لئبرريون، علم جا مرڪز ۽ انهن جي تباهه حالي!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪانگل خط کڻي وڃ
    لئبرريون، علم جا مرڪز ۽ انهن جي تباهه حالي!
    حفيظ ڪنڀر

    [JUSTIFY]ريما! توکي ڪهڙو ويهي سنڌ ۾ لئبررين جو الميو ٻڌايان؟ لئبررين جي ننڌڻڪائي ته تاريخ ۾ پراڻي آهي. جنهن حاڪم، لٽيري، ڦورو ملڪ فتح ڪري ورتو، انهيءَ پهرين تيلي ته مفتوح ملڪ جي لئبريرن کي ڏني، پوءِ اهو ٺٽو هجي يا عراق جو بغداد. تاريخ ۾ اڪثر حاڪم ته ڪتاب دشمن رهيا آهن. ها! سڪندر ۽ اڪبر انهن مان ڪو نه هئا. سڪندر ته ڪتاب دوست بادشاهه هو، پوءِ هي عباسي حڪمران آيا، اهي به ڪتابن جا شوقين. ائين اڪبر بادشاهه خود اڻ پڙهيو، پر علم جو شوقين، معنيٰ ته جاهل نه ٿيو.

    سنڌ ۾ هن وقت به ڪيترن ئي اهلِ علم ماڻهن جون لئبرريون سندن علم دشمن اولاد جي ور چڙهيل آهن ۽ ڪيترين ئي لئبررين جي مقدر جي خبر ناهي ته اهي ڪيڏانهن وينديون. جيڪي سرڪاري لئبرريون آهن، اهي ايترين سوڙهين ايرياز تي ٺهيل آهن، جو پرائيوٽ لئبرريون ڪتاب Donate ڪن ته به جاءِ ناهي. لئبررين جون دنيا ۾ برانچون هونديون آهن، هتي اهو تصور ناهي. بوڪ ريڊنگ وڌائڻ لاءِ لئبرريون ڪوشش ڪنديون آهن. موبائيل لئبرريون هونديون، هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ڪتاب ڏينديون وٺنديون رهنديون آهن، پر هتي لئبرريون ڏينهن به ڏينهن اونداهين جي ور چڙهنديون وڃن. مون کي هڪ لئبرري (ڪاليج جي) گهمڻ جو موقعو مليو ته معلوم ٿيو ته ضياءَ دور ۾ هن لئبرري کي پاڪ ڪيو ويو هو. مون پڇيو ته اهو ڪيئن؟ مون کي ٻڌايو ويو ته هن لئبرري ۾ ضياءَ جي دور ۾ جيڪو لئبريرين آيو هو، ان تي اچانڪ اهو انڪشاف ٿيو ته لئبرري ۾ ته هندو ليکڪن جا ڪتاب پيا آهن. هن صاحب ڇا ڪيو، جو آهستي آهستي انهيءَ ”ڪفر“ کان لئبرري کي پاڪ ڪرڻ شروع ڪيو. ڪي ڪتاب ردي ۾ ويا، ڪي گٽرن ۾ ويا. ائين لئبريرين صاحب ساڳي لئبرري ۾ باقي نوڪري ڪئي. آرام سان رٽائر ٿيو، کلندو ڪڏندو گهر هليو ويو. اوهان سرڪاري لئبررين ۾ ويندئو ته اوهان کي اتي عجيب غريب ماحول ملندو. اوهان کي مشڪل سان ئي ڪو ڪتاب دوست لئبريرين ملندو، ريفرنس لئبررين ۾ ته نوڪري ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي. ٽي چار ڪلاڪ ڊيوٽي جا آهن، جيڪي ضايع آرام سان ڪري اوهان گهر وڃي ويهي رهو. ائين ڪاليج لئبرريز آهن، جن مان شاگردن کي لاڀ حاصل ٿيڻ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. لئبرري ڪارڊ ٺهرائڻ کان وٺي، ڪتاب اشو ڪرائڻ تائين انهيءَ فرسٽ ايئر، انٽر ۾ پڙهندڙ شاگرد جي انا، عزت کي ڪيترن دڙڪن سان مجروح ٿو ڪيو وڃي، سو هڪ الڳ داستان آهي. اوهان کي سرڪاري لئبررين جا ڪارڊ لڳل، ٺپا لڳل ڪتاب فوٽ پاٿن ۽ گاڏن تان آرام سان ردي ۾ ملي سگهن ٿا. عجيب ملڪ ۽ سماج آهي، جتي ڪتاب کي سيڪنڊ هينڊ بجاءِ ”ردي“ ٿو چيو وڃي؟

    جتي تعليم Utilitarian تصور تحت حاصل ڪري رڳو تعليم کان نوڪري جو ڪم ورتو وڃي، رشوت ڀري نوڪري يا ڪم کان آزاد نوڪري ڪري رٽائرڊ ڪجي ۽ جتي تعليم ڪنهن خاص نظريي يا Ism لاءِ هٿيار طور استعمال ٿيندي هجي ۽ تعليم ذريعي آزاد شهري کي روبوٽ بنائي رياست جو ڪل پرزو اهڙو بنائجي جو شهري کي اها به خبر نه پوي ته هن جو وجود ڇا لئه آهي! ڇو ته تعليم هن کان آزاد سوچ کسي ٿي وٺي، اتي ڏئي وٺي لئبررين جو هڪ اهم رول ۽ ڪردار بچي ٿو، جتي شاگرد/شهري آزاداڻي نموني پڙهي سگهي ٿو. پر اسان وٽ اهو رجحان ۽ ڪلچر جيئن پوءِ تيئن مرندڙ آهي. انگريزن جيڪي تعليمي سڌارا آندا هئا، انهن ۾ پرائمري اسڪولن لاءِ لئبرري لازمي هوندي هئي. اسان جي يادگيري ۾ انهن ئي پرائمري اسڪولن ۾ ڪاٺ جي وڏين ٿلهين پيتين ۾ ڪتاب هوندا هئا، ٽن چئن پيتين تي مشتمل اها لئبرري ئي هوندي هئي، پر هاڻ جڏهن خود پرائمري اسڪول ئي هزارن جي تعداد ۾ بند ٿيڻ لڳا آهن ته اسان پرائمري اسڪولن ۾ لئبررين جو تصور ڇو ته ڪريون؟
    توکي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ڪنهن سماج جي علمي فڪري ماحول جو ماپو مياڻ هڪ اهو به آهي ته ان سماج ۾ ڪتاب ڪيترا آهن، لئبرريون ڪيتريون آهن. جڏهن يورپ ۾ سجاڳي جي تحريڪ هلڻ لڳي هئي، شهرن ۾ ائين لئبرريون کلڻ لڳيون هيون، جيئن سنڌ ۾ هوٽلون آهن. اسان کڻي علم ۽ فڪر لاءِ وڏي لٻاڙ ٿا هڻون، تحقيق ۽ تخليق ۾ تنگ توري رکيا آهن، پر شهرن ۾ پرائيوٽ توڙي سرڪاري لئبررين جو انگ ڳڻبو ته ڪتابن جي واهپي ۽ ڪاروهنوار مان ئي خبر پوندي ته مطالعي، علم، ادب جو ماحول ڪيترو آهي!؟ هن وقت جڏهن تعليم اسان جي ترجيح نه رهي آهي ۽ تعليمي بجيٽ ڪٽوتي جو شڪار رهي ٿي ته توکي ٻڌائيندو هلان ته ملڪ ۾ پبلڪ لئبرريون ٻه سئو کان به گهٽ آهن ۽ ملڪ جي آبادي آهي 14 ڪروڙ کان مٿي.

    ۽ هوڏانهن انگلينڊ آهي، جنهن ۾ رڳو پبلڪ لئبرريون به ساڍا چار هزار کان مٿي آهن. تعليمي ادارن جون يا اڪيڊمڪ لئبرريون ته انهيءَ کان الڳ آهن. ائين ڪئناڊا ۾ ٻه هزار جي لڳ ڀڳ لئبرريون آهن، آسٽريليا ۾ به اسان کان ٽيڻيون لئبرريون آهن. آمريڪا جي 70 سيڪڙو آبادي وٽ لئبرري ڪارڊ هجن ٿا. آمريڪا ۾ پبلڪ لئبرريون لڳ ڀڳ ڏهه هزار آهن. اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين جون لئبرريون ملائجن ته وڃي سوا لک ٿيون بيهن. هاڻ انهيءَ حساب سان ٽئين دنيا يا ايشيا جو ويهي حساب ڪر ڪتابن-ڪتابن جي Reading، ڇپائي ۽ لئبررين جو، پوءِ ڪا دعويٰ به ڪجي ته اسان علم فڪر ۾ اڳتي آهيون. جڏهن علم فڪر ۾ اسان هنن کي هر صورت ۾ اڳتي ڏٺو ته اسان وري ٻي واٽ ورتي. اها هيءَ هئي ته اسان روحاني علم ۾ اڳتي آهيون. يورپ مادي علم ۾ اڳتي آهي.

    فقط حفيظ ڪنڀر-حيدرآباد[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو