گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ غلام مرتضى وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2011۔

  1. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي انتظامي رڪنن ۽ ميمبر دوستن کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔

    جيئي سنڌ

    گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿي حاضري ڀري آهي، گهڻي مصروفيت هئي صبح جو 6 بجي کان رات جو ڏهين بجي تائين پنهنجي ڊيوٽي سبب سنڌ سلامت تي باقائده حاضري ڪونه ڀري پر پوء به گيسٽ طور فورم کي ڏسندو رهيو آهيان۔ دوستن کان ان لاء معافي۔

    ان وقت دوران سنڌ سلامت تمام ڀرپور ڪم ڪيو آهي هڪ ته ڪتابن جو سيڪشن جيڪو گهڻو ناياب آهي ۽ ٻيو سنڌ سلامت ٽيوب جنهن ۾ چونڊ موسيقي ملي وڃي ٿي۔ انکاسواء به سٺا مضمون ۽ شاعري ايندي رهي آهي۔

    پوء به جي ٿوري تنقيدي نظر وجهان ته دوست ناراض نه ٿين۔ موسيقي جو سيڪشن تمام اعلا آهي پر پوء به ڪجهه دوستن شايد خانه پوري لاء ڪجهه غير ضروري ۽ بيڪار قسم جون وڊيوز لڳايون آهن جيڪي نه هجڻ کپن۔ سنڌ سلامت جو هڪ معيار آهي، هڪ سوبر قسم جي سوچ جو فورم آهي جيڪو ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ سنڌين جي سڃاڻ آهي۔ تنهنڪري موسيقي جي معيار کي برقرار رکو۔

    شاعري جي سيڪشن ۾ به اڄڪلهه نه ته ڪا جاندار تنقيد ٿي ٿئي ، نه وري ڪا رهنمائي۔ سينير شاعر دوست غائب آهن۔ شاعرن کي به گهرجي ته معياري شاعري پيش ڪن نه ڪي خانه پوري ڪن۔ مضمونن ۾ ٽائيپنگ جون گهڻيون غلطيون پيون ٿين پر شايد ايڊيٽر صاحبان ننڊ ۾ آهن ۽ مضمون موڪليندڙ به پنهنجي مضمون کي ٻيهر نه ٿا پڙهن۔ ادا رشيد سمون کي گهرجي ته دوستن کي اضافي ذميواريون ڏئي فورم کي متحرڪ رکن۔

    پوء به مجموعي طور اوهان جون محنتون ۽ ڪاوشون قابل قدر آهن ۽ هيڏي مصروفيتن هوندي سنڌ سلامت کي انٽرنيٽ تي مقبول پيا ڪيو، جنهن لاء اوهان کي واڌايون هجن۔[/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    ڀلي آئين ڀلا پرين، توکي ائين نه مناسب هوءِ

    ڪيترن ڏينهن کانپوءِ مصروفيت مان ڪجه وقت ڪڍي آئين، اسانجي اکين تي آئين ۔۔۔ منهنجا دوست اوهانجو ڳالهيون ۽ ڪجه صلاحون پڻ اکين تي ۔۔۔ اميد ته اوهانجي ڳالهين تي اسانجا سهڻا ايڊيٽر ۽ اسين پڻ ان ڳالهه جو خيال ڪنداسون ته ڪو لفظ لکڻين ۾ غلط هجي ته درست ڪري ڇڏجي ۔۔۔ ڪجهه ڪوشش ڪندا به آهيون ۔۔۔ پر ادو مست ۽ سائين رحيم بخش ۽ سائين فقير ڪجهه مصروف پڻ آهن ۔۔۔ پر پوءِ به متان ائين سمجهو ته اسين بلڪل لکڻيون چيڪ نٿا ڪريون ۔۔۔

    اوهان جيئن ته دوستن کي گذارش ڪئي آهي ته هو پنهنجو ليک لکڻ کانپوءِ هڪ دفعو پنهنجي نظر مان ڪڍي غلطيون درست ڪن ته وڌيڪ سٺو ۔۔۔ آءُ پڻ دوستن کي ساڳي گذارش ڪندس ۔۔۔

    رهيو وڊيوز جو ته ان ۾ پسند پنهنجي پنهنجي ممڪن ڪي وڊيوز اوهانکي پسند نه هجن پر ٻين دوستن کي پسند هجن ۔۔۔ انڪري آزادي آهي ته هر دوست پنهنجي پسند پيش ڪري يا ونڊ ڪري سگهي ۔۔۔۔

    اوهانجون قيمتي صلاحون اسانجي رهنمائي ڪن ٿيون

    لک ٿورا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔ اميد ته هاڻ تڪڙو ڀيرو ڀڃندا

    قرب
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    لک ٿورا اوهان دير سان ئي سهي پر پير ته ڀريا ۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪڙا ته اهڙا به آهن جيڪي گم آهن

    اوهان جون سڀ ڳالهيون سون جهڙيون، اوهان حوصلا افزائي ڪئي ان لاء به قرب اوهان تنقيد به ڪئي ان لاء به احسان۔ اوهان جهڙن دوستن جي ئي رهنمائي سان ۽ ساٿ سان اڳتي وڌڻو آهي۔ گهڻي ڪوشش ڪندا آهيون ته دوستن جي مضمونن ۾ غلطين جي درستگي ڪيون پوء به ليکن جو تعداد گهڻو آهي۔ واقعي دوستن کي مضمون موڪلڻ کانپوء هڪ دفعو پڙهڻ گهرجي ۽ ان ۾ ضرورت هجي ته درستگي ڪري موڪلين۔ ايڊيٽر حضرات ننڊ ۾ ناهن پر مصروف آهن ۔۔۔ انهن جون به مجبوريون آهن پر دوستن کي وقت ڏيڻ کپي۔۔۔ اوهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته سنڌ سلامت هاڻي عالمي ليول جو فورم بڻجي ويو آهي۔

    وڊيوز ۾ اوهان کي جيڪا ڪمي بيشي نظر آئي ته ان جو به ضرور ٻڌايو بلڪه انهن جي لنڪ ڏيو جيئن نظر مان ڪڍون ۔۔۔۔۔۔ باقي پسند پنهنجي پنهنجي هوندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    [JUSTIFY]سڀ کان پهريان ته اوهان کي ڀلي ڪار جو دير آيد درست آيد وري به اوهان ديدار ته ڪرايو۔اها حقيقت آهي ته ايترا ليک سڀ پڙهي وري درست ڪرڻ هڪ وڏو مرحلو آهي پوء به ڪن دوستن جي تحرير کي نظر مان ڪڍندي ڪا اهم غلطي نظر ايندي آهي ته ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي باقي هلڪي ڦلڪي غلطي کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي جو ان جو مقصد چڱي طرح سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو وري به ڪوشش ڪبي ته تحريرن کي درست ڪيو وڃي اوهان جي صلاح اها به بهتر آهي ته جيڪو دوست تحرير موڪلي اهو ڪم از ڪم پنهنجي تحرير کي ٻه ٽي دفعا پڙهندو ته غلطيون نه هجڻ برابر رهجي وينديون۔ڇو ته پنهنجي تحرير جو مواد ذهن ۾ هوندو آهي ان کي درست ڪرڻ به آسان آهي[/JUSTIFY]۔
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    اوهان کي ڀلي ڪار
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    واليڪم السلام ادا سائين



    توهان جي اها وڏا وڙ چئبا


    ادا سائين تنقيد برا۽ اصلاح هوندي آهي انهي ۾ ناراضگي جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي

    باقي رهي ڳالهه بيڪار قسم جي ويڊيوز جي ته محترم دوست سنڌ سلامت فورم تي هاڻي ڪافي ٽريفڪ آهي سائين نثار ابڙي صاحب

    چواڻي ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي توهان ڪنهن به رڪن کي ڪو خاص قسم جا گيت ٻڌڻ تي زور

    نه ٿا ڪري سگهو هر ڪنهن جي مرضي آهي ته ڪير ڪهڙو ٿو گيت اپ لوڊ ڪري ها پر صرف هڪ ڳالهه جو خيال ڪيو وڃي ته گيت هجي صرف سنڌي يا سرائيڪي زبان ۾ ڳايل هجي باقي رهي ڳالهه فورم جي معيار جي ته اهو هر ڪو ميمبر سوچي ٿو




    بلڪل ادا سينيئر دوست بلڪل غائب آهن انهن کي به ڪا مجبور هوندي جيئن توهان مصروف آهيو اهڙي نموني جي

    باقي جيڪڏهن ننڍا شاعر ڪوشش ڪن پيا ته اسان کي گهرجي ته انهن جو حوصلو وڌايون نه ڪي انهن جو حوصلو پست ڪريون

    ڪوشش سان ئي هر شي ٿيندي آهي ڪوشش ڪندا ته اهي ننڍا شاعر دوست ئي جاندار شاعري پيش ڪري سگهن ٿا

    محترم سائين ڪوشش اها هوندي آهي ته هر ٿريڊ کي پڙهون انهي مان غلطيون درست ڪريون سائين رحيم بخش صاحب چواڻي ته

    ننڍڙين غلطين کي ڇڏي ڪري باقي انهن کي درست ڪيو ويندو آهي انهن ٿريڊن کي پڙهيو ويو آهي

    باقي توهان جي ننڊ واري ڳالهه عجيب لڳي

    ۔

    بلڪل ادا مان توهان سان متفق آهيان

    ۔

    توهان جي ڳالهه تي سوچيو ويندو



    وڏي مهرباني ادا پر انهي ڪوشش ۾ توهان به ته اسان جو ساٿ ڏيو نه ادا توهان پاڻ ته ڇهن مهينن کان پو۽ ٿا ظاهر ٿيو صرف صلاحون

    ڏيڻ لا۽ هٿ به ته وڊايو نه سائين


    محترم دوست فورم جي ڀلي خاطر توهان جي اهڙين صلاحن جو انتظار ڪيو رهندو

    توهان جون صلاحون ئي اسان لا۽ مشعل راه آهن


    سدائين گڏ
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    ڇڏ يار، مهينن کانپوء اچي وري ائين غائب ٿي ٿو وڃين جو ڳولڻ مشڪل ٿيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته توهان کان وڌيڪ مصروف ته ادو سليمان آهي پر پوء به پنهجون ذميواريون خوب نڀائي رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته ڀيرو ڀريندوڪر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اها ڳالهه تمام اهم ڪئي اٿو ته وڍيو اهڙا رکيا وڃن جيڪي امر هجن، شاعري اهڙي وند ڪئي وڃي جيڪا دل کي سڪون پهچائي، هر شئي ۾ انفاراديت هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    انتظاميه کي منهنجي به اها گزارش آهي ته ان ڳالهه تي توجهه ڏئي

    واپس اچڻ تي خوش آمديد پر اهو به ٻڌاء وري ڪڏهن ايندين

    [/b]
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي واپسي

    سائين اوهان جون شڪايتون بجا آهن، معيار جو خيال رکندي دوستن کي وڊيو ۽ ٻيو مواد ونڊ ڪندي خيال رکڻ گهرجي۔۔
    باقي دوستن جي تحريرن مان لفظن جي چڪاس جو ڪم اهو دوستن جي پاڻ جي مٿان منحصر آهي، پر جيڪو ان لفظي غلطي کي ڏسي وٺي ٿو ته ان کي گهرجي ته اهو هيٺ پوسٽ ۾ ان دوست کي واقف ڪري ڇڏي ته جيئن اهو لکندڙ دوست پاڻ ئي ترميم ڪري سگهي۔۔۔
    ان کان علاوه ايڊيٽر حضرات وقت به وقت سنڌ سلامت تي پنهنجي ذميوارين سان گڏ موجود رهن ٿا۔۔ ۽ جنهن ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي اهو عمل سرانجام ڏنو وڃي ٿو باقي جيڪڏهن ڪو ايڊيٽر دوست يا وري ڪو ميمبر فورم تان ڪجهه ڏينهن غائب رهي ته ان جي پٺيان ضرور ڪجهه مجبوريون هونديون آهن جيئن اوهان ڪيترائي ڏينهن سنڌ سلامت تي روزگار جي سلسلي ۾ مصروف هجڻ جي ڪري نه اچي سگهيا ۔ مان پنهنجو مثال ڏيان ته مان انٽرنيٽ توڙي هن فورم تي ڪيترن ئي ڏينهن کان بعد آيو آهيان۔۔۔ يقيني طور تي ان پٺيان اهي مجبوريون آهن۔۔۔اهڙي طرح مون جهڙا دوست وري روزگار تلاش ڪرڻ يا متبادل ذريعن جي وسيلي زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ ۾ ٿورو گهڻو مصروف هجن ٿا ان صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن فورم تي وقت ڏيڻ ٿوري ڏينهن لاءِ مشڪل ٿي پوي ٿو پر وري به اسان جي هي پياري فورم اسان کي هر وقت ساهه ۾ موجود آهي ۽ هن جي اپڊيٽس کان واقف رهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔۔
    توهان جهڙن پياري دوستن جي اصلاحي تنقيد سنڌ سلامت جي لاءِ سٺو سنوڻ آهي۔۔۔ ڇو ته ڪمي اهو محسوس ڪندو آهي جيڪو هر شئي تي غور ڪندڙ هجي۔۔ اسان کي اهڙن ميمبرن تي فخر آهي۔۔۔۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو