ڏات ڌڻين ڏانهن سنڌ سرڪار جو رويو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ بيحسيءَ وارو رهندو آيو آهي. سنڌ سرڪار جي بيحسي طارق عالم واري معاملي مان ئي ظاهر آهي، جنهن جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ ويهارڻ ۽ ان جي تجويز ڪيل سٺ لک رپين واري خرچ کي مڃيندي سمري وزير اعليٰ ڏانهن موڪلي ويئي هئي، جنهن ان تي صحيح ڪري سٺ لک بجاءِ رڳو ست لک رپيا ڏيڻ جو حڪم ڪيو هو ۽ جڏهن طارق عالم اها خبر ٻڌي هئي ته سندس جسم کان رهيو کُهيو ست به موڪلائڻ لڳو هو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هو اسان جي هٿن مان هليو ويو هو ۽ سڄي سنڌ ڪارو پهراڻ پائي ”هاءِ هاءِ“ ڪندي رهجي وئي هئي. طارق کانپوءِ اڄ به سنڌ جا شاعر، اديب ۽ فنڪار بيماريءَ جي بستري تي پيل آهن ۽ سرڪار ڏانهن واجهائي رهيا آهن پر ان پنهنجي انداز حڪمرانيءَ ۾ پئسي جيتري به لچڪ آڻڻ ضروري نه سمجهي آهي. اهڙي وايومنڊل ۾ اوچتو ”مولا تي ننگ“ رکي هلندڙ اسان جو تمام وڏو شاعر، اديب ۽ صحافي شمشير الحيدري ڪينسر جهڙو موذي مرض پرائي اچي بيماريءَ جي بستري تي ڪريو آهي. هي شخص، جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو ادارو آهي ۽ جنهن کي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي ڪا به خواهش نه آهي، سو ان حالت ۾ به ايترو ئي بهادر ۽ ارڏو آهي، جڏهن سندس اکين جي روشني مڪمل طور تي کائنس موڪلائي چڪي آهي ۽ هو چئي رهيو آهي ته، ”سڄي عمر لکيوسين، پڙهيوسين، هاڻي جي هن مرحلي تي نظر موڪلايو ته ڇا ٿي پيو.“ شمشير الحيدري ۽ سندس اکين جي نور کي سنڌ جي بقا ۽ روشني سمجهندي سنڌ واسيو، اچو ته گڏجي پنهنجي پنهنجي حصي جو پيار هن جي جهوليءَ ۾ وجهون. وٽس پهچي نه سگهون ته ساڻس فون تي رابطو ڪري کيس نه صرف اڪيلائيءَ جي عذاب ۾ رهڻ نه ڏيون، پر پاڻ مرادو نڪري، ايترو ڪجهه ڪٺو ڪري سندس هٿن ۾ ڏيون، جيئن هُن جي حياتي وري زندگيءَ جي شاهراهه تي ساڳيو ئي ”مولا تي ننگ“ رکي ڊوڙندي نظر اچي ۽ نيڻن جو نور به ساڳئي آب تاب سان، بنا ڪنهن سرڪاري سهڪار جي کيس واپس ملي وڃي. اميد ته سنڌ جا سپوت بنا وقت وڃائڻ جي منهنجو اهو سڏ ضرور ورنائيندا.
جواب: اچو ته پنهنجي پنهنجي حصي جو پيار هن جي جهوليءَ ۾ وجهون
شمشير واقعي شمشير آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هو خود دار شخص آهي جيڪو ڪڏهن به حڪومت کي پنهنجي لاء مالي مدد جو نه چيو اٿس ۽ نه وري اهڙي خواهش اٿس۔ سدائين پنهنجي محنت سان ڪمايو اٿس ۽ پنهنجي زندگي سنڌي ادب کي ارپي ڇڏي اٿس۔
هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
چئبس ته بابا ڊاڪٽر کي گهرائي وٺجي يا وري اوهانکي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃجي ته چوندو ته ڊاڪٽر ويچارو اڻڄاڻ هروڀرو ٽيسٽ ڪرائيندو ۽ ٻه ٽي ڏينهن چڪر هڻائيندو ڪجهه دوائون آزمائيندو، تيستائين قدرتي طور جسم پاڻ ئي بيماريءَ سان وڙهي وڃي پار پوندو ۔۔۔ انڪري هروڀرو فڪر نه ڪريو ۔۔۔۔
بابا شمشير جون اکيون ڪي اڄ خراب نه ٿيون آهن ڪافي وقت کان خراب رهيون آهن پر ڪڏهن به ڪنهنکي پنهنجي نظر جي ڪمزوريءَ جو احساس به ڏياريو هوندائين ۔۔۔۔ لکڻ پڙهڻ سندس زندگي آهي، چئبس ته بابا اکيون خراب اٿوَ تڏهن به لک پڙه نٿا ڇڏيو ته چوندو ته اکين جو خئير آهي ڪم هلي پيو ۔۔۔
مطلب ته هن بهادر انسان حالتن سان مقابلو جوانمرديءَ سان ڪيو آهي ۔۔۔ هاڻ هي سهڻو ۽ سنڌ جو ڏاهو انسان جڏهن پوڙهو ٿي جسمي ڪمزوريءَ جو شڪار آهي پر تڏهن به سندس ڪنڌ ۾ لوڏ نه آئي آهي ،۔۔۔۔
دوستو! کيس دعا ڪريو ته هي انسان پنهنجي ضمير ۽ فڪر سان جيئرو رهي ۔۔۔ باقي موت ته هڪ دوست جو ٻي دوست سان ملڻ جي پل آهي ۔۔۔۔ جنهن تي سندس به ايمان آهي ۔۔۔
مون سائين شمشير جهڙا بي لوث ۽ بهادر خوددار انسان تمام گهٽ ڏٺا ۔۔۔۔
جواب: اچو ته پنهنجي پنهنجي حصي جو پيار هن جي جهوليءَ ۾ وجهون
سائين اسان جا سور به اسان ئي هٿان پيدا ڪيل آهن جنڏهن معاشري م عدل و انصاف ناهي رهندو ته انساني قدر جون تتندون ٽٽڻ لڳنديون اهن ۽ اسان معاشرتي جنهن دور کان گذرون پيا اهو عين اهو دور حآي جنهن م معاشرت ختم ٿيندي پئي وڃي ۔ اسان کي معاشري جي نئين سر بنياد رکڻي آهي رات ڏينهن پاڻ پتوڙڻو آهي ۔ هتي حقن جي ڳالھ گناھ آهي ۽ ان گناھ کي ڪرڻو پوندو ۔ وسلام ۔