نيٺ گُونگِي ڳالِهايو ۔۔۔۔۔۔ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي چوهاڻ کيبرائي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2011۔

  1. علي چوهاڻ کيبرائي

    علي چوهاڻ کيبرائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪهاڻي

    نيٺ گوُنگِيءَ ڳالِهايو​

    تحرير:علي چوهاڻ کيبرائي​
    [JUSTIFY]آئون ۽ عديل هميشه جيان مورِيءَ تي ويٺا هئاسين. جنهن جي رستي تي ٻنهي پاسي گھاٽا وڻ محبوبَ جي پهرين ڀاڪُر جيان ٻکيل هوندا هئا. ۽ پنن مان ڇڻندڙ هَوا ماءُ جي مِٺڙي لوريءَ جيان هانءُ کي پئي ٺاريندي هُئي. پَرَ اڄُ اُنهن وڻن جو نظرنهار تائين ڪوناءُ نِشانُ نه هُيو.حدِنظر تائين پوٺو ئي پوٺو هو،بلڪُل سنڌُ جي ٻِيلن جيان جِن جا وڻ به ويا ته ڌڻ به ويا،زمينَ تي به صُفيد پوش ڌاڙيلن اچي ديرا ڄمايا، ۽ مقامي ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو.
    عديل:ڀُڻڪيو
    ”يار..!! ڪهڙي سوچ ۾ ٻُڏي وئين؟؟
    چيم..”يار..! چرٻٽ راجا انڌير نگري آ... نه عدُل آ نه عدليه هِن ديسَ کي الائي ڪنهن جي نظرلڳي وئي آ. جو سنڌ جي هرقيمتي شئي ناياب ٿيندي وڃي..
    اوچتو عديل چيو:” ڇڏ يار..... هِنن ڳالهين کي.
    ها ٻُڌاءِ ..... شاديءَ کان پوءِ وقت ڪيئن پيو گُذري..؟
    کيس مُرڪي چيم ” تمام سُٺو“
    عديل: ”يار تون خوش نصيب آهين “
    مون عديلَ ڏي ڏٺو جو اُداسِ ٿي ويو.
    هونءَ به شاديءَ کان پوءِ نڪاح ۾ اُداسي ملندي آهي.
    مون عديلَ کي وڌيڪ اُداس ڪرڻ ڪونه چاهيو ۽ خاموش ٿي ويس
    عيلَ وري لفظَ ورجايا ” يار... توکي ڀڄائي ٿورڳالهائو،۽ نرم مزاج ملي آهي.
    يار.. گوُنگي ته ناهي..!!
    کيس چيم” يار گوُنگي ناهي بس... ڳوٺ جون مايون کيس گونگي سمجھن ٿيون
    وقت ڪافي گذري چُڪو هو ۽ آسمان تارن جي اجرڪ اوڍي ورتي هُئي اسان گھر جو رُخ ڪيو.
    مون گھر ۾ داخل ٿيندي ئي چارجر مان موبائيل ڪڍيو ڀر ۾ بيٺل منهنجي زال نڪ مان ڳالهائيندي چيو
    ڪنهنجي مِس ڪال آئي هُئي
    مون کيس پيار مان ڳل تي هلڪي ٿپڪڙي هڻندي چيو
    پڪَ ڪو ڪنجوس پرائمري ماستر هوندو.
    هوءَ کلي پئي ۽ منهنجي پيٽ ۾ اشهد آڱر جو گُدو هڻندي چيائين
    پيشي ڀائين کي به معاف ڪو نه ٿو ڪرين
    کيس چيم..... سچُ ته چوان ٿو
    هِڪ اسان جو پگھار پورو پُنو ٻيو وري افعال بُڇڙا. نه ڇڏيون مين پُڙي نه گھُٽڪو.
    وري مٿان جي ڪنهن ڇوڪريءَ ايزيلوڊ گھريو ته حاتم طائي ٿي پونداسين پوءِ ڀل پوئن تاريخن ۾ ماءُ پيءُ تڙپي تڙپي مري وڃن.
    پر تون ته ائين ڪونه آهين....!
    کيس چيم.! تون ڪونه ٿي ڏسين ڇا .. آئون امان جي ڪيتري خدمت ڪندو آهيان.
    امان جون ته دُعائون آهن تڏهن ته سڄي خاندان مان نوڪري مونکي ملي آهي ۽ توجھڙي سٻا جھڙي، سُندر پياري پياري زال ملي اٿم.
    هلُ ڙي......... خوش آمد ٿو ڪرين ...... لالچي..
    نه چري ...... مان سچُ ٿو چوان
    تڏهن چيائين..... جنهن ماءُ کي راضي رکيو تنهن کي جنت گھرڻ جي ضرورت ناهي.
    اسين کٽ تي ليٽي پياسين. مون موبائل پاسي تي رکي کيس ٻانهن ڏنم. هوءَ اڪثر منهنجي ٻانهن تي سُمهندي آهي ۽ مون پنهنجون آڱريون سندس وارن ۾ ڦيرايون پئي ۽ هوءَ منهنجي گنجيءَ جو ڌاڳو وٽي رهي هُئي.
    ڪُجھ دير کان پوءِ اوچتو موبائيل جي رنگ وڳي مون موبائيل کنيو ۽ آن ڪيو
    تڏهن مونکي چيائين جان ڦُل آواز ڪر ته آئون به ڪال ٻُڌان. مون بنا سوچي سمجھي فرمان برداريءَ جو مظاهرو ڪيو.
    سامون آواز ڪنهن ڇوڪريءَ جو هو.... ڪُجھ غلطيءَ جو احساس ٿيم پر زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن ڇوڪريءَ ڳالهايو هو تڏهن منهنجي به اندر مان ڪِتِڪتايون ٿيڻ لڳيون.
    پُڇيم............ ڪير!!
    چيائين.......... سُڃاڻين ٿو وري پُڇين ٿو!
    کيس چيم....... مون توهان کي ڪو نه سُڃاتو آ توهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻو آ؟
    چيائين... تو سان
    کيس چيم...... پرتون آهين ڪير.....!!!
    چيائين ...... روز اِسڪول مان موڪل ملندي اٿم ته واڇون ٽيڙي ڏسين ٿو. باقي اڄ ............................... هُن جُملو ڪٽي ڇڏيو.
    تڏهن منهنجي ذهن ۾ ڌڪُ لڳو ۽ اُن ماسترياڻيءَ جي تصوير ذهن ۾ ڦرڻ لڳي جنهن ڏي آئون اڪثر پنهنجي بيسُري انداز سان ڏسندو هُئس. ۽ اُن جو داستان عديل کي فخر سان ٻُڌائيندو هُئس.
    تڏهن کانئس پُڇيم ” توهان کي منهنجو نمبر ڪنهن ڏنو آهي“
    تڏهن چيائين” جيئي........... آپا وڏي “
    دل ۾ چيم ” هي آپائون هر ڪنهن جي ڀلي ۾ خوش آهن“
    مون ڏٺو ته منهنجي گھرواري آهستي آهستي منهنجي ٻانهن تان هٽڻ لڳي
    مون ڪال جاري رکندي کيس چيم ڪهڙو ڪم آهي.
    چيائين: ” گھر ۾ اڪيلي آهيان هليو آءُ“
    بس....! اُن جو ائين چوڻ ۽ منهنجي گھرواري چُرپُر ۾ اچي وئي اوچيو جھٽ ڏئي مونکان موبائيل ڦري اُٿي بيهي رهي اول ته زخمي شينهَڻِ وانگر مون ڏي ڏٺائين پوءِ ڦڙتيءَ سان موبائيل ڪن تي رکين.
    مون ڏٺو ته گوُنگي زبان ۾ پوري طاقت اچي وئي .
    باهه جا شعلا لفظن جي روپ ۾ ڀڙڪڻ لڳا اهڙيون ته صاف سنڌي گاريون ڏنائينس جو گھرجا سڀ ڀاتي منهن تان رلي کڻي مون جيان حيرت مان ڏسڻ لڳا ته
    ” نيٺ گُونگِيءَ به ڳالهائي وڌو“[/JUSTIFY]



     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نيٺ گُونگِي ڳالِهايو ۔۔۔۔۔۔ڪهاڻي

    اادا علي چوهاڻ ۔۔۔ اصل کلي کلي گوڏن ۾ سور پئجي ويو ۔۔۔ هل ڙي موبائيل فون، عاشقن جا ترا ئي نڪري ويا ۔۔۔ آپ بيتي آهي يا افسانو پر آهي مزيدار ۔۔۔

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نيٺ گُونگِي ڳالِهايو ۔۔۔۔۔۔ڪهاڻي

    چوهاڻ صاحب ۔۔۔سٺي ڪهاڻي

    عورت کان ڪڏهن به اهو برداشت ڪونه ٿيندو آهي ته ڪو سندس ور کي پنهنجو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هتي ته صاف آواز ۾ ٻڌي گونگِي به ضرور ڳالهائيندي۔۔۔

    سٺي ڪهاڻي جنهن م مزاح سان گڏ نصيحت ۽ سبق به سمايل آهي ۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو