• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درد

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
”درد“​

پيارا ساٿيو!موضوعاتي شاعريء ۾ هڪ وڌيڪ عنوان تي موضوع پيش ڪريان پيو۔
اميد ته وڌ کان وڌ حصو وٺندئو ۽ پسند ڪندئو۔
هن موضوع ۾ شاعريء جو عنوان آهي ”درد“ اوهان ”درد“ بابت پنهنجي شاعري ۽ سنڌي ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن وغيره کان چونڊ شاعري موڪلي سگهو ٿا۔
شرط هيء آهي ته شاعري سنڌيء ۾ هجي ۽ ٿي سگهي ته شعر جي هيٺان شاعر جو نالو لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪجو۔

سنڌ سلامت----ساٿ سلامت
 
درد بڻجي دل ۾ رهندو نه ڪر
لڙڪ بڻجي اکين مان وهندو نه ڪر
جي حقيقت ۾ ملڻ نٿو چاهين دلبر
ته خوابن ۾ به ايندو نه ڪر۔
 
دردن جي دانهن.
پنهنجي دردن جي دانهن مون ڏني دلبر کي وڏي دردن سان،
هِن درد ڀري داستان ٻڌي مونکي پاتو ڀاڪر دردن سان،
مونکي ڪجهه به نه مليو سواءِ دردن واري ڀاڪر کان،
قمبراڻي ڪئي هاڻي توبه، درد ڏيڻ کان ۽ درد وٺڻ کان.
 

ادا مگسي درد، درد رڳو درد ئي درد لکيو اٿم شل قبول پوي. آمين
 
درد نه اٿئي دل ۾، ته سڪڻ ڪر مَ ســـــــــڌ،
پئــــي پريـــان جي نه ٿئيــــن، اڱـــــــڻ مٿـــي اڌ،
ايءَ تان ڪوڙيءَ سڌ، جئن کليو کايو سمهين.
شاه ڀٽائي

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top