سرائيڪي صوبو ضرور ٺهندو، سياستدان ۽ عوام متحد آهي: شهاب الدين

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    ڪراچي (انٽرويو: سميع گوهر) ٽئڪسٽائل واري وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين چيو آهي ته نواز شريف سرائيڪي صوبي جو نعرو هڻڻ بعد خاموش ٿي ويو، پر پ پ سرائيڪي صوبي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جيڪا ڏکڻ پنجاب جي عوام جي خواهش آهي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ عوام جي خواهشن جو احترام ڪري ٿي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي دٻاءُ تي عوام جي مطالبن کان منهن نه ٿي موڙي. ان ڪري ڏکڻ پنجاب جو عوام ۽ سياستدان متحد ٿي ويا آهن، ان ڪري سرائيڪي صوبو ٺاهڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن هڪ سوال تي چيو ته ڪراچي ۾ ٽئڪسٽائل سٽي جو پنهنجو بجلي گهر لڳايو پيو وڃي. جڏهن ته بجلي چوري روڪي وڃي ته بحران تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي دٻاءُ تي يورپي يونين پاڪستان جي 74 شين کي ترجيح ۾ شامل نه ڪري ڏيڍ ارب ڊالرن جو نقصان ڏنو، پر صورتحال هميشه ساڳئي نه رهندي آهي. هن چيو ته ڀارت ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ سان گڏ عالمي منڊين ۾ پهچ کي روڪڻ لاءِ به ڪوشش ڪري ٿو، پر اميد آهي ته صورتحال تبديل ٿي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو