
گوگل طرفان پنهنجي گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ لانچ ڪرڻ کان پوءِ فيس بوڪ وارن جون متيون منجهي پيون آهن ۽ هاڻي پنهنجي نيٽ ورڪ ۾ تڪڙيون تبديليون آڻڻ لاءِ مختلف ڪمپنين سان معاهده ڪرڻ لڳا آهن۔۔۔ جيئن ڪجهه وقت اڳ ئي فيس بوڪ وارن مشهور وائيس ۽ وڊيو ڪال جي سهولت ڏيندڙ اسڪائيپ ڪمپني سان معاهدو ڪيو هو جنهن کي تڪڙو اڪلائيندي هاڻي پنهنجي يوزرس لاءِ گوگل پلس وانگر وڊيو ڪال جو آپشن رليز ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔ اهو سڀ ڪجهه آسان ڪرڻ لاءِ سندن مدد اسڪائيپ وارن ڪئي آهي ۔۔۔
جيڪڏهن توهان به فيس بوڪ تي رهي ڪري دوستن سان وڊيو ڪال ڪرڻ چاهيندا هجو ته ۔۔۔
سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري فيس بوڪ وڊيو ڪال جي پنو کوليو۔۔

جتان Get Started لفظن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان کي فيس بوڪ طرفان پلگ ان انسٽال ڪرڻ لاءِ دعوت ڏيندڙ ونڊو کُلندي۔۔۔



ان کانسواءِ توهان پنهنجي دوست جنهن توهان کي لسٽ ۾ شامل نه رکيو هجي پر سمجهو ته آن لائين آهي ان جي پروفائيل صفحي تي اچي پڻ ڪال ڪري سگهو ٿا۔۔۔

وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔
ته پوءِ دير ڪهڙي هتي ڪلڪ هاڻي ئي پاڻ به مزو وٺو ۽ دوستن کي به ٻڌايو۔۔۔