• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرمد سنڌيء جي 50 هين سالگرهه (تنهنجي ياد جي وري آ وير)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
262300_2212622953308_1179567033_32767303_4270051_n.jpg


اڄ فن جي دنيا جي ان عظيم شخصيت جو 50 هون جنم ڏينهن آهي جنهن تمام ٿوري عرصي ۾ سنڌي موسيقي جي انتها تي پهچي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو.

سميع بلوچ جو ڪلام تنهنجي ياد جي وري آ وير ڳائي سنڌي موسيقيء ۾ پير پائيندڙ نوجوان عبدالرحمان مغل هو جيڪو پوء سنڌ ۾ سرمد سنڌيء جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌي موسيقي ۽ نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪيائين.

رحمان مغل 7 جولاء 1961 ۾ خيرپور ضلعي جي ننڍڙي شهر پريالو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاء اسڪول تائين تعليم پريالو مان ئي حاصل ڪيائين ۽ پوء سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ڪيائين ۽ ڪراچيء ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيء ۾ ملازم ٿيو

سندس مقبوليت سندس ڪلام تنهنجي ياد جي وري آ وير کان شروع ٿي ۽ پوء سرمد سنڌي موسيقيء ۾ هڪ درياء مثل ٿي ويو. سندس مقبوليت تمام گهڻو وڌي وئي. سندس اها خوبي هئي جو ڪاپي ڪيل ڌنن بجاء پنهنجون يا ٻين کان ڌنون ڪمپوز ڪرائي ڳائيندو هو. هن سنڌ جي سڀني شاعرن کي ڳايو جن ۾ لطيف سرڪار ، سچل سائين ، شيخ اياز ، زاهد شيخ ، استاد بخاري وغيره. سندس آواز ۾ هڪ سوز هو ، هڪ مڌرتا هئي جنهن کي وسارڻ ڪو سولو ڪم ناهي

پاڻ 35 سالن جي ڦوه جواني ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ جيڪو 27 ڊسمبر 1996ع تي بدين کان ٺٽي ويندي پيش آيو زخمي ٿي پيو ۽ 28 ڊسمبر جو ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ پنهنجن پرستارن کي روئيندو ڇڏي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. پر سندس آواز اسان جي دلين تي اڃان به پيو راڄ ڪري.




 
جواب: سرمد سنڌيء جي 50 هين سالگرهه (تنهنجي ياد جي وري آ وير)

سندس جي ياد سان ٿڌڙي هير به لڳي ٿي ته دل ۾ جدائيءَ جو گهاءُ به گهرو ٿئي ٿو ... سندس ياد سان سهڻو چهرو ۽ سڀاءُ اکين ۾ تري اچي ٿو ته وري وڇڙي وڃڻ تي اکين ۾ ڳوڙها به تري اچنٿا ... سندس ياد سان سنڌ جا گيت گونجڻ لڳن ٿا ته وري سندس وڇوڙي جو ورلاپ به ماري ٿو ... سنڌ ۽ سنڌيت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي ... پيارو ماڻهون ... سلڇحڻو سڀاءُ ۔۔۔

رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ... آمين
 
جواب: سرمد سنڌيء جي 50 هين سالگرهه (تنهنجي ياد جي وري آ وير)

محترم سليمان وساڻ صاحب
تمام بهترين ۽ سرمد جو مختصر لفظن ۾ تعارف ڪرائڻ جي مهرباني

جڏهن سرمد سنڌي سنڌ کان جُدا ٿيو تڏهن منهنجي عمر ست سال هئي جڏهن منهنجي عمر پندرھن سال ٿئي...۽ اڇي ڪاري جي سڃاڻپ ڪرڻ لڳس تڏهن کان مان هر روز سرمد جا ڳايل ڱيت ٻُڌندو ايندو آھيان
سندس جي آوزا ۾ مٺاس ۽ تمام بهترين سُر آھي...ڪاش هو اسان جي وچ ۾ هجي هان

حاضر آھي جُنيد ميمڻ جي تخليق۔۔جنهن کي مون تصوير جي شڪل ڏني آھي۔
261405_198799043505037_100001248279284_560106_1365827_n.jpg
 
جواب: سرمد سنڌيء جي 50 هين سالگرهه (تنهنجي ياد جي وري آ وير)

سندس جي ياد سان ٿڌڙي هير به لڳي ٿي ته دل ۾ جدائيءَ جو گهاءُ به گهرو ٿئي ٿو ... سندس ياد سان سهڻو چهرو ۽ سڀاءُ اکين ۾ تري اچي ٿو ته وري وڇڙي وڃڻ تي اکين ۾ ڳوڙها به تري اچنٿا ... سندس ياد سان سنڌ جا گيت گونجڻ لڳن ٿا ته وري سندس وڇوڙي جو ورلاپ به ماري ٿو ... سنڌ ۽ سنڌيت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي ... پيارو ماڻهون ... سلڇحڻو سڀاءُ ۔۔۔

رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ... آمين

سرمد کي سامهون پروگرامن ته گهڻو ٻڌوسين ۽ ڏٺوسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مونکي خبر آهي ته سرمد سائين نثار ابڙو جو ڪيڏو گهاٽو ۽ دل وارو يار هو۔ جيڪو موٽر سائيڪل تي پويان ويهي نثار جي ڪنن ۾ جهونگاريندو رهندو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڏاڍو ساريندي تون
منهنجي مئي کانپوء
 
Back
Top