سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن کي ٻين صوبن نيڪالي ڏئي سنڌ موڪلي ڇڏيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]ڪراچي (رپورٽ:مجاهد شاهه) 18-هين ترميم تحت صوبن حوالي ٿيل کاتن جي ملازمن وارو مسئلو حل نه ٿيو، سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ ملازمن کي ٻين صوبن نيڪالي ڏئي سنڌ موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جو ڊوميسائل رکندڙ ملازمن کي واپس موڪلڻ بجاءِ سنڌ سرڪار پاڻ وٽ ئي رکڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ان ڏس ۾ سياحت کاتي سنڌ پاران پنجاب بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کاتن جي ٽن ملازمن کي سنڌ ۾ ئي رکڻ جو فيصلو ڪندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، سياحت کاتي سنڌ جي اهڙي فيصلي سان نه رڳو سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن جي سينيارٽي تي اثر پوندو پر کاتي تي ٻين صوبن جي ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين الائونسز جو اضافي بار به سنڌ سرڪار کي برداشت ڪرڻو پوندو، سنڌ سرڪار جو سياحت کاتو هن وقت هڪ مختصر انتظامي ڍانچي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ گزيٽيڊ ۽ نان گزيٽيڊ ملازمن جو ڪل انگ 18 آهي جن ۾ هن وقت 3 ملازم پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جو ڊوميسائيل رکندڙ آهن، انهن ۾ گريڊ 16-هين ۾ انسپيڪٽر طور ڪم ڪندڙ محمد صغير جو تعلقي بلوچستان، اسسٽنٽ طور گريڊ 14-هين ۾ ڪم ڪندڙ محمد سرفراز راجا جو تعلق پنجاب ۽ گريڊ 5 ۾ ڊسپيج رائيڊر طور ڪم ڪندڙ عقيل زادا جو تعلق خيبرپختونخوا صوبي سان آهي جن کي سياحت کاتي سنڌ پاران 9 جون 2011ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري انهن کي سنڌ ۾ ئي ڪم ڪرڻ ۽ رهڻ جو چيو ويو آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري سياحت سنڌ دلاور منگي چيو ته ڊيوليشن پلان تحت جيتوڻيڪ کاتا سنڌ ڏي منتقل ٿيا آهن پر جيئن ته ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازم سالن کان سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ان ڪري انهن کي ڊسٽرب نه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊيواليشن پلان کانپوءِ اڃا تائين ته ڪوبه ملازم نه سنڌ ڏي آيو آهي نه ئي هتان ڪنهن کي موڪليو ويو آهي، جيڪڏهن هاڻي ڪوبه ملازم سنڌ ڏانهن موڪليو ويندو ته ان کي خالي پوسٽ نه هئڻ تي قبول نه ڪيو ويندو ڀلي ان جو ڊوميسائيل سنڌ جو ڇو نه هجي. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته سياحت کاتي بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ انسپيڪٽر محمد معراج کي سنڌ جو ڊوميسائيل هئڻ سبب سنڌ ڏانهن موڪليو ويو آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو