽ ۾ وڌا ويا ته جيئن مرڪز ۾ قائم ڪجهه ادارن کي اتي جو اتي رکي سگهجي. ارڙهين ترميم جي نالي تي هيءَ هيڏي وڏي ويڌن آسانيءَ سان سرانجام ڏني وئي، پر سرڪاري ۽ اڪثر غير سرڪاري ميڊيا اهڙو تاثر ڏنو، ڄڻ صوبائي خودمختياري واقعي صوبن کي ملي وئي آهي.

    18 هين ترميم ۽ اين ايف سي:

    وڏي چالاڪيءَ سان انگريزي چوڻي وانگر ته Cart before Horse (گهوڙي کان اڳ گاڏو) ڏنو ويو آهي. مرڪز صوبن کان اين ايف سي تي صحيح ورتي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ڀوڳيو. جنهن ۾ اهو يقيني بڻايو ويو ته ان تي مالي ون يونٽ جاري رهندو. ٿيڻ ائين گهربو هو ته پهريون مرڪز کان غير آئيني وزارتون ختم ڪري پوءِ مرڪز ۽ صوبن جي مالي ضرورتن جي ڪٿ لڳائي وڃي ها. پر ابتو ڪم ڪيو ويو ته پهريون اين ايف سي آڻيو ۽ پوءِ مالي ڪٿ لڳائينداسين. 1973ع جي آئين هيٺ مرڪز کي ڪل کاتا ئي اٺ آهن. ٻيون سموريون سرگرميون صوبن ۾ آهن. مرڪز کي اين ايف سي جي وسيلن کان سواءِ ساڍا ڇهه سئو ارب کان وڌيڪ نان ٽيڪس روينيو آهي، پر ان جي باوجود مرڪز چيو ته لڳ ڀڳ اڌ پئسا اسان کي ڏيو. 40 وزارتن وارن چئن صوبن کي گڏي 50 سيڪڙو ۽ اٺن کاتن واري هڪ سرڪار کي 50 سيڪڙو پئسا عطا ڪيا ويا، جنهن ۾ سمورا پئسا سنڌ جا آهن، ڇو ته ٽئي صوبا پنهنجن صوبن مان اوڳاڙيل ٽيڪس روينيو واپس وٺي ويندا آهن ۽ مرڪز کي سنڌ هلائيندي آهي. مرڪز سوچيو ته ارڙهين ترميم جي ئي بهاني هو جيڪي کاتا منتقل ڪندو، باقي هن وٽ وڃي مس اٺ کاتا رهندا ۽ جيڪڏهن سنڌ جي قيادت اها گهر ڪئي ته مرڪز کي ڏنل رقم جو احتساب ڪيو وڃي، جيڪو موجوده قيادت جي موجودگي ۾ هرگز ممڪن نه هو ته پوءِ هو نقصان ۾ هوندو. ان ئي سوچ هيٺ وٺ وٺان ٿي وئي. پ پ اهڙي حڪومت آهي، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان اين ايف سي آندو ويو، پاڻ وارا همراهه هش ۾ خوش، مرڪز سنڌ جا سمورا پئسا غير آئيني ورهاست ۾ کڻي ويو ۽ کڻندو رهندو، جيستائين اين ايف سي کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار ٽن صوبن جي چوڻ تي وڃي سندرو ٻڌو ته اجهو هي اسان جا پئسا آهن ورهايو، ڇا جو حساب ڇا جو ڪتاب. نه پڇيائون ته صوبي مان اوڳاڙي ڪيتري ٿي رهي آهي ۽ نه وري پڇيائون ته مرڪز هر صوبي مان ڪيترو حصو کڻندو. چئي سروس تي سيلز ٽيڪس اسان کي اوڳاڙڻ ڏيو، جيڪا 1973ع کان صوبائي ٽيڪس آهي. ان لاءِ وري وڪيل به ڪيائون. هي جانو جرمن ۽ رمضان جي انگريزي وارو مقابلو هو ۽ سنڌ سرڪار ان ۾ ڪُڏي پئي. تڏهن ئي ته چپ ئي چپ ۾ مرڪز ۽ پنجاب توڙي سرحد خوش آهن ته اهڙا ڀوتار ته الله هٿ ڏياري، جن کي نه آئين جي خبر، نه قانون جي، ۽ نه پنهنجي وسيلن جي.

    سنڌ سرڪار ۽ کاتا:

    سنڌ سرڪار بجاءِ جو اهو موقف اختيار ڪري ته اهي نام نهاد منتقل ٿيندڙ کاتا مرڪز ۾ اڳ به غير آئيني هئا ۽ انهن کي ختم ڪيو وڃي، راڳ آلاپڻ شروع ڪيو ته سائين ڏسو اسان کي اختيار ملي رهيا آهن. تعليم، صحت، زراعت، چوپائي مال، راندين، مڪاني ادارن، ڳوٺاڻي ترقي سميت سڀ منتقل ٿيندڙ وزاتون جڏهن اڳ ئي اوهان وٽ آهن ته اختيار ڇا جا؟ هاڻي جانو جرمن وڏيرن کي سمجهائي ڪير؟ چئي سائين چاليهن سالن ۾ ڪنهن مرڪز کان کاتو ورتو آهي؟ سائين ڪهڙو کاتو؟ صحت، رانديون، مڪاني ادارا اهي ته اڳ ئي اوهان وٽ آهن. مرڪز ته انهن کي ختم ڪرڻ بجاءِ اوهان تي بار وڌو آهي. پنجاب ۽ مرڪز وارا صحيح ٿا چون، هتان جا ته نمائندا اسان آهيون، آئين ۽ قانون اسان کي ايندو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر هو ته رڳو ووٽ ڏيڻ جي مشين آهن. ارڙهين ترميم 21 صدي جو وڏي ۾ وڏو مذاق آهي، ۽ اهو مذاق سنڌ سان آهي، ڇو ته مرڪز ۾ انهن کاتن تي خرچ سنڌ جي قيمت تي ٿيو ۽ هينئر به مرڪز سئو سيڪڙو سنڌ جي پيسن تي هلي رهيو آهي، پر صوبائي ڪابينا ۾ جيڪي انهن معاملن کي ڏسي رهيا آهن، سي سنڌ جي مفادن کان وڌيڪ مرڪز جي مفادن لاءِ آهن. هو صرف هڪ دفعو سنڌي عوام وٽ ايندا آهن، جڏهن ووٽ وٺڻو هوندو آهي.

    مثبت پهلو:

    ارڙهين ترميم جو هڪ مثبت پهلو اهو آهي ته ڪنڪرنٽ لسٽ جي بهاني مرڪز جيڪي غير آئيني اخيار رکيا هئا ۽ جنهن نموني ان جي معنيٰ کي ڪنڪرنٽ مان ڦيرائي مرڪز ڪيو هو ۽ جو خاتمو ٿيو. ڪنڪرنٽ جي بهاني مرڪز الائي ڇا ڇا ڪيو، حالانڪه آئين ۾ لکيل هو ته مرڪز توڙي صوبا ان تي قانونسازي ڪري سگهن ٿا، پنهنجي پنهنجي اسمن جي حوالي سان ۽ مرڪز ۽ صوبن جي قانونسازي ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته مرڪزي قانون کي فوقيت رهندي، پر مرڪز چيو ته ٽڪراءُ ڇا جو، ان تي آئين سازي ڪرڻ جو حق ئي اسان جو آهي.

    انتظامي خودمختياري:

    آئين ۾ وفاقي سرڪار کي هلائڻ لاءِ جدا سول سروس آهي ۽ صوبائي حڪومت کي هلائڻ لاءِ صوبائي سروس آهي، پر ڪنڪرنٽ لسٽ جي بهاني مرڪز کان سوين آفيسر سنڌ تي وارد ٿيا ۽ ان جو آئين ۽ قانون ۾ ڪو به ذڪر نه آهي. صوبا پنهنجا چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي مقرر ڪندا، پر ڪالهوڪو ڪالهه سنڌي چيف سيڪريٽري کي هٽائي اسلام آباد مان چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي مقرر ڪيا ويا. ڇا اها صوبائي خودمختياري آهي؟ مرڪز کي سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ۾ مقرر ڪرڻ جو آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل ۾ اختيار آهي؟ پر سنڌ جا وڏيرا جيڪي اسيمبلي ۽ ڪابينا ۾ ويٺل آهن، اهي چوندا اوهان کي خبر نه آهي، اسلام آباد کي اهي اختيار آهن. آئين جي اوهان کي ڪهڙي خبر. مطلب ته مرڪز کي جيڪي کاتا ختم ڪرڻا هئا، اهي به ارڙهين ترميم جي بهاني منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کي صوبائي خودمختياري جو نالو ڏنو ويو، ڇا اها حقيقي صوبائي خودمختياري آهي؟

    حقيقي صوبائي خودمختياري تڏهن ملي سگهي ٿي، جڏهن صوبن کي پنهنجي مالي وسيلن ۽ انتظامي معاملن تي پورو اختيار هوندو. ارڙهين ترميم کان اڳ صوبائي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ تيل ۽ گئس جي ڪمائي سئو سيڪڙو صوبن حوالي ڪري پئي سگهيا، پر ارڙهين ترميم ۾ اهو چيو ويو ته اهي مرڪز ۽ صوبا اڌو اڌ ڪندا. تيل ۽ گئس پنجاب مان نڪري ها ته پوءِ صوبائي خودمختياري جو آسرو هو ۽ سنڌ جو ٽيڪس روينيو 80 سيڪڙو مرڪز حوالي، گئس ۽ تيل مرڪز حوالي، انتظامي اختيار مرڪز جي حوالي، باقي صوبائي خودمختياري ڇا کي چئبو آهي؟ جيڪڏهن صوبائي خودمختياري جو مقصد ٿاڻي ۽ مختيارڪاري تي وڏيرن جو ڪنٽرول آهي ته پوءِ ته صوبائي خودمختياري اسان وٽ تمام گهڻي آهي. هر سرڪاري آفيسر جو اگهه مقرر ٿيل آهي، جيڪو وڏيرن ۽ انهن جي ڪارندن کي ملي رهيو آهي، ٻيو سنڌ کي کپي ڇا؟

    پيپلز پارٽي صوبائي خودمختياري جو ڏينهن ملهايو، پر مٿيون حقيقتون سنڌ جي عوام وٽ ضرور نيڪ روشن هجن، ڇو ته خودمختياري تمام وڏو لفظ آهي ۽ ان وٽان هن ملڪ جو مرڪز لنگهيو ئي نه آهي. سنڌ ۾ عوام جي حالت جري آهي، تعليم، صحت، امن امان، روزگار نه هجڻ برابر آهي. سرڪار ڏينهن ضرور ملهائي، پر سنڌ جي عوام کي اهو ضرور ٻڌائي ته صوبائي خودمختياري جو ثمر هي آهي.

    barrister-zamir@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو