جواب: اونهي م اوهري جڏهن ويا جي تمام سهني ۽ وڻندڙ عڪاسي اوهان ماشاء الله لطيف سائين جي بيتن کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهيو
جواب: اونهي م اوهري جڏهن ويا جي لطيف سرڪار جي هن بيت ۾ تمام وڏي روحاني معني لڪل آهي ۔۔۔ اونهي سمنڊ ۾ جيڪي پنهنجيون ٻيڙيون ڪاهي ويا، سي ناکئا وري موٽي نه آيا ۽ سندن مٿان سمنڊ جي تکي لهر چڙهي وئي آهي ۔۔۔ مطلب اهي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا ۔۔۔ روحاني طور ته جڏهن انسان هن فاني دنيا کان منهن موڙي پنهنجو پاڻ کي اونهي سمنڊ معني پڪي پختي ايمان سان سنواري ڇڏين ٿا سي وري موٽي هن دنيا جا نٿا ٿين بلڪ انهن تي ايمان جو رنگ پختو چڙهي وڃي ٿو ۔۔۔ ڪاش اسين به اونهي ايمان واري منزل تي رسائي حاصل ڪري پاڻکي ايمان جي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيون ۔۔۔ الله ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔ لک ٿورا دوست شبير ڪيريا صاحب ۔۔۔ جو لطيف سرڪار جي پيغام کي سهڻي چترڪاريءَ سان رنڱي پيش ڪري، اسان ڀٽڪيل روحن کي دڳ لايو ٿا ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا
جواب: اونهي م اوهري جڏهن ويا جي مٺڙا سائين! ڏاڍي خوبصورت ڊيزائين ۾ پياري ڳاله ونڊي ويئي آهي۔ هميشه خوش هجو۔